سکر
-
دسمبر- 2011 -23 دسمبر
ٽوڙي بند وفاقي وزير ٽوڙايو: پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو
پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي صدر سردار تاج محمد ڊومڪي، فوزيه ارشد، اسلم نارو، اصغر چوهاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته سکر سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير جيڪو اڳ ۾ ميٽر ريڊر هو ان پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي ۽ ان پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ٽوڙي بند کي ٽوڙايو جيڪو ڪشمور کان وٺي ڪي ٽي بندر تائين سنڌ جي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ماڻهو اڃان تائين ڪيمپن ۾ ويٺل آهن ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون نه ملي رهيون آهن، اهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ کاڌي پيتي جي شين بدران انهن کي لٺيون ۽ گوليون ڏنيون ويون، هنن چيو ته هن ملڪ ۾ نوڪريون صرف ايم اين اي، ايم پي اي جي پٽن ۽ مائٽن کي ملي رهيون آهن، نوجوان نوڪرين لاءِ دربدر آهن
وڌيڪ پڙھو -
23 دسمبر
ميمو ڪيس ۾ زرداري غداري ڪئي آهي زرداري آمريڪا جو غلام آهي: غنويٰ ڀٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اسين عوامي رابطا مهم لاءِ نڪتا آهيون ۽ عوام کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ نڪتا آهيون، هاڻي عوام به ميدان ۾ نڪري رهيو آهي ۽ احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ ان جنگ ۾ حصو وٺي رهيو آهي جيڪا جنگ امير ۽ غريب جي آهي، ميمو ڪيس ۾ زرداري غداري ڪئي آهي زرداري آمريڪا جو غلام آهي، ميمو ڪيس ۾ زرداري فوج سان غداري ڪئي آهي، حڪمران پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور ٿي چڪا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي گرائونڊ سکر ۾ هڪ جلسي عام کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سامراجي ملڪ غريب ملڪن تي قبضو ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪا عراق، افغانستان، فلسطين سميت ٻين ملڪن تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي غريب عوام تي به حملا ٿي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
23 دسمبر
آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: خالد اطهر محمود
آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪرپشن ۾ ملوث اسٽاف سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سيڪريٽري آبپاشي کاتو خالد اطهر محمود پاران سکر، روهڙي سميت ٻين شهرن ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تي قائم غير قانوني تعميرات ۽ بندروال جي تعيمراتي جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ان سان گڏ اڳوڻو سيڪريٽري ۽ ماهرن ادريس راجپوت، نور محمد بلوچ، منصوب زيدي، چيف انجنيئر اعجاز احمد ۽ ٻيا به موجود هئا، ان موقعي تي هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياهه جي ڪناري تي قائم ٿيندڙ تعيمرات خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
وڌيڪ پڙھو -
23 دسمبر
دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي، شهداءِ اسلام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، اسان کي کپي ته دين جي حفاظت ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن کان سبق حاصل ڪندي ملڪ کي اسلام دشمن عناصرن کان بچايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ جي يو آءِ يونٽ شمس آباد ۾ منعقد ڪيل شهداءِ اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي هن ڪيترن ئي بحرانن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، موجوده حڪمران اسلام دشمن عناصرن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جا طوفان آڻڻ تي تريل آهن
وڌيڪ پڙھو -
23 دسمبر
روهڙي ۾ تحريڪ انصاف جو شاندار جلسو، مختلف سياسي جماعتن کان تعلق رکندڙ پارٽي ۾ شامل,ميمو حقيقت آهي، حڪومت کي سندس استعيفي ڏيڻ کپي، ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ
تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ريجن جو روهڙي ۾ شاندار جلسو ٿيو جنهن ۾ڪارڪنن سميت ٻين سياسي ڌرين سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سکر ريجن جي آرگنائزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو ته ڪراچي جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، سندس هر رڪاوٽ کي ٽوڙي چڏيندا سون، ڪراچي جلسي ۾ سڄي سنڌ مان لکين ماڻهو جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪندا، جلسو،هن وڌيڪ چيو ته ميمو هڪ حقيقت آهي، ان لاء حڪومت کي استعفي ڏيڻ کپي، روهڙي جلسي دوران مختلف جماعتن سان واسطور رکندڙن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ پي پي پي، مسلم ليگ ن جا اهم اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن سميت شموليت اختيار ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
22 دسمبر
ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ شهر ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ ناقص صفائي جي انتظامن تي نساسڪ جي ايم ڊي خلاف گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو
سکر شهري اتحاد پاران ضلعي سکر ۾ سوئي گيس جي غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ شهر ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ ناقص صفائي جي انتظامن تي نساسڪ جي ايم ڊي خلاف گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيد الله ڀٽو، مولانا عبدالحق مهر، سيد عمران علي شاه، محمد اعظم مهر، نور الله ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي ته هئي پر الٽو غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ڪري گهريلو عورتن کي وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي عورتون ڪاٺيون ٻاري کاڌو پچائڻ تي مجبور ٿي ويون آهن، سوئي گيس کاتي جي ڪنهن به قسم جو اثر نه ٿي رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
22 دسمبر
سکر اسمال ٽريڊرز جي تنظيمي چونڊ ٿي گذري
سکر اسمال ٽريڊرز جي تنظيمي چونڊن جي اليڪشن ڪميشنر شريف ڏاڏا مختلف واپاري تينظيم تي مشتمل واپارين جي قديمي ۽ نمائنده تنظيم سکر اسمال ٽريڊرز جي نئون چونڊيل عهديدارن جو اعلان ڪندي بيان جاري ڪيو ته سڀني عهدن تي ڪاغذات نامزدگي داخل ڪرايا ويا پر حاجي محمد جاويد ميمڻ پينل جي اميدوارن جي مد مقابل نامزد اميدوارن پاران ڪاغذات نامزدگي واپس وٺڻ کانپوءِ تمام عهديدار بنا مقابلي منتخب قرار ڏنا ويا.
وڌيڪ پڙھو -
22 دسمبر
حڪمرانن پاران هٿ سان ٽوڙي بند ٽوڙي ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو: سردار تاج محمد ڊومڪي
پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي صدر سردار تاج محمد ڊومڪي چيو آهي ته حڪمرانن پاران هٿ سان ٽوڙي بند ٽوڙي ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو آهي ماڻهو اڃان تائين ڪيمپن ۾ ويٺل آهن ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون نه ملي رهيون آهن، اهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن تازو سنڌ ۾ طوفاني برساتن سبب نالا ابتا وهڻ ڪري هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جيڪي سردي جي موسم ۾ به روڊن تي پيا آهن، حڪومت پاران اعلان ته وڏا ڪيا ويا آهن مگر انهن مان هڪ تي به عمل نه ٿيو آهي، پاڪستان ڪارڊ جي نالي تي ماڻهن کي گوليون وسايون وڃن پيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چوهاڻ هائوس سکر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جو نائب صدر علي احمد پليپوٽو، جنرل سيڪريٽري عنايت علي عمراڻي، ضلعي صدر اصغر چوهاڻ ۽ ٻيا به موجود هئا،
وڌيڪ پڙھو -
21 دسمبر
جي يو آءِ جي جلسي ۾ وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت ڪري ڇڏيو ته جي يوآءِ سنڌ جي وڏي پارٽي آھي: سيد محمد ايوب شاهه
جي يو آءِ ضلعي سکر جي سينيئر اڳواڻ آغا سيد محمد ايوب شاهه، آغا محمد هارون ۽ مولانا عبدالحق مهر چيو آهي ته منزل گاهه گرائونڊ سکر ۾ جي يو آءِ جي تازي جلسي ۾ لکن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جي يو آءِ سنڌ جي وڏي سياسي ۽ مذهبي قوت بڻجي چڪي آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي. هنن چيو ته جي يو آءِ سنڌ ۾ ٻيو وڏو پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو 2 2 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ڪندي، جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ 2 2 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ آمريڪا مرده باد ريلي ۾ لکن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري لاڙڪاڻي ۾ پ پ ۽ ن ليگ جا تمام رڪارڊ ٽوڙيندا.
وڌيڪ پڙھو -
نومبر- 2011 -23 نومبر
هر سال درياءَ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪري عوام کي پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي: محبوب علي سهتو
نساسڪ جي نااهليءَ ڪري شهري پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن مگر ناتجربيڪار آفيسر عوام کي رليف ڏيڻ بدران فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سکر ڊويزين جي ڪنوينر محبوب علي سهتو ڊويزن آفيس ۾ مائيڪرو ويو ڪالوني، نيوپنڊ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران گفتگو ڪندي ڪيو. هن چيو ته هر سال درياءَ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪري عوام کي پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي. جنهن لاءِ نساسڪ پاران وڏا وڏا دعويٰ ڪيا ويا هئا ته پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪندي مگر ان لاءِ انهن ڪو به انتظام نه ڪري سگهي آهي ۽ هن سال به سکر جا شهري ساڳئي تڪليف ۾ آهن. مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي ميسر ناهي شهر اندر صفائي نظر نه پئي اچي. نساسڪ جي نااهل آفيسرن ۽ سفارشي ماڻهن صرف دعوائن تي گذارو ڪري رهيا آهن.
وڌيڪ پڙھو