خبرون
-
اپریل- 2011 -10 اپریل
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ 3 مختلف شعبن ۾ 4 سالا ڊگري پروگرام جي داخلا شروع ڪئي آهي
سکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ پهريون دفعو گريجوئيٽ سطح تي 3 مختلف شعبن ۾ 4 سالا ڊگري پروگرام جي داخلا شروع ڪئي آهي. سيمسٽر بهار 2011، ۾ اوپن يونيورسٽي جي تا ريخ ۾ ان جي شعبي جي ذريعي پيش ڪندڙ 4 سالا دوران مشتمل گريجوئيٽ سطح تي ڊگري پروگرام تي بي ايس بزنس ايڊمنسٽريشن (بيڪنگ فنانس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي فيس ٽو فيس بذريعه اسٽيڊي سينٽر بي ايس بزنس ايڊمنسٽريشن (مارڪيٽنگ اينڊ هيومن ريسورس مينيجمينٽ) بذريعه فاصلاتي طريقا تعليم ۽ بي ايس ڪامرس (بذريعه فاصلاتي تعليم) شامل آهن. شعبه ايڊمنسٽريشن جا داخلا فارم ۽ بينڪ چالان فارم علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ويب سائيٽhttp://www.aiou.edu.pk تي دستياب آهن. درج بالا تعليمي پروگرامن ڪنهن به پروگرام ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ خواهشمند اميدوارن کي هدايت ڪجي ٿي ته داخلا فارم ۽ چالان فارم يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري تمام گهربل تصديق ٿيل سندون ۽ مقرر فيس سان گڏ ملڪ جي موجود مختلف قومي بئنڪن جي برانچن ۾ ڇنڇر ڏينهن 9 اپريل تائين، جمح ڪرائين.
وڌيڪ پڙھو -
10 اپریل
مستقبل جي ترقي، ملازمتن جي حصي ۽ ترقياتي فنڊ مان صوبي کي ملندڙ حصي جو دارو مدار به شفاف ۽ صحيح آدمشماري ۽ گهرشماري تي ٻڌل آهي: زاهد علي ڀرڳڙي
حيدرآباد: صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي جيڪو پ پ پ حيدرآباد ضلعي جو صدر پڻ آهي تنهن ضلعي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي آدمشماري ۽ گهرشماري واري عمل دوران بهتر نموني پنهنجن گهرن ۽ خاندان جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غلطي جي ڪا به گنجائش ڪانهي . اهڙو اظهار هن اڄ هلندڙگهرشماري واري عمل جي نگراني جي سلسلي ۾ قاسم آباد جي يونين ڪائونسل 4 ۽ ديهه شاهه بخاري ۾ مختلف ڳوٺن جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. دوري دوران قومي اسيمبلي جو ميمبر سيد امير علي شاهه ڄاموٽ، پ پ تعلقه قاسم آباد جو صدر اقبال سومرو، سيد سليم شاهه بخاري ۽ رياض سولنگي پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير زاهدعلي ڀرڳڙي پٺاڻ ڳوٺ، محمد بخش شورو، باگراڻي، علي حسن ٻٻر، علي نواز خاصخيلي ۽ محمد شفيع بروهي ڳوٺن جي دورو ڪيو ۽ اتي هلندڙ گهرشماري واري عمل جو تفصيلي جائزو ورتو . ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي ۽ ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ چيو ته مستقبل جي ترقي، ملازمتن جي حصي ۽ ترقياتي فنڊ مان صوبي کي…
وڌيڪ پڙھو -
10 اپریل
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جو انتهائي ڪامياب گهرو وزير رهيو آهي . هن نه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي ۽ نه ئي وري کائنس استيعفيٰ ورتي وئي آهي: شهلا رضا
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نه ته استعيفيٰ آهي ڏني ۽ نه ئي وري کانئس استعيفيٰ ورتي وئي آهي، مخالف اجائي واويلا ڪري رهيا آهن _ آدمشماري سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي عوام ان ۾ ڀرپور حصو وٺي . ٽنڊو محمد خان جي دوري دوران ڳوٺ پليو گهمراڻي ۾ گهر شماري جو نمبر لڳائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جو انتهائي ڪامياب گهرو وزير رهيو آهي . هن نه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي ۽ نه ئي وري کائنس استيعفيٰ ورتي وئي آهي ان حوالي سان ڪنهن جو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويو آهي ، درحقيقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي علاج سبب ڪجهه وقت لاءِ موڪل تي آهي جيڪو هن جو حق آهي ، ذوالفقار مرزا جي پارٽِي اندر وڏي حيثيت آهي .هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن تي سنڌ جي هر علائقي ۾ عوامي نمائندا گهر شماري واري مرحلي جي نگراني ڪري رهيا آهن . سڃاڻپ ڪار ڊ نه رکندڙ ماڻهن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ، گهر شماري وارو ڪم شفاف نموني سان مڪمل ڪيو ويندو . هن…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
چين پاران پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون، بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ
اسلام آباد (اي پي پي) چين پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون ۽ پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، اها آڇ چين جي ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڪائو گوانگ جنگ اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ بريفنگ دوران ڏني. ڪارپوريشن بلٽ آپريٽ ٽرانسفر جي بنياد تي گهڻ مقصدي هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبو تيار ڪرڻ جي به آڇ ڪئي آهي. صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ گهڻ مقصدو هائيڊرو ونڊ پاور منصوبي ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪروٽ، تونسه، ڪوهالا ۽ بونجي جا پن بجلي منصوبا شامل آهن. هن ٻڌايو ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پراجيڪٽ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منصوبي جي فزيبلٽي جي به منظوري ڏني وئي آهي ۽ منصوبو هن وقت ٽيرف پٽيشن جي مرحلي تي آهي. ترجمان چيو ته 120 ميگاواٽ جي تونسه پن منصوبي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿي ويون آهن، جڏهن ته جوائنٽ ڊولپمينٽ جي…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
صدر آصف علي زرداري پاران مشهور تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشهور تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي قوم لاءِ هڪ عظيم نقصان قرار ڏنو آهي، مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪندي صدر چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي اعليٰ درجي جي شخصيت ۽ دانشور نسلن ۾ هڪ دفعو پيدا ٿيندي آهي، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونيئرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
اوپي ڊي کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جيڪا ايم ايس آفيس وٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي
حيدرآباد: لياقت يونيورسٽِي اسپتال حيدرآباد پاران ”صحت جي عالمي ڏهاڙي“ جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ يعني 7 اپريل 2011 تي تي صبح جو 10 وڳي ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي جي اڳواڻي ۾ اوپي ڊي کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جيڪا ايم ايس آفيس وٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي _ بعد ۾ نيو ليڪچر هال سول اسپتال ۾ صحت جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن کي ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي ، پروفيسر رفيع غوري ۽ پروفيسر بيکارام خطاب ڪندا جڏهن ته ان موقعي تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ معلوماتي بينرز ۽ هڪ ڊگهي قداور پورٽريٽ لڳائڻ سميت اسپتال ۾ چراغان پڻ ڪيو ويندو _ ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي صحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته صفائي، سٿرائي سان کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال ذريعي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رهي سگهجي ٿو جڏهن ته ورزش کي روزاني جو معمول بڻائجي ته صحت لاءِ بهتر سنوڻ آهي
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذريل رات هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو
حيدرآباد : سنڌ جي تاريخ کي پنهنجي ڏاهپ ۽ دانشمندي سان سهيئڙيندڙ ۽ نوجوان نسل ۾ سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ پکيڙيندڙ ناليوارو محقق، اديب، تاريخدان، تعليمدان ۽ سنڌ جي اڪابر شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذريل رات هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي اڄ شام سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي پاسي ۾ هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو _ ان کان اڳ سنڌي مسلم سوسائٽي حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه آڏو تڏو وڇايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي سياستدانن، اديبن، محققن، تاريخدانن، تعليمدانن، سماجي ڪارڪنن، سرڪاري عملدارن ۽ عام ماڻهن شرڪت ڪئي _ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وزير ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ جهڙا ڏاها، مدبر، مفڪر ۽ تاريخدان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن _هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ هڪ تمام سهڻي طبيعت جو مالڪ هو جيڪو سچ سان محبت ۽ ڪوڙ سان نفرت ڪندو هو _ هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه ڀٽائي جو وڏو پارکو هو جنهن شاهه سائين جي شاعري تي وڏو ڪم ڪيو _ هن چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس کي ٻيهر کولي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو: سسئي پليجو
حيدرآباد: صوبائي وزيرثقافت سسئي پليجو پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيداتحاد جي هڪ سڃاڻپ آهي جنهن ٽئين دنيا جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري اسلامي بلاڪ بڻايو ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ ملڪ جي غريب ماڻهن ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو _ اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري تصويري ۽ ڪتابن واري نمائش جي دوري دوران ڪيو _نمائش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي، سياسي جدوجهد ۽ سندس زندگي جي آخري لمحن بابت 150 کان وڌيڪ تصويرن ۽ ناليواري ليکڪن جا لکيل 63 ڪتاب رکيا ويا_صوبائي وزير ثقافت نمائش جي اهتمام تي ثقافت کاتي جي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي عظيم شخصيتن جي زندگي بابت اهڙي قسم جي نمائش سان ماڻهن خاص طور تي ايندڙ نسل کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ڇاڪاڻ ته اسانجي ملڪ جي عظيم هيروز ۽ ليڊرز جي جدوجهد ۽ ڪاميابين بابت ايندڙ نسل کي آگاهه ڪرڻ اسانجي ذميواري آهي _ هن چيو…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
ان ڳالهه کي يقني بڻايو وڃي ته گهر شماري دوران ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: مخدوم جميل الزمان
حيدرآباد : صوبائي وزير بين الصوبائي رابطه مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته گهرشماري ۽ آدمشماري وارو ڪم هڪ اهم قومي فرض آهي جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن ۽ ٻيا ماڻهو ان کي بنا ڪنهن فرق ايمانداري سان ادا ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقني بڻايو وڃي ته گهر شماري دوران ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي _ هو اڄ ڊي سي او آفيس مٽياري ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل 2011 تائين ٿيندڙ گهرشماري جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ پ حڪومت سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ان جو جائز حصو ڏيارڻ کانپوءِ هاڻي سمورو پنهنجو ڌيان گهرشماري ۽ آدمشماري واري ۾ اهم ڪم ڏانهن ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ آبادي جي بنياد تي اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو ڏنو ويندو _ گڏجاڻي ۾ ِڊي سي او مٽِياري ثاقب احمد سومرو ٻڌايو ته گهرشماري واري عمل جي مجموعي طور تي نگراني ڪرڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ڊي پي او مٽياري ،پاپوليشن سينس آفيسرز جنيد سهتو، ڊي ڊي اوز روينيو جيڪو سينس ڊسٽرڪٽ آفيسرز…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
يونيورسٽي جي استادن ، آفيسرن ۽ ملازمن کي پنهنجا فرض وڌيڪ محنت سان انجام ڏيڻ گهرجن
ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جي استادن ، آفيسرن ۽ ملازمن جا ترقين جي حوالي سان مسئلا حل ڪيا ويا آهن، کين پنهنجا فرض وڌيڪ محنت سان انجام ڏيڻ گهرجن. هن اها ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو] جي استادن کي ڏنل ترقين بعد استاد تنظيم سائوٽا پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته آئون اڄ اعلان ٿو ڪريان ته جي آر اِي پاس ڪندڙ استادن کي جلد ٻاهرين ملڪ جي يونيورسٽين ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاموڪليو ويندو، هن چيو ته منهنجي مٿان مختلف قسم جا الزام مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جيڪا سرڪاري گاڏي مون پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آندي ان جا به 38 هزار روپيا کيسي مان سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا آهن ۽ شايد ٻين ادارن ۾ ائين نه ٿيو هجي، هن چيو ته استادن جي هارڊ شپ ذريعي هڪ گريڊ جي ترقي وارو مسئلو پوري پاڪستان جي يونيورسٽين جو آهي، جيڪڏهن ٻي هنڌ ان تي عمل شروع ٿيو ته ان تي ضرور غور ڪيو ويندو، هن چيو ته يونيورسٽي جي شعبن ۾ تدريسي ترقي جي لاءِ جيڪڏهن ٻاهران قابل پي ايڇ ڊي پروفيسر مليا ته هو ضرور انهن کي يونيورسٽي ۾…
وڌيڪ پڙھو