سکر

  • اکتوبر- 2011 -
    26 اکتوبر

    سکر ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪري ڦر ڪري ويا

    سکر جي علائقي نئين پنڊ ۾ 5 نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪري هڪ لک 70 هزار روڪ، 14 تولا سون ۽ 3 ڌيئرن جي ڏاج جو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڪالهه سکر جي علائقي نئين پنڊ جي پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ 5 نامعلوم هٿياربند محمد اسماعيل ولد اڪبر خان هزاره جي گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻائي گهر ۾ پيل هڪ لک 0 7 هزار روپيا روڪ، 14 تولا سونا زيورن سميت 3 ڌيئرن جي ڏاج جو سامان ڦر ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 اکتوبر

    بيگم نصرت ڀٽو مشڪل وقت ۾ پارٽيءَ کي متحد رکيو ۽ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.: مسلم ليگ فنڪشنل

    مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ سيد غضنفر شاهه موسوي، سماجي اڳواڻ سيد نسيم عباس شاهه، سيد جواد شاهه، سيد سجاد حسين شاهه موسوي، رضوان احمد شيخ، سلمان احمد شيخ سميت ٻين پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪوي آهي. هنن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل وقت ۾ پارٽيءَ کي متحد رکيو ۽ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه سگهندو. جمهوريت لاءِ ڀٽو خاندان جون بي پناهه قربانيون آهن. ان جو مثال تاريخ ۾ نه ملندي ۽ ڀٽو خاندان ڏنل قربانين ملڪي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 اکتوبر

    جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي: مشاھد حسين سيد

    مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي تعزيت کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي. بيان بازين سان حڪومتون نه وينديون آهن. پيپلزپارٽيءَ سان اتحادي هجڻ باوجود اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسون. مگر سيٽ ايڊجسٽمنٽ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پنجاب ۾ تبديليءَ جي حوالي سان هن چيو ته مون کي علم نه آهي ته ائين ممڪن به نه آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 اکتوبر

    روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيزل جو بحران برقرار اپ ۽ ڊائون ٽرنيون ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون رهيون

    روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيزل جو بحران برقرار اپ ۽ ڊائون ٽرنيون ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون رهيون خيبر ميل ۽ قراقرم ايڪسپريس جي مسافرن ڪاوڙ ۾ اچي ريلوي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي اسٽيشن ماستر جي آفيس جو گهيراءُ، عملو آفيس ڇڏي ڪري غائب، خيبر ميل ايڪسپريس جو ڊرائيور خوف وچان انجڻ تان لهي ويو، مسافر انجڻ تي سوار ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 اکتوبر

    ريلوي انتظاميا جي غفلت ۽ ملي ڀڳت جي ڪري مسافر ٽرينن ۾ غير قانوني شين اسمگلنگ جاري

    ريلوي انتظاميا جي غفلت ۽ ملي ڀڳت جي ڪري مسافر ٽرينن ۾ غير قانوني شين اسمگلنگ جاري، ڪوئٽيا ۽ پشاور کان ايندڙ ٽرينن ۾ غير قانوني ڪپڙا، پان پراگ، آتش گير مادي سميت ٻيون شيون روهڙي ريلوي اسٽيشن تي لاهي ڪري ٽرانسپورٽ جي ذريعي ٻين شهرن ڏانهن پهچايو ويندو آهي. روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو روهڙي پوليس جو ڇاپو، پان پراگ سان ڀريل 2 3 ٻوريون ضبط، 5 جوابدار گرفتار، خبر موجب مسافر ٽرينن ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين غير قانوني پان پراگ، ڪپڙو، آتش گير مادي سميت ٻيو سامان به اسمگلنگ معمول بڻجي وئي آهي پشاور ۽ ڪوئيٽا کان ايندڙ ٽرينن ۾ اسمگلنگ جو سامان کڻي ڪري روهڙي ريلوي اسٽيشن تي لاٿو ويندو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 اکتوبر

    اگر ريلوي کي منافعي بخش طريقي سان هلائڻو آهي ته کاتي مان پهريان ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو: ريلوي يونين جو اڳواڻ

    پاڪستان ريلوي ٽريفڪ يارڊ جو هڪ اهم اجلاس روهڙيءَ ۾ مولي ڏنو جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جو مهمان خصوصي مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالرحمان عرف جڳا هو. هنن چيو ته اگر ريلوي کي منافعي بخش طريقي سان هلائڻو آهي ته کاتي مان پهريان ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو. عبدالرحمان عرف جڳا عدالتي ٽيم ٺاهي ڪري جوابدارن کي پڪڙي سگهجي ٿو. جهڙي طرح بجلي جو بل ملازمن جي پگهارن مان ڪٽيو وڃي ٿو. مگر حڪومت جمع نه ٿي ڪرائي، کاتي ۾ آفيسرن جي فوج ۽ شاهه خرچين سبب ريلوي کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 اکتوبر

    ڪرنل قذافي جي انجام سان پاڪستان جي حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ کپي: کپي آل پاڪستان مسلم ليگ

    ڪرنل قذافي جي انجام سان پاڪستان جي حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ کپي آل پاڪستان مسلم ليگ سکر ريجن جو اجلاس ريجنل زونل آرگنائيزر سيد سردار علي شاه جيلاني ايڊووڪيٽ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ لائيرز ونگ جي صدر عبدالوحيد عرشي ايڊووڪيٽ، حاجي عبدالرحمان سمون، عبدالستار شيخ، سهيل صادق ۽ ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي بگڙجندڙ صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪيو ويو، بجلي، گئس، پئٽرول، کنڊ، اٽي سميت هر شيءِ مهانگي ڪري عوام کي غيض ۽ غضب جي حڪمران دعوت ڏئي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 اکتوبر

    جمعيت علماءِ اسلام پوليس تي عدم اطمينان جو اظھار

    جمعيت علماءِ اسلام جي 3 ڪارڪنن مصطفيٰ ڪمال پيرزادو، محمد سومرو چوهاڻ، مولانا عبدالرشيد مهر جي قتل ۽ قاتلن جي عدم گرفتاريءَ ۽ ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل ميمڻ جي نااهل پوليس پاران قاتلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ خلاف مدرسه بدرالهديٰ توحيديه ۾ جعيت علماءِ اسلام جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن جو مهمان خاص جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هيو، اجلاس ۾ مولانا عبيد الله ڀٽو، حافظ رفيق احمد توحيدي، شهيد ڪارڪنن جا و ارث، ابو جنيد چوهاڻ، عمر فاروق پيرزادو، حافظ غلام مصطفيٰ سومرو، محمد اعجاز مهر، قاري عبدالستار عباسي، حاجي نثار احمد سومرو، مولانا عبدالحق مهر سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جي يو آءِ جي ٽن ڪارڪنن جي قتل ۽ قاتلن جي سرپرست سکر پوليس کي قرار ڏنو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 اکتوبر

    نئين بس ٽرمينل ڀرسان ڊينٽر پينٽر ڪالونيءَ ۾ جاري ترقياتي ڪمآخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن: سکر

    موٽر ورڪس ايسوسئيشن جي صدر تاج محمد شيخ چيو آهي ته نئين بس ٽرمينل ڀرسان ڊينٽر پينٽر ڪالونيءَ ۾ جاري ترقياتي ڪمآخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ ضلعي انتظاميا پاران مڪمل دٻاءُ آهي ته جلد کان جلد مسترين کي شهر کان ٻاهر منتقليءَ تي يقيني بنايو وڃي. موٽر ورڪس ايسوسئيشن جي مجلس عامله جي هڪ اهم اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هيو، ان موقعي تي نائب صدر شفيق آرائين، سرپرست اعليٰ جان خان، عارف، ذاڪر خان، شڪيل ڀٽي، الاهي بخش سميت ٻيا زميدار به موجود هئا. اجلاس ۾ تنظيمي امور ۽ خاص ڪري مسترين کي ٻاهري منتقليءَ جي حوالي سان تفصيلي غور و فڪر ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 اکتوبر

    سکر ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 2 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا

    سکر جي علائقي وڏي سبزي مارڪيٽ ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 2 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندا ويا، فوتي ٺل جا رهواسي هئا، خبر موجب سومر ڏينهن سکر جي علائقي وڏي سبزي مارڪيٽ ويجهو سوسائٽي روڊ وٽ مٽيءَ جي ٽريڪٽر ٽرالي ڀريندڙ 2 مزدور نهال خان، خوشدل بنگلاڻي مٽي ڀري رهيا هئا ته اوچتو مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ٻئي مزدور دٻجي فوت ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button