سکر
-
اکتوبر- 2011 -25 اکتوبر
ڀٽو جو وارث ڀٽو آهي ۽ مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي ميت المرتضيٰ هائوس آندي وڃي: پي پي شھيد ڀٽو
محترمه نصرت ڀٽو جي ميت جي سکر ايئرپورٽ تي آمد جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ پاران سکر ايئرپورٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرو ڪندڙن حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪندي چيو ته محترمه نصرت ڀٽو جو جنازو المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي مان کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هيو ته ڀٽو جو وارث ڀٽو آهي ۽ مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي ميت المرتضيٰ هائوس آندي وڃي جتي غنويٰ ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر آخري رسمون ادا ڪن.
وڌيڪ پڙھو -
25 اکتوبر
گو زرداري گو جا نعرا ھڻندڙ پارٽيون سياسي تنھائي جو شڪار آھن: فردوس عاشق اعواڻ
وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غير جمهوري قوتون گو زرداري گو جا نعرا هڻي رهيون آهن ۽ اهي سياسي تنهائيءَ جو شڪار آهن، هي وقت سياست جو نه آهي. هن نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته محترمه نصرت ڀٽو جي وصال سان پاڪستاني سياست جو هڪ معتبر باب بند ٿي ويو آهي، هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ بادشاهي ڪرڻ وارا پنهنجي مفادن کي جمهوريت چوندا آهن جڏهن اهي حڪومت ۾ نه هوندا آهن
وڌيڪ پڙھو -
25 اکتوبر
نصرت ڀٽو کي سندس ور ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو
پنهنجي مڙس، ٻن جوان پٽن ۽ هڪ نياڻي جي شهادت جا گهاءَ سهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي شريڪ چيئرپرسن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي والدهه ،صدر آصف علي زرداري جي سس بيگم نصرت ڀٽو جو مڙهه سومر جي شام دبئي کان خصوصي جهاز جي ذريعي سکر ايئرپورٽ پهتو، سکر ايئرپورٽ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ بعد ۾ هيليڪاپٽر ذريعي دفنائڻ لاءِ سندس ميت کي ڳڙهي خدا بخش پهچايو ويو، جتي ان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، محترمه نصرت ڀٽو جي مڙهه سان گڏ ان جي ڌيءَ صنم ڀٽو، بلاول ڀٽو، آصفه ڀٽو، بختاور ڀٽو سکر ايئرپورٽ تي پهتا، جتي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، فردوس عاشق اعواڻ، قمرالزمان ڪائره ۽ ٻيا مرڪزي ۽ صوبائي قائدين پهرين ڏينهن موجود هئا.
وڌيڪ پڙھو -
25 اکتوبر
پاڪستان مسلم ليگ يوٿ ونگ ضلعي سکر پاران مونس الاهي جي با عزت آزاد ٿيڻ تي مٺائي ورهائي وئي
پاڪستان مسلم ليگ يوٿ ونگ ضلعي سکر پاران ضلعي صدر مختيار مهر ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالمالڪ سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن پاران مونس الاهي جي با عزت آزاد ٿيڻ تي مٺائي ورهائي وئي ۽ ڪارڪنن ان مو قعي تي مونس الاهي جي حق ۾ نعرا هنيا، ضلعي صدر مختيار مهر چيو ته مونس الاهي تي جيڪي الزام هنيا ويا هئا اهي سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا ۽ ڪورٽ مونس الاهيءَ کي باعزت طور تي بري ڪري ڇڏيو، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ق ليگ جي قائد هميشه محب وطن ڪيا آهن ۽ سچا پاڪستاني آهن
وڌيڪ پڙھو -
20 اکتوبر
حڪومت بيروزگاري، بک، افلاس ۽ وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول جي ذميواري پوري نه ڪئي ته غربت جي وڌندڙ شرح جا ملڪي معيشت تي ڀيانڪ اثر پوندا: حاجي محمد جاويد ميمڻ
سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ وفاقي اداري شماريات پاران مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري ساڍا 7 ڪروڙ پاڪستاني جيڪي ٽوٽل آبادي جو تقريبن اڌ ٿين ٿا کي غربت جي لکير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت بيروزگاري، بک، افلاس ۽ وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول جي ذميواري پوري نه ڪئي ته غربت جي وڌندڙ شرح جا ملڪي معيشت تي ڀيانڪ اثر پوندا
وڌيڪ پڙھو -
20 اکتوبر
مخالف ميان نواز شريف جي سنڌ جي دوري دوران متاثرن جي امداد ڪرڻ کان بوکلائجي ويا آهن: ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ
پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزر ڪميٽيءَ جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ چيو آهي ته ميان نواز شريف اندروني سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بي لوث خدمت ۽ امدادي سامان تقسيم ڪري رهيو آهي مخالف ميان نواز شريف جي سنڌ جي دوري دوران متاثرن جي امداد ڪرڻ کان بوکلائجي ويا آهن ۽ منفي پروپئگنڊا جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف ملڪ ۽ قوم جو خيرخواه آهي ان کي اقتدار جي نه عوام جي خدمت سڀ کان وڌ يڪ عزيز آهي
وڌيڪ پڙھو -
20 اکتوبر
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ضلع سکر طرفان انساني حقن جو عالمي منشور ۽ رواداري جو موضوع تي پروگرام ٿي گذريا
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ضلع سکر طرفان ضلعي ڪور گروپ ڪو آرڊينيٽر شاڪر جمالي جي سربراهي ۾ گورنمينٽ ڊبل اليڪشن هائي اسڪول سکر ۽ گورنمينٽ ڪمپريهينسو هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ انساني حقن جو عالمي منشور ۽ رواداري جو موضوع تي پروگرام ٿي گذريا. رواداري جي موضوع تي ضلعي ڪور گروپ ڪو آڊينيٽر شاڪر جمالي چيو ته اسلام اسان کي هڪجهڙائي، پيار محبت جو درس ڏنو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي ته ڪنهن به عربي کي عجمي تي ۽ عجمي کي عربي تي ڪا به فوقيت ناهي. اسين سڀ پاڪستاني آهيون، اسان سڀ تي ڀائيچاري، ايڪي ۽ ٻڌي سان رهون ۽ نه ئي ڪنهن کي گهٽ سمجهون ڀلي اهو مسلم هجي يا غير مسلم، دل مان بغض ڪينو ۽ ساڙ ڪڍي ڇڏيون ته اسان جون ملڪ خوشحالي طرف وڌندو
وڌيڪ پڙھو -
20 اکتوبر
روھڙي جي ميراڻي برادري جو ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري سکر ۾ مظاھرو
روهڙي جي علائقي جهانگڙو جي رهائشي ميراڻي برادري جي ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري خلاف سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، مظاهري جي قيادت شير محمد، محمد يوسف ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان جي برادري جا ماڻهو روز وانگر درياءَ ۾ ٻيڙي جي ذريعي ڄار وجهڻ لءِ مڇيون پڪڙي رهيا هئا ته اچانڪ انهن تي جاگيراڻي برادري جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ ڪري اياز احمد ميراڻي کي زخمي ڪيو ۽ اسان جي ماڻهن کان ڄار کسي ٻيڙي تي قبضو ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
19 اکتوبر
حڪومت پاڪستان ريلوي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي کربين روپين جي قبضي ڪيل ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو
حڪومت پاڪستان ريلوي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ۽ ان تي منافع بخش ادارو بنائڻ لاءِ سکر سميت سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي کربين روپين جي قبضي ڪيل ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو. اهو فيصلو ريلوي انتظاميا پاران صدر آصف زرداري سان ملاقات بعد ڪيو ويو، ذريعن مطابق ريلوي انتظاميا صدر کي تجويز ڏني ته سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيل آهن ۽ ايرا ضي کان قبضا ختم ڪرائي ليز تي ڏنا وڃن ته ريلوي نه صرف خساري مان نڪري منافع بخش ادارو ٿي ويندو بلڪه اربين روپين جي آمدنيءَ کان علاوه کاتي جي مٿان 0 4 ارب روپين جو قرض به لهي ويندو. ريلوي جي تاريخ جي سنگين ترين مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻ بدران اداري جي ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ تي توجهه ڏني وڃي
وڌيڪ پڙھو -
19 اکتوبر
جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلع سکر جي اڳواڻن ٻوڏ ۽ سيلاب ذريعي تباهه ٿيل سنڌين جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف حڪومت دارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلع سکر جي اڳواڻن اعجاز چاچڙ، لياقت چنه، جاني شيخ جي قيادت ۾ ٻوڏ ۽ سيلاب ذريعي تباهه ٿيل سنڌين جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف حڪومت دارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته دنيا جي عظيم ۽ لا زوال تهذيب يافته ملڪ ۽ سنڌي قوم کي حڪمران ۽ رياستي ادارا هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهن. اسين بين الاقوامي برادري ۽ ويلفيئر ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته سنڌي قوم جي مدد ڪئي وڃي جو هتان جا حڪمران سنڌ کي هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهن. اسين اقوام متحده، يورپي يونين ۽ بين الاقوامي براداري سنڌيءَ ريت سنڌي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ تعاون ڪن ۽ دنيا جي عظيم تهذيب يافته ملڪ سنڌ کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن
وڌيڪ پڙھو