سکر

  • اپریل- 2012 -
    19 اپریل

    سکر جي عوام کي آرٽس ڪائونسل ڏيئي رھياآھيون: سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو سنڌ اندر آرٽس ڪائونسل قائم ڪري رهيا آهيون ۽ 15 نيون لائبريريون آڻي رهيا آهيون، سکر جي عوام کي به آرٽس ڪائونسل ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ ميوزيم حال، آڊيٽوريم ميوزيم اڪيڊمي به هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل جي هلندڙ ترقياتي ڪم جو معائنو ڪرڻ دوران ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ تعمير ٿندڙ آرٽس ڪائونسل 8 ڪ روڙ 10 لکن روپين جو منصوبو آهي ۽ ان جي سکر ۾ سخت ضرورت هئي جنهن کي 2013 جي جون تائين مڪمل ڪيو ويندو، سکر ۾ تعمير ٿيندڙ آرٽس ڪائونسل هال جو نالو مرحوم نالي وارن صحافين ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي يا مولائي شيدائي جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو، هن چيو ته جيڪي آرڪيالوجي جڳهون آهن انهن جي کوٽائي ڪئي آهي ۽ انهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ فنڊ رکنداسون ۽ ان لاءِ اسان نئين پاليسي آڻي رهيا آهيون

    وڌيڪ پڙھو
  • جنوری- 2012 -
    15 جنوری

    وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ۾ آئين نه حڪمرانن جي نيت رڪاوٽ آهي:لياقت بلوچ

    جماعت اسلامي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ چيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ۾ آئين نه حڪمرانن جي نيت رڪاوٽ آهي اپوزيشن نيون چونڊون ڪرائڻ تي متفق آهي ڇو ته اٽو، لٽو ۽ اجهو جو نعرو هڻڻ وارن عوام جو جيئڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پيرپاڳاري جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته نيٽو سپلاءِ هاڻي ڪنهن به طور تي بحال نه ٿيڻ کپي، دهشتگردي خلاف نام نهاد جنگ ۾ اسان الاهي ڪجهه وڃائي چڪا آهيون ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون پر انهن جي بدلي ۾ ڪجهه نه مليو آهي، هن چيو ته اسان هاڻي جنرل پرويز مشرف جي پاليسين کان ٻاهر اچڻ گهرجي ۽ عوام جي مرضي مطابق پاليسيون ٺاهڻ کپن

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جنوری

    مان پنجاب جي عوام پاران پير پاڳاري کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيو آهيان: شھباز شريف

    پنجاب جي وزيراعليٰ ميان شهباز شريف چيو آهي ته وزير اعظم جي قومي اسيمبلي ۾ بيان وارو معاملو اهو ڄاڻي ۽ سپريم ڪورٽ اڄ نئين پير پاڳاري سان مسلم ليگ جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندو مان پنجاب جي عوام پاران پير پاڳاري کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيو آهيان ڇو ته هو محب وطن پاڪستاني هو هن هميشه پاڪستان لاءِ ڪم ڪيو پير صبغت الله شاهه راشدي سان تعزيعت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن و راڄ آهي هر طرف اوندهه نظر پئي اچي اهڙي صورتحال ۾ عوام کي سوچي سمجهي ملڪ جي بقا ۽ ڀلائي لا ءِ ڪوششون وٺڻيون پوندي اسان ملڪ جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪري رهياآهيون.

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جنوری

    سينٽ جون چونڊون هر حال ۾ مارچ اندر ٿينديون:منظور وساڻ

    سنڌ جي وزير داخلا منظور وساڻ چيو آهي آهي ته سينٽ جون چونڊون هر حال ۾ مارچ اندر ٿينديون جنهن لاءِ نامزدگي فارم جا ڪاغذ فيبروري ۾ جمع ڪرايا ويندا سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ادرن وچ ۾ ٽڪراءَ نه ٿا چاهيون ڇوته ادار مظبوط هوندا ته جمهوريت هلندي ڪراچي ۾ امن قائم آهي ٻه ڪروڙ آبادي ۾ ضرور جهيڙا جهٽا به ٿيندا هوندا جڏهن ته اغوا جي وارداتن ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ پوليس جون پگهارون به پنجاب پوليس جيتريون ٿين مون آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي ميڊيا آڏو ظاهر ڪن هن چيو ته اسان عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جنوری

    مرتضيٰ ڀٽو جي بهادر ساٿي ۽ ڀٽو خاندان جو وفادار سپاهي شهيد علي محمد سونارا جي اٺين ورسي جتوئي هائوس بچل شاهه مياڻي سکر ۾ ملهائي وئي

    سنڌ پيپلز يوٿ (شهيد ڀٽو) سکر شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي بهادر ساٿي ۽ ڀٽو خاندان جو وفادار سپاهي شهيد علي محمد سونارا جي اٺين ورسي جتوئي هائوس بچل شاهه مياڻي سکر ۾ ملهائي وئي، قرآن خواني بعد لنگر تقسيم ڪري شهيد جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري وئي. ان موقعي تي يوٿ (شهيد ڀٽو) سينيئر نائب صدر دلمراد جتوئي، محمد عيدن جتوئي، ايڊووڪيٽ علي رضا بلوچ، ياسين احمد، توفيق جتوئي، حماد گل، عمران سولنگي، سعيد جتوئي، علي مراد مهر، عبدالرزاق ڀارو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد علي محمد سونارا شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو بهادر ۽ وفادار ساٿي هو ۽ ڀٽو خاندان سان مرڻ گهڙي تائين نڀائيندو رهيو، هن شهيد قائد مير مرتضيٰ سان گڏ غريب هارين مزدورن، شاگردن لاءِ جدوجهد ڪئي، هن کي ان دور ان ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ رکي تشدد ڪيو ويندو هو

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جنوری

    ابڙو برادري جي چيف سردار همٿ علي ڪماريو پير صاحب پاڳري جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

    ابڙو برادري جي چيف سردار همٿ علي ڪماريو پير صاحب پاڳري جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هڪ تعزيتي بيان ۾ همت ڪري ڪماريو چيو ته ملڪ جي جمهوريت جي فروغ آمريت جي خلاف پير سائين پاڳاري جي ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ پاڪستان جي لاءِ پير صاحب جون قربانيون فراموش نٿيون ڪري سگهجن، پير صاحب نهايت بردبار، پرعظم بهادر سان گڏوگڏ شفيق انسان هو. انهن پير سائين جي گهرن وارن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ سان گڏ چيو ته مون سان گڏ ابڙا برادري جا فرد هن غم ۾ برابر جا شريڪ آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جنوری

    اين آر او بابت فيصلي خلاف سکر ۾ پ پ طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪارڪنن نعري بازي ڪئي

    پ پ سکر طرفان اين آر او بابت فيصلي خلاف سکر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪارڪنن نعري بازي ڪئي سکر هائوس کان سيڳد سرهندي روڊ تائين نڪتل ريلي کي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ،سيد اويس شاهه،مشتاق سرهيو،ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سمورين سازشن باوجود عوام اڄ به پ پ سان گڏ آهي اسان شهيد محترمه جو ميڊيا ٽرائل نه ٿيڻ ڏينداسين ان لاءِ ڪيتريون به قربانيون ڇو نه ڏيڻيون پون ڏينداسين اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت عوام جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي بعد ۾ نعمان شيخ جي صدارت هيٺ سکر هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جنوری

    سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان وائيس چانسلر ۽ ڪاليج انتظاميا خلاف مظاھرو

    سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وائيس چانسلر ۽ ڪاليج انتظاميا خلاف سکر ريلوي اسٽيشن ڀرسان روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي ۽ ٽائرن کي باهه ڏني ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته 4 سال گذري ويا آهن پر اڃان تائين ڪاليج جو ايفيليشن لمس ڪاليج ،سان آهي باقي هڪ سال رهجي ويو آهي اسان جي ڪاليج جو ايفيليشن شهيد بينظير يونيورسٽي ڪراچي سان ڪري مايوسي ختم ڪئي وڃي،بعد ۾ پوليس پهچي روڊ کولرائي ورتو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جنوری

    صدرآصف علي زرداري جي آزادي لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ جيالي ڌڻي بخش ميمڻ جي وارثن جو مالي سھائتا لاءِ احتجاج

    صدرآصف علي زرداري جي آزادي لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ ڳڙي ياسين جي جيالي ڌڻي بخش ميمڻ جي وارثن سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف زرداري ک اپيل ڪئي ته سندن مالي مدد ڪئي وڃي هو فاقه ڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهن احتجاج ڪندڙ ذوالفقار، ديدار ميمڻ ۽ ٻين چيو ته پ پ اڳواڻن واعدا ڪيا هئا پر هاڻي هو واعدا وساري ويٺا آهناسان قرض وٺي تنگ ٿي پيا آهيون هاڻي ته قرضي به تنگ پيا ڪن انڪري سندن مالي ساهتا ڪئي وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جنوری

    6 مهينن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت ڏني وڃي هو ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيندس: رحمت خان وردگ

    تحريڪ استقلال جي سربراهه رحمت خان وردگ دعوا ڪئي آهي ته کيس 6 مهينن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت ڏني وڃي هو ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيندو،سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ مارشلا جو ڪوبه امڪان ڪونهي حڪموت عدليا جي فيصلن جو احترام ڪري هن چيو ته سينيٽ جو چونڊون ملتوي ڪرڻ بجاءِ فوري اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ عام چونڊن لاءِ عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي جيئن وچولي طبقي جا ماڻهو اسيمبلي ۾ پهچن ۽ جاگيرداراڻي نظام جو خاتمو ٿئي هن چيو ته ملڪ ۾ 6 1 صوبا۽ پنجاب ۾ 6 صوبا ٺاهيا وڃن

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button