سکر
-
ستمبر- 2011 -5 ستمبر
ٽرانسفامر خراب ٿيڻ جو سينيٽر اسلام الدين شيخ نوٽيس وٺندي نئون ٽرانسفارمرز جي خريداريءَ اعلان ڪري ڇڏيو
سکر جي مختلف علائقن ۾ ٽرانسفامر سڙڻ ۽ خراب ٿيڻ جو سينيٽر اسلام الدين شيخ نوٽيس وٺندي نئون ٽرانسفارمرز جي خريداريءَ لاءِ پنهنجي ۽ نعمان اسلام شيخ جي خصوصي فنڊ مان 2 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن مان نوان 8 3 ٽرانسفارمر خريد ڪري سگهبا. هي ڳالهه هن سکر هائوس ۾ جيئڻ ڏيو سول سوسائٽي سکر جي آرگنائيزر سيد ذيشان بخاري جي اڳواڻيءَ ۾ ملندڙ هڪ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. اسلام الدين شيخ جو چوڻ هو ته ترانسفارمرن جي خرابي ۽ ان جي نتيجي ۾ بجلي معطل ٿيڻ جي ڪري شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو احساس آهي شهرين جي انهن مشڪلاتن کي ڏسندي نئون ٽرانسفارمرن جي خريداريءَ جي لاءِ پنهنجي ۽ نعمان اسلام شيخ جي خصوصي فنڊ مان ٻه ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
پاڪستان انٽر نيشنل هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سکر جي باڊي ٽوڙي ويئي
)پاڪستان انٽر نيشنل هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سکر ڊويزن جو اجلاس دايو هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن جي صدارت صوبائي صدر محمد انيس زئي ڪئي ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڊگهي عرصي کان سکر ڊسٽرڪٽ جي عهديدارن جي ناقص ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي سکر ڊسٽرڪٽ جي باڊي توڙي وئي جڏهن ته عمران علي دايو کي سکر ڊويزن جو صدر نامزد ڪيو ويو ۽ ان کي اهي ذميواريون ڏنيون ويون ته سکر ڊويزن ۽ ڊسٽرڪٽ جي باڊين کي تشڪيل ڏنو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
همدرد فائونڊيشن جو منشور انساني خدمت ۽ اتحاد جي ذريعي غير سياسي بنياد تي سماجي بهتري جي لاءِ عملي خدمتون پيش ڪري رھي آھي
همدرد فائونڊيشن جو منشور انساني خدمت ۽ اتحاد جي ذريعي غير سياسي بنياد تي سماجي بهتري جي لاءِ عملي خدمتون پيش ڪرڻ آهي. ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت انصاف جي بالادستي، بقائ انسانيت جو تحفظ ۽ امن ۽ محبت کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن جدوجهد ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار سکر همدرد اتحاد جي چيئرمين سيد سلطان شاهه همدرد فائونڊيشن جي مرڪزي هيڊ آفيس جي تزئين ۽ آرائش جي ڪم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته همدرد اتحاد جو مشن ۽ منشور ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام ۾ باهمي همدردانه اتحاد قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ محبت جي فروغ کي اجاگر ڪرڻ ضلعي استحڪام جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اندرون سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ امن ۽ امان جي بحالي ، علائقائي مسئلن جو حل ۽ انهن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ قانون پسند پر امن ماڻهن جي حقن جو تحفظ جو دفاع ڪرڻ آهي.
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
9 فٽن جي واڳون هڪ ٻڪري کي پنهنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيو
)سکر لڳ نارا ڪئنال مان 2 واڳون نڪري آيا ،هڪ واپس ته ٻيو مارجي ويو خبر موجب ڪالهه سکر جي صالح پت ويجهو ڳوٺ نبي بخش وٽ نارا ڪئنال مان 2 واڳئون پاڻي جي ڳوٽ ۽ بک جي ڪري ٻاهر نڪري آيا هڪ واڳون ماڻهن کي ڏسي واپس ڪئنال ۾ هليو ويو ته ٻئي 9 فٽن جي واڳون هڪ ٻڪري کي پنهنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيو بعد ۾ ڳواٺاڻن مڙسي سان واڳون کي سوگهو ڪري ماري ڇڏيو اطلاع تي جهنگلي جيوت کاتي جي عملي پهچي واڳون پنهنجي قبضي ۾ آندو جنهن جا جزا ڪڍي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا جن موجب واڳون کي مارڻ سندن قانون ۾ ڏوهه آهي
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عورت جي اپيل
ٻه مهينا اڳ ڪاري قرار ڏنل گهوٽڪي رهواسڻ مسمات قائم خاتون قتل جي ڊپ کان سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته مڙس بلاول ملڪ پنهنجي ڀائٽي ۽ ڄاٽي اصغر مل سان ڪارو قرار ڏئي کيس طلاق ڏني بعد ۾ وڏيري عبدالله ملڪ ۽ لال خان گڏاڻي جرڳو ڪري قتل جو فيصلو ٻڌايو ان ڪري پنهنجي ٻارن سان قتل جي خوف کان هتي پهتي آهيان اعلي اختياريون تحفظ فراهم ڪندي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪن.
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
برسات بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه ،ڪچي طرف پاڻي وڌڻ لڳو
برسات بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه ،ڪچي طرف پاڻي وڌڻ لڳو،گڊو ۽ سکر وٽ سطح بلند،ڪيترائي بند اڃان مظبوط نه ٿيا ۽ نه ئي سکر بندر وال جو ڪم مڪمل ٿي سگهيو خبر موجب گذريل ڪجه ڏينهن کان ملڪ سميت سنڌ اندر لاڳيتو پوندڙ برسات بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي گذريل 4 2 ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج وٽ 2 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌڻ ڪري هيٺين درجي جي ٻوڏ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ڪچي ۾ به پاڻي لاڳيتو وڌي رهيو آهي گذريل سال جي ٻوڏ بعد هاڻي تائين سنڌ ۾ ڪيترائي دريائي ۽ واهن جي بندن کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪم اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو ۽ سکر بندر وال جو ڪم به سستي سان اڳتي وڌي رهيو آهي جنهن ۾ چونڊيل نمائندن جي ڪميشنن جي ڪري ناقص مٽيريل جي استعمال جي شڪايتن باوجود سنڌ سرڪار ڪوبه ايڪشن ناهي ڪيو جنهن ڪري چونڊيل نمائندن جي منشين ۽ عزيزن کي ڪنهن به قسم جو ڪو فڪر ڪونهي
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
سکرجو خبرنامو
سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۽ ڀرپاسي ۾ عيد جا ڏينهن برسات جي ور چڙهي ويا ماڻهو عيد نماز پڙهڻ سميت تفريح ڪرڻ ۽ ملاقاتن کان محروم رهيا شهر ۾ ا هلندڙ برسات ڪري ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻيل، برسات سبب بجلي ۽ ٽيليفون جو نظام درهم برهم، سوين نمبر خراب، تيز برسات سبب ڪچا ۽ ڪکائون گهرن کي نقصان ماڻهو پٽ تي ويٺل ڪنهن به چونڊيل نمائندي غريبن جي سهائتا نه ڪئي. خبر موجب سکر سميت سڄي سنڌ ۾ هلندڙ طوفاني برساتن جو سلسلو اندرون سنڌ جي شهرن ۾ به گذريل 5 ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري آهي. اندرون سنڌ جي شهرن سکر، روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ، سيٺارجه، هنڱورجه، ٽنڊومستي، پير جو ڳوٺ، پريالو، ڳاڙهي موري، شڪارپور سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. تيز برسات پوڻ سبب هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ برسات جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب لکين روپين جو نقصان پهتو آهي. جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. گذريل 5 ڏينهن کان پوندڙ برسات سبب ڪچن ۽ ڪکاون گهرن تي سخت نقصان پهتو آهي. ۽ نقصان پهتل گهرن جا رهواسي…
وڌيڪ پڙھو -
اگست- 2011 -21 اگست
سنڌ ۾ وڌيڪ صنعتي مرڪزن جو ڄار وڇايو ويندو: ڊاڪٽر سروت فهيم
سنڌ ۾ وڌيڪ صنعتي مرڪزن جو ڄار وڇايو ويندو جڏهن ته مختلف علائقن جي صنعتڪارن سان صنعتي مرڪزن جي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سيڙپ لاءِ پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سمال انڊسٽريز ڊاڪٽر سروت فهيم سکر سرڪٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيوته سنڌ ۾ صنعتي مرڪزن جي قائم ٿيڻ سان علائقي واسين جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا جڏهن ته صوبي اندر معاشي سرگرمين کي پڻ هٿي ملندي. ميڊيا جي نمائندن جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ايم ڊي ڊاڪٽر سروت فهيم ٻُڌايو ته ماحولياتي پهلوئن کي نظر ۾ رکندي صنعتڪارن سان صنعتي مرڪزن جي قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي جڏهن ته صوبي اندر امن امان ، بجلي، گيس ۽ حد دخلين جي ڪري ماضي ۾ صنعتي مرڪز قائم نه ٿي سگهيا
وڌيڪ پڙھو -
21 اگست
چوماسي جي پوندڙ برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ۾ چاڙهه آيو ته سکر شهر کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو
)سکر شهر جي حفاظتي ديوار بندر وال ڪيترن ئي هنڌن تان حفاظتي ديوار کي مڪمل ڊاهي ڪري پٽ ڪيو ويو تازو ملڪ اندر چوماسي جي پوندڙ برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ۾ چاڙهه آيو ته سکر شهر کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر جي حفاظت لاءِ قائم ديوار بندر وال تان حڪومت قبضا ختم ڪرائي رهواسين کي 0 7 ڪروڙ روپيا معاوضو ادا ڪري رهواسين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ۽ انتظاميه پاران سکر شهر کي امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ديوار جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو هو جيڪومقرر وقت اندر مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
21 اگست
حڪمرانن ساڍن ٽن سالن ۾ ڪرائيم ڪرپشن ۽ نااهليءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن: خان محمد ڀيو
جيئي سنڌ محاذ سکر ڊويزن جو اجلاس پارٽيءَ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خان محمد ڀيو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پارٽيءَ جي تنظيمي ۽ سنڌ ۽ علائقائي سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي خان محمد ڀيو خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن ساڍن ٽن سالن ۾ ڪرائيم ڪرپشن ۽ نااهليءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هڪ طرف مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ جي دولت ۽ وسيلن کي حصا پتيون ڪري لٽي رهيا آهن ته ٻي طرف پنهنجن کسيس مفادن خاطر ۽ اقتدار جي حواس ۾ سنڌ جي قومي وحدت کي خطري ۾ وجهي سنڌ جي غيرت جو سودو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گزريل سان هٿرادو ٻوڏ آڻي سنڌ جي ٻه ڪروڙ ماڻهن کي دربدر ڪري روڊن تي ويهاريو ويو
وڌيڪ پڙھو