شڪارپور

  • اکتوبر- 2011 -
    14 اکتوبر

    شڪارپور لڳ لڳ نامعلوم ھٿياربندن نيٽو جي ٽينڪرن تي فائرنگ ڪري ڏني، چار ٽينڪر مڪمل تباھ

    شڪارپور لڳ نامعلوم مسلح هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نيٽو جي 6 آئل ٽنڪرن تي ڇتي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تباه ٿئي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس بچائي ورتو . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي لڳ عبدال شاخ وٽ موٽر سائيڪل سوار ملسح هٿياربندن نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي ان وقت فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن اهي همايون ٿاڻي جي حد عبدال شاخ وٽان گذري رهيا هئا فائرنگ جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تي سڙي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس حفاظتي انتظام ڪندي سڙڻ کان بچائي ورتو

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اکتوبر

    شڪارپور جي درگاھ ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل

    ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل سندس لاش اڌ ڪلاڪ رستي تي پيل رهيو ايڌي وارن لاش کي کڻائي ڪري سول اسپتال پهچايو تفصيل موجب شڪارپور شهر جي اسٽيشن روڊ تي واقع مشهور پير ڪڻڪ شاه بادشاه جوخدمتگار مور ولد غلام حسين ابڙو ڪڻڪ شاه بادشاه جي درگاه جي ٻاهران صفائي ڪري رهيو ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس پسٽل جا فائر سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ويا لاش اڌ ڪلاڪ اسٽيشن روڊ تي پيل رهيو بعد ۾ ايڌي رضاڪارن لاش کي کڻي سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اکتوبر

    شڪارپورجي سينيئر صحافي جو والد ھن دنيامان لاڏاڻو ڪري ويو

    سينيئر صحافي واجد علي ڀٽو جو والد نبي بخش ڀٽو 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو کيس پنهنجي آبائي قبرستان ميران شاه ۾ جا۽ ڏني وئي جڏهن ته واجد علي ڀٽو سان سياسي ، سماجي شخصيتن سان گڏوگڏ صحافي برادري ۾ آغا اسرار خان پٺاڻ ، آغا يونس پٺاڻ ، آغا طارق نديم پٺاڻ ، غلام فريد فاروقي ، عبدالسميع ڀٽو ، وحيد ڦلپوٽو ، عبدالبصير سومرو ، شاهد مٺياڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن تعزيت ڪئي .

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اکتوبر

    ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل، پوليس طرفان پوليس مقابلو ڄاڻايو ويو

    ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل سندس لاش هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو بعد ۾ پوليس کي اطلاع ملندي ئي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، مقابلي جي دعوي . تفصيل موجب هڪ اشتهاري ڏوهاري اربيلو ٻٻر ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو اهو واقعو ڳوٺ محمد اسمائيل سندراڻي ۾ پيش آيو ذرائع کان معلوم ٿيو آهي ته هڪ خفيه ڊيل تحت پنج مهينا اڳ اربيلو ٻٻر پاڻ پوليس وٽ پيش پيو هيو ملزم تي رکيل پنج لک روپيا انعام واري رقم کيس کي ئي ڏني ويندي ۽ سندس ڪيسن جي پيروي به نه ڪئي ويندي ان ڊيل تحت ملزم گرفتاري پيش ڪئي ۽ چئن مهينن ۾ ئي آزاد ٿئي ويو ان وقت جي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي ترقي جي سفارش به ڪري ڇڏئي هئي پوليس ڪنهن به ڪيس جي پيروي نه ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اکتوبر

    شڪار ۾ انتظاميه جي نااھلي سبب گندي پاڻي جي نيڪال نه ھجڻ ڪري بيماري پکڙجڻ لڳيون

    شڪارپور شهر جي ساهڙ محلي ۾ انتظاميه جي بي ڌياني سبب گندي پاڻي جو نيڪال نه هئڻ سبب پاڻي ساهڙ محلي جي گهرن ۾ ڪاهي پيو ، علائقي واسين جو ٽي ايم او ۽انتظاميه خلاف سخت احتجاج . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي مشهور علائقي اسٽور گنج لڳ مختيارڪار آفيس جي ساهڙ محلي ۾ ڪني تلا۽ جو پاڻي علائقي واسين جي گهرن ۾ ڪاهي پيو پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب علائقي واسين جو ٽي ايم او آغا جلال الدين پٺاڻ ۽ نظير سومرو خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هتي هڪ ننڍو موٽر لڳل آهي جيڪو به خراب پيو آهي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي گندي پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب هڪ ته اسان جو جڳهون ڪري رهيون آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اکتوبر

    سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري ۾ تڪرار ٻه ڄڻا مارجي ويا

    شڪارپور جي شهر سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري جي تڪرار ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي تفصيل موجب شڪاپور شهر جي نزديڪ سلطان ڪوٽ شهر ۾ آغا مجن ۽ آغا معشوق پٺاڻ جي ملازمن ۾ آغا مجن جي شيل جي پئٽرول پمپ تي معلومي ڳالهه تان جهيڙو ٿئي پيو جهيڙي ۾ جديد هٿيارن جو هڪ ٻئي تي کلي عام استعام ڪيو ويو جهيڙي جي نتيجي ۾ غلام مصفطي بروهي ويٺل سنڌ واه ۽ پپو عرف الاهي بخش ڪاڪيپوٽو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي ٿئي پيا زخمين ۾ شانگري لوڊرو ، آغا معشوق پٺاڻ، عبدالحڪيم ، سعيد خان سخت زخمي ٿئي پيا قتل ٿئي ويل لاشن کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ آندو ويو جتي سندن لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 اکتوبر

    شڪارپور جي ميمڻ ۽ سنجراڻي برادري ۾ جهيڙو

    ميمڻ ۽ سنجراڻي برادري ۾ جهيڙو ٻه سنجراڻي شديد زخمي ، پوليس ٻه ميمڻ برادري جا نوجوان گرفتار . تفصيل موجب سنجراڻي برادري جا ڪجهه نوجوان ميمڻ برادري سان واسطو رکندڙ نوجوان زوهيب ، شعيب ولد جاويد ميمڻ ۽ فياض ، عمران ولد عبدالغفور سان معلومي ڳالهه تان اٽڪي پيا جنهن تان پسٽل جو فائر ٿيڻ سبب سنجراني برادري جا ٻه نوجوان محمد الياس ، غلام ياسين ولد سابقه يو سي ناظم نور حسن سنجراڻي سخت زخمي ٿئي پيا

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 اکتوبر

    بروھي برادري جو شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي

    شڪارپور ۾ قتل ٿيل ٺري مير واه جو ڊي ايس پي عبدلطيف شر جي قتل کان پو۽ سندس وارثن جي فرياد تي پوليس چڙهايون ڪندي مدئجي ، شڪارپور مان گرفتاريون ڪندي بروهي برادري جي عورتن کي گرفتار ڪيو آهي اهڙي عمل خلاف شڪارپور شهر ۾ بروهي اتحاد جي اڳواڻ رفيق جان بروهي جي اڳواڻي ۾ رستم چوڪ کان لکي در تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي رفيق جان بروهي چيو ته پوليس ناجائزي ڪندي بروهي برادري جي ڪجهه عورتن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ انهن جو قاتلن سان ڪو واسطو نه آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 اکتوبر

    فرسٽ ايئر جو شاگرد حادثي ۾ فوت

    فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ويندي تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت تفصيل موجب ميراڻي محله جو رهاڪو فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه ولد سليم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ڊگري ڪاليج وڃي رهيو هو ته تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين علائقي جي ماڻهن کيس اسپتال پهچايو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو سندس لاش گهر پهچڻ تي سندس ماءُ ، پيءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا علائقي ۾ سوڳ وارو ڪيفيت ڇانيل رهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ستمبر- 2011 -
    30 ستمبر

    ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي مٿان وحشياڻو تشدد

    ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي تي وحشياڻو تشدد کيس بي هوشي جي حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو . تفصيل موجب ڪلهه رات جو عبدالقيوم ڀٽي مزودوري ڪري پنهنجي گهر طرف وڃي رهيو هيو ته ڪرن شريف ٿاڻي جي پوليس اهڪارن کيس پڪڙي ڪري سڄي رات وحشياڻي تشدد جو نشانو بنايو کيس بيهوشي جي حالت ۾ سندس گهر ٻاهران اڇلايو ويو کيس علائقي جي ماڻهن سول اسپتال علاج لا۽ پهچايو اهڙي خبر پوندي سندس گهر وارا روڄ راڙو ڪندا سول اسپتال پهتا جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر هئي ان موقعي تي عبدالقيوم ڀٽي چيو ته مون کان پوليس اهلڪارن پئسا پڻ ڦريا آهن بعد ۾ سندس ڀاءُ ، سوٽ ۽ سندس امڙ امينه خاتون ايس ايس پي هائوس تي پهچي ڪري قران پاڪ کڻي سخت احتجاج ڪيو سندس اهڙي احتجاج جو ايس ايس پي جنيد احمد شيخ ٿڏي تي نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button