سکر
-
مئی- 2012 -23 مئی
ڪراچي واري واقعي تي سکر ۾ سرڪار تي ڪاوڙ جي لھر
ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪڍيل محبت سنڌ ريلي تي دهشتگردن هٿان نياڻين سوڌو 11 ڄڻن تي گولين جو بک بنائڻ واري واقعي تي سکر ۽ پاسي ۾ سخت ڏک ۽ سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ اڄوڪي هڙتال جي مڪمل حمايت ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
21 مئی
12 سالن جي نينگر تي تيزاب ھاريو ويو
سکر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوانن مائٽن جي گهر ٻاهران بيٺل 12 سالن جي اويس پٽ شوڪت آرائين مٿان تيزاب هاري وڌو جنهن سبب هو معجزاڻي نموني معمولي زخمي ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
21 مئی
سکر پوليس ٻن شخصن کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو
سکر سي سيڪشن پوليس آئوٽر سنگل وٽان طالب مهر کي ٻن ٽي ٽي پسٽلن سوڌو آباد پوليس عبدالقدوس ميراڻي کي هڪ ٽي ٽي پسٽل سوڌو ۽ نيو پنڊ پوليس ٻن ڄڻن امام بخش گڏاڻي ۽ رخسار مهر کي 13 سئوگرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
20 مئی
سکر ويجھو بس کي حادثو، 3 مسافر اجل جو شڪار
سکر جي ويجھو سانگي باءِ پاس وٽ ٽريڪٽر ٽرالي بچائيندي ڪراچي کان لاھور ويندڙ بس ڪلٽي ٿي پئي جنھن مان ٽي مسافر فوت ٿي ويا ۽ 16 زخمي۔ زخمين کي پنو عاقل ۽ سکر جي اسپتال پھچايو ويو جتي ڪجھ مسافرن جي حالت خطري جھڙي آھي۔
وڌيڪ پڙھو -
20 مئی
سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون
سکر ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي هڪ اسپتال، ۽ ڪارخانن سوڌو ڪيترن ئي گهرن جا گئس ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن ڪالهه سي آر ڊي چيف سکر ضمير حسين وساڻ جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم محمد بن قاسم پارڪ ويجهو هڪ نجي اسپتال ۾ گهريلو گئس ڪنيڪشن مان اسپتال جو هيوي جرنيٽر هلندي پڪڙي ورتو جيڪو ڪمرشل طور غير قانوني استعمال ٻڌايو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
20 مئی
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام جو احتجاج
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام سکر ۽ شهري اتحاد جي اڳواڻن ايڪسائيز آفيس ۽ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي مولانا عبيدالله ڀٽو، مولانا غلام رسول ڪلهوڙو، سيد عمران علي، زبير احمد نقشبندي ۽ مولانا عبدالحليم سيلرو ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
20 مئی
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام جو احتجاج
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام سکر ۽ شهري اتحاد جي اڳواڻن ايڪسائيز آفيس ۽ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي مولانا عبيدالله ڀٽو، مولانا غلام رسول ڪلهوڙو، سيد عمران علي، زبير احمد نقشبندي ۽ مولانا عبدالحليم سيلرو ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
20 مئی
سائيٽ ايريا ۾ گھرن ۾ ڪاھ
سکر جي سائيٽ ايريا جي ڳوٺ نهال خان کوسو جي رهواسين عبدالرحمان ۽ علي رضا کوسو جي اڳواڻي ۾ پلاٽ جي معامري تي مخالف ڌر جي چوڻ تي گهرن ۾ ڪاهه،6 گهر ڊاهڻ ۽ کاڌخوراڪ جي سامان،سون سميت قيمتي گهريلو سامان کڻي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
19 مئی
جعلي عامل بابا کي گرفتار ڪريو
سکر ۾ ميراڻي برادري جي عورتن سعيد سرهندي روڊ تي ايوب گيٽ واري علائقي سان واسطو رکندڙ جعلي عامل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نعرا هنيا ويا ان موقعي تي تهمينا ميراڻِي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي سندس خلاف نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
19 مئی
پٽيوالي جي شاگردن سان غير اخلاقي حرڪت
سکر جي مينارا روڊ تي نجي اسڪول جي پٽيوالي پاران شاگرد سان غير اخلاقي حرڪت جي ڪوشش ٿيڻ بعد شاگرد جي والدين ۽ مائٽن پاران پٽيوالي کي سخت مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو