سکر

  • مئی- 2012 -
    19 مئی

    سکر ۾ آنڌاري، بجلي بند

    سکر ۾ ڇنڇر جي شام زوردار آنڌاري سبب عام وهنوار سخت متاثر ٿيو آهي واپڊا وارن پاران بجلي جي بندش سبب رات دير تائين ڪيترائي علائقا اونده جي ور چڙهي ويا آهن جڏهن ته ڪجهه وٽن جي ڪرڻ ۽ ڪچن گهرن جي ڇتين اڏامڻ سبب گاڏين وچ۾ ٽڪر ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ٽڪر ڪيو وڃي

    سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ٽڪر ڪري الڳ الڳ ڪري ڇڏجي، پوسٽر لڳائڻ، مظاهرا ڪرڻ ۽ چاڪنگ ڪرڻ سان صوبا نه ٺهندا آهن، نئين صوبي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان بل جي منظوري کانسواءِ نئون صوبو نٿو ٺهي سگهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 مئی

    وفاقي وزير جو پوليس آفيسر ۽ صحافي تي تشدد، چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل

    سکر ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه باءِ پاس تي پروٽوڪول ڏيندڙ ايس ايڇ او کي چماٽون وهائي ڪڍڻ بعد ٽي وي چئنل جي رپورٽر۽ڪيمرائين کي به چماٽو هڻڻ بعد ڪيسيٽ کسي ڇڏي ،واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪمون شهيد جي ڌرڻي جي تيارين جي سلسلي ۾صبح جو قافلن جي روانگي بابت وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه سکر باءِ پاس تي پهچي بيٺل ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪري رهيو هو

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 مئی

    بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ خلاف جسقم جو ڌرڻو سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ھنيو ويندو: غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو

    جيئي سنڌ قومي محاذ پاران بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ صحيح نموني نه ڪرائڻ خلاف اڄ سکرٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا، ان ڏس ۾ سکر جي ضلعي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ به ٻين شهيد ٿيندڙ اڳواڻن جي رپورٽن جيان ظاهر نه ڪري فائيلن ۾ بند ڪيون ويون آهن ساڳي ريت بشير خان قريشي جي به پوسٽ مارٽم رپورٽ حڪومت فائيلن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان حڪومت کي هر گز ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم صحيح نموني ڪرائي ۽ رپورٽ کي منظر عام تي آندو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 مئی

    وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدالت جو مذاق اڏائي رهيا آهن، ميان نواز شريف

    مسلم ليگ نواز جي سربراه ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت ۾ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي، سنڌ جي سياستدانن مسلم ليگ نواز ۾ اچڻ چاهيو پئي انهن کي دٻاءَ ۾ آڻي پ پ ۾ شموليت جا اعلان ڪرايا پيا وڃن، وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدالت جو مذاق اڏائي رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهارهن لاهور وڃڻ کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته عدليه جي دفاع لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن تحت پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ عوامي جلسا ڪيا ويندا، هن چيو ته ان حوالي سان سنڌ جي قومپرستن سان رابطا ٿيا آهن، جنهن مان جلال محمود شاه، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجو عدليه جي وقار خاطر مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو آهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ گڏجي حصو وٺڻ لاءِ سنڌ جي قومپرستن سان ڳالهيون ٿيون آهن، وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدليه جو مذاق اڏائي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 مئی

    12 مئي تي 10 لک کان مٿي ماڻھو شرڪت ڪندا، پي پي جي دعويٰ

    مسلم ليگ کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ 12 مئي تي سنڌ، پنجاب بارڊر ڪمون شهيد واري هنڌ تي 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهو جلسي عام ۾ شرڪت ڪندا ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي قيادت جلسي لاءِ تياريون زور و شور سان شروع ڪري ڏنيون، ان سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس سکر هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه، ريلوي جو پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ، سکر سٽيءَ جي صدر مشتاق سرهيو، ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت، ڪئي اجلاس ۾ 2 1 مئي تي ٿيندڙ جلسي عام جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس بعد ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، ريلوي جي پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ چيو ته مسلم ليگ ن جي لانگ مارچ کان اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، وفاقي حڪومت کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه خطرناڪ آهي، پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي قوت رکندڙ پارٽي آهي، هاڻي پيپلزپارٽي جي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته مسلم ليگ ن کي ڀرپور جواب ڏيندي، هنن چيو ته مسلم ليگ ن جو لانگ مارچ لاهور تائين محدود رهندو، اگر انهن کي لانگ مارچ ڪرڻ جو…

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 مئی

    حڪومت کي گهرجي ته پارليماني سفارشن جي نتيجي ۾ جلد کان جلد نئين خارجه پاليسي بڻائي وڃي: خالد محمود سومرو

    جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر خالد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا عبدالڪريم عابد، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر، محمد اسلم غوري پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ جي متفقه قرارداد جي منظور کانپوءِ ان تي عمل درآمد ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت کي گهرجي ته پارليماني سفارشن جي نتيجي ۾ جلد کان جلد نئين خارجه پاليسي بڻائي وڃي ۽ پاڪستاني سر زمين تي ٿيندڙ ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ پاڪ فوج کي ڊرون جهاز ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، هنن چيو ته پارليمينٽ جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ آمريڪا ۽ نيٽو سان ڪو به زباني يا لکت ۾ معاهدو پارليمينٽ جي منظوري کان بغير نه ٿي سگهندو ۽ نيٽو سپلائي جي مشروط اجازت ڏني وئي ته غلط آهي،هنن چيو ته پارليامينٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو ڪردار آهي، جيڪو ان مظلوم ماڻهن جي قتل عام لاءِ نيٽو کي پاڪستاني رستي اسلحو کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني، حڪمران ڊالرن جي عيوض نيٽو سپلائي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ کان پهريون جي يو آءِ جا ڪارڪن مزاحمت ڪندا

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 مئی

    قلم 144 جي باوجود پنجاب کان ڪڻڪ جي کلي عام آمد جاري

    سنڌ ۾ 144 لاڳو هجڻ جي باوجود پنجاب کان ڪڻڪ جي درآمدي جو سلسلو کلي عام جاري آهي، ان ۾ فوڊ کاتي جا آفيسر ۽ اهلڪار به شامل آهن گذريل ڏينهن هڪ اطلاع تي ميڊيا جي هڪ ٽيم پاران روهڙي جي ويجهو باءِ پاس تي پهچي ڪري اتي قائم فوڊ کاتي جي گودام ٻاهران بيٺل ٽرڪن جي معلومات حاصل ڪئي ته خبر پئي ته اتي پهچندڙ ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ سنڌ جي ڪنهن به شهر کان نه پر پنجاب جي شهر راجنپور، ڊيرا غازي خان ۽ ٻين علائقن کان آندا ويا هئا جنهن جي اطلاع ميڊيا جي ٽيم سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ موجود فوڊ کاتي پاران قائم ڪيل ويجيلينس ڪميٽي جي چيئرمين مير شاهنواز مگسي کي ڏني، جيڪو اتي پهچي ڪري ٽرڪ ڊرائيورن کان ان جي تصديق ڪئي ۽ اتي موجود فوڊ آفيسرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اتي پهچي پنجاب کان آندل ڪڻڪ جي سوين ٻورين سان ڀريل 20 کان وڌيڪ ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 مئی

    سکر شھر ۾ به نيشنل بينڪ ۾ ڌماڪا، ڊگھا کڏا پئجي ويا

    سڄي سنڌ ۾ ڌماڪن جي سلسلي ۾ سکر شهر به محفوظ نه رهيو، سکر جي نيشنل بينڪ ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو، خبر موجب صبح جو سوير سڄي سنڌ ۾ جاري ڪريڪر ڌماڪن ۾ سکر به محفوظ نه رهي سگهيو، نامعلوم ماڻهن پاران نيشنل بينڪ سکر جي مين برانچ جي گيٽ نمبر 2 جي ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري زمين ۾ پيل واريءَ ۾ ٻه فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ ڊگهو کڏو پئجي ويو، جڏهن ته ڪوئي به جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو، ڌماڪي جي آواز ايتري شديد هئي جو گهرن ۾ سمهيل ماڻهو به آيت الڪرسيءَ جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، واقعي جي اطلاع ملندي ئي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ هنن علائقن کي گهيري ۾ آڻي نيشنل بينڪ ويجهو واقع اسٽيٽ بينڪ جي به تلاشي ورتي پر ڪا به شيءِ برآمد ٿي نه سگهي، بم دسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪريڪر 6 گرام وزني هيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 مئی

    نيٽو سپلاءِ جي بحالي قوم جي بدحالي ثابت ٿيندي: خالد محمود سومرو

    جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي قوم جي بدحالي ثابت ٿيندي، بحالي جي خلاف قوم اسلام آباد جي طرف مارچ ڪندي، حڪمرانن جو يوم حساب ويجهو اچي رهيو آهي، حڪومت جو احتساب عوام ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار جي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ محمد اعظم مهر جي مدرسه بعت المصور عثمانيه پراڻي سکر ۾ ڪيو، هن چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ ترين دور مان گذري رهيو آهي، اسان جا حڪمران آمريڪي خودشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي اڳتي نڪري چڪا آهن، آمريڪا افغانستان ۾ جنگ هارائي چڪو آهي ۽ نڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، اسان جا حڪمران آمريڪي پاليسين تي عمل ڪري ملڪ کي بجلي، گيس، پيٽرول، ڊيزل ۽ مهانگائي جي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جي آمريڪي پاليسي تي عمل ڪري 8 9 ارب ڊالرن جو نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر ملڪ جي عوام تي پئجي رهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button