سکر
-
اکتوبر- 2011 -27 اکتوبر
محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي بدولت اڄ ملڪ ۾ جمهوريت زنده آهي: نويد قمر
پاڻي ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير نويد قمر چيو آهي ته محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي بدولت اڄ ملڪ ۾ جمهوريت زنده آهي بيگم نصرت ڀٽو فوجي ڊڪٽيٽر جي سامهون جمهوريت جي آزادي جي سلسلي ۾ ڄمي ڪري مقابلو ڪيو، جمهوريت پاڪستان لاءِ ڀٽو خاندان جون لازوال قربانين تي ڪڏهن فراموش نٿو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدا بخش روانگي بعد سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، بجليءَ جي فراهمي جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن ۾ بهتري آئي آهي، هن وقت پاڪستان ۾ بجليءَ جي فراهمي ۽ پبلڪ ڊمانڊ ٻئي برابر آهن.
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
اگر پنجاب جو وڏو وزير صدر کي نٿو مڃي ته اسان به پنجاب جي وڏي وزير کي نه ٿا مڃون: امتياز صفدر وڙائچ
پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر امتياز صفدر وڙائچ چيو آهي ته اگر پنجاب جو وڏو وزير صدر کي نٿو مڃي ته اسان به پنجاب جي وڏي وزير کي نه ٿا مڃون، هن پنجاب جي وڏي وزير کي مشورو ڏنو ته اگر اهو سمجهي ٿو ته ان جي لانگ مارچ يا احتجاجي تحريڪ هلائڻ سان حڪومت ختم ٿي ويندي ته اها انهن جي ڀل آهي، اگر پ پ جي ڪارڪنن رائيونڊ محل تي ڌرڻو ڏنو ته پنجاب حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ڪا به دشواري پيش نه ايندي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري عوام جو منتخب صدر آهي ۽ ان کي صدر پاڪستان تسليم ڪر ڻ وارا اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي عوام کي هر لحاظ کان بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
ڏکيل انسان جي خدمت سنت رسول ۽ اجر جو باعث آهي: حافظ منظور الاهي
اهلحديث يوٿ فورس پاڪستان جي نائب ناظم اعليٰ حافظ منظور الاهي چيو آهي ته ڏکيل انسان جي خدمت سنت رسول ۽ اجر جو باعث آهي، ان لاءِ مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان هر وقت پنهنجي ڏکويل ڀائرن جي مدد لاءِ تيار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزي جامع مسجد اهلحديث مارچ بازار سکر ۾ عيد پئڪيج متاثرين ۾ تقسيم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر پاران بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي هڪ تعزيتي اجلاس
مادري جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر پاران هڪ تعزيتي اجلاس جنرل سيڪريٽري اصلاح الدين شيخ جي زير صدارت منعقد ٿيو، اجلاس ۾ امير الدين شيخ، نعيم بيگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اصلاح الدين شيخ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو عظيم زال ۽ عظيم ماءُ هئي ان جون پيپلز پارٽيءَ لاءِ عظيم قربانيون هيون، ان جي وفات ڪنهن سانحي کان گهٽ نه آهي، مسلم ليگ ق جي رهنما حاجي اعجاز ميمڻ چيو ته پاڪستان لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جون قربانيون ڪڏهن به فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جي سزا تي مٺايون ورهائڻ وارا اڄ پيپلز پارٽي ۾ وزارتون وٺي ڪري مداريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: غلام شبير دايو
پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ مسلم ليگ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جي سزا تي مٺايون ورهائڻ وارا اڄ پيپلز پارٽي ۾ وزارتون وٺي ڪري مداريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ان پنهنجي دفتر ۾ ملندڙ وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيون. وفد ۾ احمدعلي جتوئي، شيخ مرزا، محمد نواز سومرو، لياقت علي ۽ ٻيا شامل هئا، غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته عمران خان حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ميان نواز شريف عوام جي بنيادي حقن ۽ پاڪستان جي بچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جيڪي حڪومت ۽ انهن جي وزيرن کي سمجهه ۾ نٿيون اچن
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ۾ سيد غلام مجتبيٰ شاه کي چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو هڪ بهتر عمل آهي: سپلا
بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ۾ سيد غلام مجتبيٰ شاه کي چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو هڪ بهتر عمل آهي، سپلا جو پراڻو مطالبو رهيو آهي ته سرڪاري سرپرستي ۾ تعليمي ادارن ۽ سنڌ جي تمام تعليمي بورڊن ۾ حاضر سروس ملازمن کي ترقي ڏئي ڪري اعليٰ عهدن تي فائز ڪيو وڃي. ان عمل سان هڪ طرف ادارن جي اندروني ۽ بيروني مسئلن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ته ٻئي طرف صحيح حل جلد ممڪن ٿي سگهندو. سيد غلام مجتبيٰ شاه سکر بورڊ ۾ مختلف عهدن تي فائز رهي ڪري پنهنجا فرض احسن طور تي انجام ڏيندو رهيو آهي ان جو بورڊ جي اعليٰ عهدي تي فائز ڪرڻ بورڊ لاءِ هڪ سٺو قدم ثابت ٿيندو.
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
ڪسٽم اهلڪارن ڪوئيٽه کان ڪراچي ويندڙ مسافر مان غير قانوني سامان بر آمد ڪيو
سکر سٽي باءِ پاس تي ڪسٽم اهلڪارن ڪارروائي ڪندي ڪوئيٽه کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس کي روڪي ڪري تلاشي ورتي ته ڇت تي ٻورين ۾ بند وڏي تعداد ۾ غير قانوني سامان بر آمد ڪيو، ذريعن مطابق ڪيترن ئي ٻورن ۾ موجود لکين روپين جي ماليت جا موبائل فون ۽ اليڪٽرانڪ سامان هيو، جيڪو ڪوئيٽه کان ڪراچي اسمگلنگ ڪيو پيو وڃي، انٽيليجنس اهلڪارن جي مبينه طور تي ڪارروائي بعد ڪيس داخل ڪرڻ بدران قبضي ۾ ڪيل سڄو سامان سرڪاري گاڏي ۽ نجي گاڏين ۾ وجهي ڪري ڪسٽم آفيس منتقل ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي دعويٰ ھڪ ڪوڙ ۽ ڌوڪو آھي : ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سرڪاري دعويدارن جي ان دعويٰ کي ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي اڪثريت کي بحال ڪري ڇڏيو آهي کي رد ڪندي چيو آهي ته اها دعويٰ بلڪل ڪوڙي ۽ ڌوڪو آهي ۽ متاثرن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي مترادف آهي، جي يو آءِ سنڌ جي پريس ترجمان مولانا عبدالحق مهر پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سکر ويجهو ڳاڙهي موريءَ ۾ جي يو آءِ پاران منعقد عظيم الشان عظمت اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هو پاڻ هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو متاثر علائقن ۾ ويو آهي ۽ دعويٰ سان چوان ٿو ته اڃان تائين 0 2 فيصد متاثرن کي به پنهنجي گهرن تائين واپس نه ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
بيگم نصرت ڀٽو آمر ۽ جابر جو وڏي جذبي ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو: شرجيل انعام ميمڻ
سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي وفات پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي بيگم نصرت ڀٽو آمر ۽ جابر جو وڏي جذبي ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، اڄ جي جمهوريت ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو وڏو ڪردار آهي، هن بيگم نصرت ڀٽو جي مشن کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو، مسلم ليگ ن طرفان لاهور مان نڪرندڙ ريليءَ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسان سمجهندا هئاسين ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي وڏيون پارٽيون پختگيءَ جو مظاهرو ڪنديون
وڌيڪ پڙھو -
26 اکتوبر
سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي جيل قانون موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن: صوبائي وزير صادق ميمڻ
سنڌ جي جيلن واري صوبائي وزير صادق ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي جيل قانون موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي هنر مند ۽ تعليم يافتا بنائڻ لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته جيلن ۾ جلد موبائيل فون استعمال ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو سکر سينٽرل جيل جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيلن ۾ قيدين سان زيادتين جي شڪايتن تي هن جيلن جو دورو شروع ڪري ڇڏيو آهي قيدين سان جيل انتظاميا جي زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪو جيل عملدار ان عمل ۾ ملوث ظاهر ٿيو ته ان خلاف پڻ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ ڪيترن سالن کان قيد قيدي انصاف لاءِ عدالتن ڏانهن نهاري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو