سکر
-
فروری- 2013 -11 فروری
موجوده حڪمرانن کي عوام جي ڪائي فڪر ناهي، جي يو آءِ
جي يو آءِ روهڙي تعلقي ۽تمام يوسيز جي عهديدارن جو هڪ اهم اجلاس جامع مسجد مال پڙي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت تعلقي جي امير مولانا عبدالڪريم عباسي ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي مهمان خصوصي جي يو آئي جو سينيئر اڳواڻ آغا سيد ايوب شاهه هيو، اجلاس ۾ مولانا عبدالحق مهر، قاري عبدالغفار سومرو، حافظ غلام مصطفيٰ ٻرڙو، مولانا عيسيٰ گهنيو، قاري عطاءُالله عباسي، حافظ محمد صالح مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
11 فروری
مال گاڏين جي دٻن مان هزارين روپين جي ماليت جو پتل چوري
سکر اسٽيشن تي بيٺل مال گاڏين جي دٻن مان هزارين روپين جي ماليت جو پتل چوري، خبر موجب سکر اسٽيشن ماسٽر محمد شريف ريلوي ٿاڻي سکر کي اطلاع ڏني آهي ته نامعلوم چورن پاران گذريل رات سکر اسٽيشن تي بيٺل مال گاڏي جي ڊبن مان 75 هزار روپين جي ماليت جو 15 عدد پيتل جو پرات چوري ڪري ويا، ريلوي پوليس پاران نامعلوم چورن خلاف ڪيس داخل ڪري چورن جي تلاش شروع ڪري ڏني آهي.
وڌيڪ پڙھو -
11 فروری
گولڊ ميڊلسٽ نوجوان نوڪري جي لاءِ دربدريءَ جون ٺوڪرون کائڻ لڳو
ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ گولڊ ميڊلسٽ نوجوان نوڪري جي حصول لاءِ دربدريءَ جون ٺوڪرون کائڻ بعد احتجاجن گولڊ ميڊلسٽ پنهنجا تمام ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ پيش ڪري ڇڏيا
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
سکر: لطيف پارڪ جي علائقي جي رهواسين پاران مظاھرو
پراڻي سکر جي لطيف پارڪ جي علائقي جي رهواسين پاران پلاٽ تي ناجائز قبضي ڪندڙ با اثر ماڻهن ۽ پوليس پاران ڪو به ايڪشن نه وٺڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافر صحافتي دنيا ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، ممتاز بخاري
سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ممتاز بخاري چيو آهي ته ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافر صحافتي دنيا ۾ ڪرنگهي جي حيثيت جو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن، ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن جون صحافت لاءِ ڏنيون ويندڙ قربانيون رائيگان نه وينديو
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد قائدن جون تصويرون ڦاڙڻ خلاف ڌرڻو
نامعلوم ماڻهن پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد قائدين جون تصويرون ڦاڙڻ خلاف پ پ جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ پ پ اڳواڻ محمد پناه سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر، روهڙي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
سکر: 260 ڪلو گرام جي اعليٰ ڪوالٽي جو چرس ھٿيڪو
يڪسائيز پوليس جو آئل ٽينڪر تي ڇاپو، خفيه خانن مان 260 ڪلو گرام جي اعليٰ ڪوالٽي جو چرس برآمد، ٻه جوابدار گرفتار، ايڪسائيز کاتي پوليس جي انسپيڪٽر ذوالفقار شيخ گهوٽڪي جي علائقي ڪمون شهيد وٽ پشاور کان ڪراچي ويندڙ هڪ آئل ٽينڪر نمبر TKC702 دوران تلاشي ٽينڪر جي مختلف خانن مان اعليٰ ڪوالٽي جو 60 2 ڪلو گرام چرس برآمد ڪري ٻن جوابدارن ڊرائيور محمد رمضان ۽ ڪلينر فضل محبوب کي گرفتار ڪري ڪري ورتو،
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
طالبان سان ڳالهين لاءِ طاقت نه پر سياسي حل ڳولهڻ گهرجي، ظفر اقبال جهڳڙا
پاڪستان مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري ظفر اقبال جهڳڙا چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين لاءِ طاقت نه پر سياسي حل ڳولهڻ گهرجي ته جيئن اهو مسئلو جڙ کان ختم ڪيو وڃي، طاقت سان وقتي طور تي ته مسئلي کي دٻائي سگهجي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
سکر: پريس ڪلب جي عھديدارن کي مبارڪون
روهڙي پريس ڪلب جي صدر عبيدالله شيخ، نائب صدر آصف حسين صديقي، جنرل سيڪريٽري حاصل جتوئي، محمد اسلم سومرو، اظهر علي دايو، زبير عباسي، شاهد حسين ميراڻي، سيد عاطف شاه،عمران شيخ، جمشيد قريشي، وسيم الله شيخ ۽ ٻين لالا اسد پٺاڻ کي صدر ۽ ممتاز بخاري کي جنرل سيڪريٽري، شهزاد تاباڻي کي يونين آف جرنلسٽ جو صدر ۽ امداد بوزدار کي جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آهي ته نون چونڊيل عهديدار پنهنجي صحافتي ذميواريون سٺي نڀائيندي عوام جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندا ۽ صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندا.
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
سکر جي مختلف علائقن مان وٽان ٻه ڄڻا پر اسرار نموني گم
سکر جي مختلف علائقن نئون پنڊ ۽ لوڪل بورڊ وٽان ٻه ڄڻا پر اسرار نموني گم، پولس کي اطلاع، خبر موجب سکر نئون پنڊ ٿاڻي جي حد پٺاڻ ڪالوني پير افضل روڊ جو رهواسي 0 2 سالن جو شاگرد علي ولد عبدالحميد پٺاڻ گذريل رات پر اسرار نموني گم ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو