سکر
-
اکتوبر- 2011 -30 اکتوبر
نواز ليگ جي ڪامياب احتجاجي گو زرداري گو ريليءَ سان حڪمرانن جون ننڊون اڏري ويون آهن: غلام شبير دايو
پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ، سليم اختر مغل، ذيشان بخاري، عبدالغفار راجپوت، احمد جتوئي، ۽ ٻين لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي گو زرداري گو جي ريليءَ جي ڪاميابيءَ تي مسلم ليگ ن جي قائدين ۽ ڪارڪنن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ جي ڪامياب احتجاجي گو زرداري گو ريليءَ سان حڪمرانن جون ننڊون اڏري ويون آهن ۽ هو بوکلائجي ويا آهن. هن چيو ته ڀٽو جي ڦاسيءَ تي خوشيون منائڻ وارا اڄ پ پ جا وفادار ٿي ڪري شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار ٿي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
30 اکتوبر
2 موڪلن وارو سلسلو فوري بند ڪيو وڃي: تاجر
مرڪزي جمعيت علماءِ پاڪستان ضلع سکر ۽ انجمن تاجران شڪارپور روڊ جي صدر حاجي محمد انور وارثي چيو آهي ته هفتي ۾ 2 موڪلن وارو سلسلو فوري بند ڪيو وڃي، حڪومت پاران 2 موڪلون ڪرڻ سبب قومي معيشيت، صنعت ۽ تجارت ۽ ڪاروباري زندگي بدحاليءَ بعد بلڪل تباهه ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن جون موڪلون ڪري عوام کي معاشي مشڪلاتن،مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ کي وڌايو ويو آهي، جنهن تي سڄي قوم کي گهري تشويش آهي
وڌيڪ پڙھو -
29 اکتوبر
حڪومت اپوزيشن ۽ اتحادي اقتدار جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مفاهمت جي نالي تي مفادن جي سياست ڪري عوامي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان بي خبر آهن: حاجي محمد جاويد ميمڻ
سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جي ڪري غريب ۽ مفلس ماڻهن جي خودڪشين ۽ مرڻ جا واقعا حڪومت ۽ معاشري جي لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته حڪومت اپوزيشن ۽ اتحادي اقتدار جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مفاهمت جي نالي تي مفادن جي سياست ڪري عوامي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان بي خبر آهن هو پنهنجي آفيس ۾ بيروزگار ۽ تعليم يافته نوجوانن جي وفد سان گفتگو ڪري رهيو هو، هن چيو ته غربت جي خاتمي ۽ سرڪاري امدادي اسڪيمن جي ذريعي مستحق ماڻهن جي داد رسي ۽ حڪومتي دعويٰ خودڪشين جي واقعن کانپوءِ غير موثر ٿي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
29 اکتوبر
جوڳي جاڳو اتحاد طرفان ناز باءِ پاس وٽ احتجاجي مظاهرو
جوڳي جاڳو اتحاد سنڌ جي چيئرمين ساحل جوڳي، سيڪريٽري جنرل علي جوڳي، ڊاڪٽر رشيد جوڳي ۽ جوڳي برادريءَ پاران سکر جي سائيٽ ايريا پوليس جي نا اهلي ۽ مرڪزي وائيس چيئرمين علي شير جوڳي جي گهر ۾ ڌاڙي خلاف ناز باءِ پاس وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ خيرپور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي جي جوڳين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جوڳين سائيٽ ايريا پوليس خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته گذريل خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات دير سان سبزي منڊي ڀرسان ڳوٺ خميسو جوڳي ۾ پنج کان مٿي هٿياربند داخل ٿي هيٿارن جي زور تي اپلائيڊ موٽر سائيڪل سي ڊي 0 7 ، سونا زيور، ڪپڙا، موبائيل سيٽ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
29 اکتوبر
موجوده حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي، ڪرپشن ۽ ڦر لٽ جو بازار گرم آهي: ڪندي غلام شبير دايو ايڊوڪيٽ
پاڪستان مسلم ليگ ن پاران موجوده حڪومت کي ڪرپشن، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ خلاف گو زرداري گو ريلي شمس آباد سکر کان نشاط چوڪ تائين مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريليءَ ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مهانگائي، ڪرپشن ختم ڪيو ۽ گو زرداري گو جا نعرا درج هئا، احتجاجي ريليءَ کي خطاب ڪندي غلام شبير دايو ايڊوڪيٽ چيو ته موجوده حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
29 اکتوبر
پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومت خلاف هلائي ويندڙ تحريڪون حڪومت کي هٽائي نٿيون سگهن: مولانا عبدالغفور حيدري
جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومت خلاف هلائي ويندڙ تحريڪون حڪومت کي هٽائي نٿيون سگهن، پارليامينٽ پنهنجي مدت پوري ڪندي ملڪي مفادن خاطر غير جمهوري تحريڪن جو ساٿ نه ڏينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سکر ۾ جي يو آءِ رهنما آغا سيد محمد ايوب جي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي غريب ۽ مظلوم عوام پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن کان تنگ اچي چڪي آهي، پاڪستان جي عوام هڪ نئين قيادت جي خواهش مند آهي، جي يو آءِ پاڪستان جي در پيش مسئلن کان نجات ڏيارائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
29 اکتوبر
جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع سکر جي پريس سيڪريٽري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع سکر جي پريس سيڪريٽري امام الدين محمداڻي، پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي جسقم ضلعي سکر جي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو ايجنسين جو ماڻهو آهي ۽ هٿ سان پارٽي اندر دوستن کي ٻڌرائي ٿو ۽ ڪارڪنن کي هٿ سان پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو جنهن ڪري پارٽي تباهه ٿي رهي آهي، 4 مهينا اڳ نساسڪ جي مسئلي تي في ڪارڪن کان 0 2 هزار روپيه ورتا هئا ۽ 0 2 ڪارڪنن جا پئسا کائي ويو، امام الدين محمداڻيءَ چيو ته جسقم مرڪز کي به ضلعي صدر بابت شڪايتون ڪيون ويون، مگر انهن به ڪو نوٽيس نه ورتو
وڌيڪ پڙھو -
29 اکتوبر
گو زرداري گو ريلي سان حڪومت جي ايوانن ۾ حل چل مچي وئي آهي: پاڪستان مسلم ليگ (ن) سکر
مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف جي اپيل تي ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۾ به هڪ عظيم الشان احتجاجي گو زرداري گو ريلي مسلم ليگ ن سکر سٽيءَ جي صدر يونس راجپوت ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عظيم عباسي پاران ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ضلعي نائب صدر ناصر لطيف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عاشق علي عباسي ڪئي، ريليءَ ۾ تعلقه 2 جي صدر الهداد بوزدار، جنرل سيڪريٽري خورشيد ميراڻي، روهڙي جي صدر فضل قادر، يامين عباسي، ڪاشف عباسي کان علاوه وڏي تعداد ۾ عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
29 اکتوبر
بلوچستان ۾ ڪنهن به آزاديءَ جي تحريڪ جي باري ۾ مون کي ڪو به علم نه آهي: نواب اسلم رئيساڻي
بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن به آزاديءَ جي تحريڪ جي باري ۾ مون کي ڪو به علم نه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان حقوق پئڪيج تي عملدرآمد ٿئي يا نه اهو ڏيڻ وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا توهان ان کان سوال ڪيو ته حقوق پئڪيج ڪٿي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي مقبول ۽ مضبوط پارٽي آهي ان جي سامهون تحريڪ ۽ لانگ مارچ جي ڪا به حيثيت نه ٿا رکن، هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات ڀٽو خاندان سميت پيپلزپارٽيءَ جي هر هڪ ڪارڪن لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي، ان جي وفات تي تمام پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪن غمزده آهن.
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
موجوده حڪومت خلاف اگر ڪنهن کي تحريڪ يا لانگ مارچ هلائڻ جو شوق آهي ته اهو پورو ڪري وٺن: چوڌري اعتزاز احسن
ناليواري قانوندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احمد چيو آهي ته موجوده حڪومت خلاف اگر ڪنهن کي تحريڪ يا لانگ مارچ هلائڻ جو شوق آهي ته اهو پورو ڪري وٺن اسان کي يا اسان جي حڪومت کي لانگ مارچ يا تحريڪ مان ڪو ئي به نقصان نه ٿيندو.پاڪستان مسلم ليگ ن سميت تمام سياسي پارٽين جي آزاد سياست ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. مگر اسان مفاهمت جو دامن پڪڙي رکيو آهي، اهڙو اظهار هن ڳڙهي خدا بخش روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ۽ شاه محمود قر يشي بهادر پ پ اڳواڻ آهن هنن جي اختلاف رحمان ملڪ يا جهانگير بدر سان ٿي سگهن ٿا مگر هو پارٽيءَ جو حصو آهن
وڌيڪ پڙھو