شهدادڪوٽ
-
جولائی- 2012 -10 جولائی
شهدادڪوٽ: پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو
شهدادڪوٽ ويجھو آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙن ۾ پ پ اڳواڻ رئيس بخشل علي مگسي ، صفدر مگسي ، علي حسن پتوجو ، فدا چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حاڪم شاه پل وٽ لاڙڪاڻي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
10 جولائی
شهدادڪوٽ ۾ سينئر صحافي ارشاد گلاباڻي جي لاڏاڻي تي تعزيتي ميڙاڪو
شهدادڪوٽ ۾ سينئر صحافي ارشاد گلاباڻي جي لاڏاڻي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو ، نيشنل پريس ڪلب پاران ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صدر ۽ سينئر صحافي ضمير کرل ، جنرل سيڪريٽري واحدبخش ڀٽي ، شبير ڪمبوه ، عباس مگسي ، شاهد اعواڻ ، علي نواز مگسي سميت صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
9 جولائی
شهدادڪوٽ ويجهو تيز رفتاريءَ سبب مسافر ويگن ڪلٽي
شهدادڪوٽ ويجهو تيز رفتاريءَ سبب مسافر ويگن ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا،جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو -
6 جولائی
شهدادڪوٽ: چوري الزام هيٺ نوجوان قتل
شهدادڪوٽ ۾ چوري الزام هيٺ نوجوان مارجي ويو آهي ، قبي سعيد خان روڊ تي واقع ٽانوري شاخ ويجھو ڳوٺ نوڪر بروهي ۾ ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ (25) ورهين جو ڳڀرو نوجوان شڪيل پٽ احمد خان کھاوڙ چوري الزام هيٺمارجي ويو آهي ، جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
4 جولائی
پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين هٿن سُڪل ٻيجارو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو
شهدادڪوٽ ۾پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ سيف الله برانچ مان غير قانوني(4) واٽر ڪورس ڪڍي ڌاڙو هڻي سنڌ جو پاڻي بلوچستان وهائڻ خلاف سوين آبادگارن ۽ هارين هٿن سُڪل ٻيجارو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
3 جولائی
برف ڪارخاني مالڪن جي ڏاڍاين خلاف برف وڪرو ڪندڙ ڊپو مالڪن جي هڙتال
شهدادڪوٽ ۾ برف ڪارخاني مالڪن جي ڏاڍاين خلاف برف وڪرو ڪندڙ ڊپو مالڪن جي هڙتال شهرين ۽ ڊپو مالڪن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙ جسقم اڳواڻ ذوالفقار مگسي ، نورالدين عمراڻي ، سڪندر سومرو ، ضمير کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي نٽڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
2 جولائی
ترقي پسند هاري سنگت پاران شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف م احتجاجي مظاهرو
شهدادڪوٽ ۾ ترقي پسند هاري سنگت پاران علائقي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي سخت اڻاٺ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ غلام علي مگسي ، شبير مگسي ، نديم کرل ، انور مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر روڊ تي مستوئي شاخ جي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائر ساڙي ۽ رڪاوٽون وجھي ڌرڻو هنيو.
وڌيڪ پڙھو -
1 جولائی
پ پ ڪارڪنن کان وٺي قيادت تائين هن ملڪ جي عوام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن ڪارڪنن کان وٺي قيادت تائين هن ملڪ جي عوام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. موجوده سنڌ حڪومت صوبي جي وسيلن کي وڌايو آهي وفاق کان 60 سالن جا فيصلا ڪرائي عمل ڪرايو آهي
وڌيڪ پڙھو -
1 جولائی
اغوا ٿي ويل سونارو نذير بروهي اڃان بازياب نه ٿيو
شهدادڪوٽ مان 21 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل سونارو نذير بروهي بازياب نه ٿيو ، شهرين پاران سندس بازيابي لاء قرآن خواني ۽ بک هڙتال ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
1 جولائی
شهدادڪوٽ پوليس اغوا ، ڦر ۽ چوري ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، شاگرد اڳواڻ
شهدادڪوٽ ۾ شاگردن جي مسئلن جي حل لاء ٺاهيل نواب اسٽوڊنٽس گروپ جي چيئرمين سعيد چانڊيو ، وقار ڀٽي ، صدام مگسي ، سيد اڪبر شاه ، مسرور ابڙو ، نجيع الله مگسي ، جنيد قاضي ، لالا ماجد اعواڻ ، ڪاشف چانديو ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ بک ھڙتال ڪيمپ تي پھتا
وڌيڪ پڙھو