سکر

  • ستمبر- 2011 -
    16 ستمبر

    سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان بيت المال پاڪستان طرفان يتيم ٻارن لاءِ سکر ۾ کوليل سوئيٽ هوم جو دورو ڪيو

    )سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان بيت المال پاڪستان طرفان يتيم ٻارن لاءِ سکر ۾ کوليل سوئيٽ هوم جو دورو ڪيو. صوبائي وزير انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اهڙن فلاحي ڪمن کي هميشه جمهوري حڪومتن ۾ هٿي ڏني ويندي آهي. اهڙا گهڻا ادارا عوامي جمهوري حڪومت ۾ ئي ٺاهيا ويندا آهن. عوامي نمائندن کي وري عوام وٽ ئي واپس اچڻو هوندو آهي. اسان جي جمهوري حڪومت جو اهو ئي منشور آهي ته اسان ملڪ جي ٻارن کي سٺا شهري بنايون ته جيئن هو ملڪ ۽ قوم جا معمار بڻجي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. هي خير جو ڪم آهي ٻار اسان جو سرمايو آهن. هنن يتيم ٻارن جو سهارو اسان آهيون. اسان کي هنن ٻارن جو هر طرح سان خيال رکڻ گهرجي. هنن ٻارن جو شاندار مستقبل سنوارڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هميشه منفي پرو پيگينڊا ڪئي ويندي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 16 ستمبر

    جي يو آءِ سکر پاران سنڌ ۾ برسات متاثرن جي صحيح واهر نه ڪرڻ خلاف سکر جي منزل گاهه مدرسي کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي

    جي يو آءِ ضلعي سکر پاران سنڌ ۾ برسات متاثرن جي صحيح واهر نه ڪرڻ ۽ سکر جي عالم غلام مصطفي ڪمال پيرزادي جي قاتلن کر گرفتار نه ڪرڻ خلاف سکر جي منزل گاهه مدرسي کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ۽ نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مولانا محمد صالح انڍڙ ،حافظ غلام مصطفي ٻرڙو،مولانا عبدالڪريم عباسي،مولانا عبدالحق مهر،حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي بي حسي سبب سنڌ جا برسات متاثر ٻن هفتن کان لاوارثي ۽ اذيت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن کين غريب متاثرن جو ڪوبه عملي احساس ڪونهين رڳو اعلان ۽ ڳالهيون ڪري وڌيڪ پريشان ڪيو پيو وڃي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انهن جي واهر ڪن

    وڌيڪ پڙھو
  • 16 ستمبر

    سکر ۾ قومپرست ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر جا ڪيترائي اهم مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا هوائي فائرنگ سبب علائقن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو

    جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي جي ساٿين سميت گرفتاري جي خبر پوڻ شرط سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ قومپرست ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر جا ڪيترائي اهم مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا هوائي فائرنگ سبب علائقن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو جڏهن ته جسقم جي ضلعي صدر غلام مصطفي ڦلپوٽو ۽ مظهر عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته بشير قريشي کي ساٿين سميت فورن آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت رد عمل ڪيو وينديو هوڏانهن سکر پوليس جسقم جي 9 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي جسقم اڳواڻ غلام نبي گهانگهرو ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن بشير قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 ستمبر

    سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ شديد ۽ طوفاني برساتن کان علاوه سم نالن جا بند ٽٽڻ سان تباهي ، لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن

    سنڌ ۾ شديد برساتون پوڻ ڪري ڪيترائي علائقا ٻوڏ واري صورتحال ۾ آهن. جڏهن ته سکر سميت اندرون سنڌ جا ڪيترائي ضلعا واهه بند ٿيڻ ڪري خشڪ سالي جي ور چڙهيل آهن. ڪمند ۽ ڪپهه جي فصلن کي پاڻي نه ملڻ ڪري آبادگارن کي شديد مالي نقصان جو خدشو، خبر موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ جتي شديد ۽ طوفاني برساتن کان علاوه سم نالن جا بند ٽٽڻ سان تباهي مچي چڪي آهي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن اتي انهن ضلعن کي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سکر بئراج مان نڪرندڙ واهه جنهن مان نارا ڪينال به شامل آهي ان کي بند ڪيو ويو آهي. ڇو ته سکر بيراج مان نڪرندڙ واهه نارا ڪينال ۽ ٻيا واهن جو پاڻي سانگهڙ، ميرپور خاص، نواب شاهه، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ زراعت کي سيراب ڪندي گذرنديون آهن. مگر صورتحال تبديل ٿيڻ تي انهن واهن کي فوري طور بند ڪيو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 ستمبر

    هندو برادريءَ جا ٻه اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي نه سگھي

    چار ڏينهن اڳ صالح پٽ کان ڪنڌرا ايندي هندو برادريءَ جا ٻه اغوا ٿيل نوجوان ڪنڌرا واسي انيل ڪمار ۽ صالح پٽ واسي ساگر کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي اغوا ٿيل نوجوانن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. ڪنڌراجي اغوا ٿي ويل نوجوان انيل ڪمار جي وارثن وٽ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي حڪم تي ايڊمنسٽريٽر روهڙي اعجاز احمد پلهه ۽ ٽي او فنانس نثار منگي پهچي همدري جو اظهار ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 ستمبر

    سنڌ جا ماڻهو گذريل سال ٿيندڙ تباهه ڪن ٻوڏ جي اثر مان اڃان نڪتا ئي ناهن ته تازو برساتن انهن جي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي: مولانا فضل الرحمان

    جي يو آءِ جي قائد ۽ قومي ڪشمير جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان پاران سنڌ ۾ ٿيندڙ شديد برساتن جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ جي عوام ۽ ڪارڪنن سان گڏوگڏ پوري دنيا جي مسلمانن کي اپيل آهي ته هو سنڌ جي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪن. مولانا فضل الرحمان اها اپيل جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان ٽيليفون تي گفتگو ڪندي ڪئي. فضل الرحمان چيو ته سنڌ جا ماڻهو گذريل سال ٿيندڙ تباهه ڪن ٻوڏ جي اثر مان اڃان نڪتا ئي ناهن ته تازو برساتن انهن جي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ سنڌ جي پريس ترجمان مولانا عبدالحق مهر پاران جاري ڪيل بيان مطابق مولانا فضل الرحمان حڪومت تي به سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي آهي ته اها اڃا صحيح نموني سان برسات جي متاثرن جي مدد نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي برسات جي ٿيندڙ نقصان جو صحيح اندازو پيش ڪري سگهي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    سکر ۽ گڊو وٽ سنڌو درياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ جو سلسلو شروع ٿي ويو

    سکر ۽ گڊو وٽ سنڌو درياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ٻنهي بئراجن تي به مسلسل پاڻيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته گڊو بئراج تي پاڻيءَ جو وهڪرو 2 لک 8 4 هزار 5 2 5 ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج تي 2 لک 5 5 هزار 0 6 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي وهڪرو 0 7 هزار 1 6 7 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايندڙ 2 1 ڪلاڪن اندر گڊو بئراج تي وڌيڪ پاڻي جو ريلو پهچندو. ۽ آبپاشي کاتي پاران ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سکر بئراج مان نڪرندڙ رستن ڪينالن کي ايمرجنسي طور بند ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري وڌيڪ ڳوٺن يا فصلن کي نقصان نه پهچي سگهي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواه ۾ هلندڙ برساتن سبب پاڻي ۾ اضافو ٿيڻ سبب وچولي ٻوڏ جو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ امڪان آهي. جنهن ڪري سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد ڳوٺ ۽ گهرن سميت ڪچي جي علائقن کي شديد خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه حفاظتي بندن تي به ٻوڏ جي پاڻيءَ جو دٻاءُ ٿي سگهي ٿو

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    سکر پوليس مختلف واقعن ۾ 8 2 ڏوهارين، 5 2 1 روپوش ۽ 4 1 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو: ايس ايس پي

    ) ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل ميمڻ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته سکر پوليس مختلف واقعن ۾ 8 2 ڏوهارين، 5 2 1 روپوش ۽ 4 1 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، 6 بغير لائسنس گن، هڪ رائفل، 5 1 پسٽل، 3 ريوالور ۽ وڏي تعداد ۾ گوليون برآمد ڪري ورتيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس 5 موٽر سائيڪلون ۽ 2 ٽريڪٽر ٽرالي به برآمد ڪري ورتيون. ان کان علاوه سکر ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي اعليٰ ڪوالٽي جو 4 ڪلو 5 2 6 گرام چرس ۽ 2 9 بوتلون شراب جون برآمد ڪيون آهن.جنهن جي قيمت لکين روپيا ٻڌائي وڃي ٿي. هن چيو ته 17 آگسٽ تي پوليس پڪٽ ڪوڙو خان ڪورائي نيشنل هاءِ وي روڊ تي هٿياربندن حملو ڪري محمد علي بلو کي شهيد ڪري 2 رائفلون جي ٿري ڦري فرار ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    برساتن مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي: جاويد ميمڻ

    سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته حاليه برساتن مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي ۽ آبادگارن، هارين، جي بيٺل فصل تباهه ٿيڻ تي انهن جي نقصان جي ازالي جي لاءِ مالي امداد جو فوري انتظام ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ايندر برسات متاثرن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، برڪت علي سولنگي، عبدالرحيم سيٺي، شڪيل قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته بدامني ۽ لاقانونيت جي ڪري سنده ۾ معيشت، صنعت ۽ زراعت پهريان ئي زبون حالي جو شڪار آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 ستمبر

    سامراجي طاقتون عالم اسلام جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيون آهن: مولانا فضل الرحمان

    جي يو آءِ جي مرڪزي امير ۽ قومي ڪشمير ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سامراجي طاقتون عالم اسلام جي وسلن تي قبضو ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيون آهن. ليبيا کان پوءِ ڪنهن چوٿين اسلامي ملڪ کي نشانو بڻائڻ جون تياريون ڪيون وڃن ٿيون پر اسان جا حڪمران آمريڪا جي پوڄا پاٽ ۾ مگن آهن. امت مسلمه بيدا ٿي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي اباڻي ڳوٺ عبدالخيل ۾ جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن مولانا عبدالحق مهر ، مولانا عبدالڪريم عباسي، مولانا غلام علي، قاري عبدالغفار سومرو، مولانا سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ملندڙ الڳ الڳ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. سکر ۾ جي يو آءِ جي پريس ترجمان پاران جاري ٿيندڙ هڪ بيان جي مطابق مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چي ته پاڪستان جي خلاف به گهري سازشون ڪيون وڃن ٿيون. ۽ پاڪستان جو گهيرو تنگ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. افغانستان کان پوءِ پاڪستان کي انتها پسندي جو ڳڙهه قرار ڏيڻ ان جو ثبوت آهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button