سکر
-
اکتوبر- 2012 -10 اکتوبر
بلوچستان کان اسمنگلنگ ڪري آندا ويندڙ لکين رپين ماليت جا باز بر آمد
وائيلڊلائيف کاتي سکر جي عملي ڪوٽڏيجي ويجهو ڪاروائي ڪندي بلوچستان کان اسمنگلنگ ڪري آندا ويندڙ لکين رپين ماليت جا باز بر آمد ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو باز کي بعد ۾ فضا ۾ ڇڏيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
10 اکتوبر
سکر بئراج جا آفيسر اهي ڪرپشن ۾ ملوث، انيل ڀٽي جو الزام
)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سٽي سکر جي صدر الاهي بخش انيل ڀٽي هڪ بيان ڏيندي چيو ته سکر بئراج جي آفيس ۾ نئين بلڊنگ ۾ ناڪس مٽيريل استعمال ڪرڻ ۽ آفيسرمن پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ ته سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته سکر بئراج جا آفيسر اهي ڪرپشن ۾ ملوث آهن جنهن جي جاچ ايماندار آفيسر کان ڪرائي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
10 اکتوبر
سکر: نادرا جون ٽيمون مختلف ضلعن جو دورو ڪنديون
نادرا ريجنل هيڊڪوارٽر سکر جون گشتي موبائل گاڏيون ضلعي سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ماڻهن کي ڪمپيوٽرائزد قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ 08 آڪٽوبر کان 19 آڪٽوبر 2012 تائين مختلف جڳهن جو دورو ڪري رهيون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
10 اکتوبر
پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، بلال احمد ميمڻ
)ڊپٽي ڪمشنر سکر بلال احمد ميمڻ چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن هن مرض جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي.
وڌيڪ پڙھو -
10 اکتوبر
خودڪشي ڪندڙ عورت کي ماڻھن بچائي ورتو
سکر جي علائقي نيو پنڊ جي رهائشي عورت ممتاز عرف سردارا زال فضل ابڙو لانچ موڙ چونڪيءَ ويجهو سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ماڻهن ڏسي ورتو ۽ ان کي لانچ موڙ پوليس حوالي ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
8 اکتوبر
پي پي ۾ ماڻھو خوشي ۾ نه پر دٻاءَ تحت شامل ٿي رھيا آھن، سيد غوث علي شاهه
مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ جيڪي به وڏا نالا شموليت ڪري رهيا آهن اهي خوشيءَ سان نه پر دٻاءُ جي تحت پيپلز پارٽيءَ م شامل ٿيا آهن ۽ حڪومت طرفان انهن خلاف حربا استعمال ڪري انهن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ آندو ويو
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
جميعت علماءِ اسلام ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون
جميعت علماءِ اسلام طرفان سکر ۾ 14 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اسلام زنده باد ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ لاءِ جي يو آءِ ضلعي سکر طرفان امير حافظ غلام مصطفيٰ ٻرڙو جي قيادت ۾ ڪنڌرا جي مختلف ڳوٺن واهه ٻرڙا، ڪلري، ٽالپور، بخش ڪٽپر، ٽمونهن، رسول پور، آنبهه، باغ فتح علي شاهه، ابراهيم تنيو، ڪلهوڙي جاگيراڻي سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون ڪيون
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
سنڌ جو عوام سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ٿيڻ نه ڏيندو: سنڌ ترقي پسند پارٽي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سکر پاران سنڌ مان ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ مڪاني ادارن واري آرڊيننس کي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪري روڊ بند ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
نيو ينگ اتحاد ويلفيئر جي عھديدارن جي پي پي اڳواڻ سان ملاقات
نيو ينگ اتحاد ويلفيئر جي صدر نديم خان جي اڳواڻيءَ ۾ سکر هائوس ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ سان ملاقات ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
ممتاز ڀٽو تي ڪوڙي ايف آءِ آر خلاف مظاھرو
پاڪستان مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن پاران سردار ممتاز ڀٽو جي خلاف سياسي انتقامي ڪارواين ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف ضلعي سيڪريٽريٽ کان هڪ احتجاجي موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو