پير جو ڳوٺ
-
جون- 2012 -10 جون
ٻن جوابدارن پاران 10 ساله ٻارڙي سان زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش
ڪنگري جي ڪچي ۾ ٻن جوابدارن پاران 10 ساله ٻارڙي سان زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش، نينگري جون رڙيون، ڌنارن ۽ ڳوٺاڻن جي واهر تي جوابدار فرار، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
10 جون
پيرڳوٺ: قتل جي جوابدار جي گرفتاري جي دعويٰ
پيرڳوٺ پوليس پاران قتل ڪيس جي مک جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوٰي، رپورٽ موجب پيرڳوٺ پوليس دعوٰ ڪندي چيو آهي ته ڪالهه خفيه اطلاع ملڻ تي پوليس لوڊا موڙ وٽان قتل ڪيس جي جوابدار مجاهد ٻپڙ کي پسٽل سميت گرفتار ڪري کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
پير جو ڳوٺ:ملڪ حڪومت جي غلط پالسين سبب تباهي ڪناري پهتو آهي، ن ليگ
نواز ليگ ضلعي خيرپور جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ ڪي بي ڪٻر، منظور مهيسر، عبدالله شر وڏا مهيسر ۾ نواز ليگ ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ حڪومت جي غلط پالسين سبب تباهي ڪناري پهتو آهي جنهن لاءِ عوام کي گهرجي ته هاڻ اهڙن ٺڳن جي ڪوڙن دلاسن ۾ پنهنجي قميتي ووٽ جو زيان نه ڪن
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
پيرڳوٺ:مشهور بزرگ شهيد بادشاهه جي ميلي ۾ ملهه جا مقابلا۽ صوفي راڳ
پيرڳوٺ لڳ مشهور بزرگ شهيد بادشاهه جي ميلي ۾ ملهه جا مقابلا، صوفي راڳين سر وکيري سج اڀاري ڇڏيو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ صدرجي ڀٽيون ۾ مشهور بزرگ شهيد بادشاهه جي هلندڙ ميلي ۾ سنڌ جي مشهور ملهه پهلواڻن علي نواز ميتلو، شاهنواز ميربحر، دلبر خان، ياسين احمد ۽ ٻين ۾ مقابلا ٿيا
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
پير جو ڳوٺ: ڀاءُ ڀيڻ اسلام قبول ڪري ورتو
پنو عاقل واسي ڀاءُ ڀيڻ پيرڳوٺ پهچي خانقاءِ راشديه ۾ اسلام قبول ڪري ورتو، شهر جي واپارين پاران مالي سهائته پڻ ڪئي وئي، رپورٽ موجب، پنو عاقل واسين ڀاءُ ڀيڻ لاکو پٽ سونو ماروائي ۽ سوني ڌيءُ سونو ماروائي (ڀيل) اڄ پيرڳوٺ پهچي درگاهه خانقاءِ راشديه ۾ مفتي محمد الرحيم سڪندري تي هٿ تي اسلام قبول ڪري ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2012 -29 مئی
زندگي کي سخت خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي
حملي آور جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، زندگي کي سخت خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پورهيت جون پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهون
وڌيڪ پڙھو -
29 مئی
ڳوٺ گاگڙي تي خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙهائي
پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ گاگڙي تي خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، 2 گهرن کي باهيون، 4 ڄڻا گرفتار، ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف ڌرڻو
وڌيڪ پڙھو -
23 مئی
پير جو ڳوٺ :50 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي وئي
سيپڪو پريالوءِ اختيارين رهتن جي آڙ ۾ ڪوٽ مير محمد شهر سميت 50 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، چورين جو آزار وڌي ويو، رهواسي سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور
وڌيڪ پڙھو -
23 مئی
ڪراچي واري واقعي خلاف پير ڳوٺ ۾ شٽربند هڙتال
پيرڳوٺ ۾ قومپرستن ۽ نواز ليگ ڪارڪنن پاران ڪراچي واقعي ۽ حيدر آباد ۾ جسمم اڳواڻ جي قتل خلاف پوري سنڌ جيان پيرڳوٺ ۾ پڻ ڪارڪنن شٽربند هڙتال ڪرائي احتجاجي ريلي ڪڍي
وڌيڪ پڙھو -
19 مئی
هاڻ عوام جون سوچون تبديل ٿي چڪيون آهن: سيد محمد راشد شاهه راشدي
حرن جماعت جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري جي وڏي صاحبزادي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صوبائي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو آهي ته هاڻ عوام جون سوچون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ عوام پير پاڳاري جي حق ۽ سچ واري ڏنل پيغام تي فنڪشنل مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيو آهي ۽ جلد اهڙي عوامي طاقت سان ملڪ ۽ قوم وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ٿيندي، هن اهڙو اظهار ڪارڪنن توڙي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو