مورو
-
جولائی- 2014 -7 جولائی
مورو: مھانگائي چوٽ چڙھيل، مئجسٽريٽ جا ڇاپا، رمضان جو احترام نه ڪندڙن تي ڏنڊ
مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ هوٽلن ۽ روز مرھ جي شين جا اگھ چوٽ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف اڄ قائم مقام جوڊيشنل مئجسٽريٽ ۽ سول جج مورو پرديب ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ ۽ ڊي ايس پي مورو محمد ايوب هاليپوٽو پوليس نفري ۽ روينيو عملي سان گڏجي مورو شهر جي قومي شاهراھ جي مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي سندن مٿان ڏنڍ وڌا
وڌيڪ پڙھو -
6 جولائی
وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن آءِ ڊي پيز کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي، جساف
وانا وزيرستان ۾ فوجي آپريشن ڪري دهشتگردن کي چٿڻ ۾ حڪومت جي سنجيده آهي ته وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن انهن کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪي پناهگير 1500 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڌاريا ڪراچي ۾ جيڪي اچن ٿا اهي وانا وزيرستان ۾ ڪنهن به صورت ۾ واپس وڃڻ لاءِ نه آهي ٿيندا
وڌيڪ پڙھو -
6 جولائی
مورو: دادو مورو پل تي نوجوان سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
مورو ڀرسان دادو مورو پل تي نوجوان سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته نوجوان خودڪشي کان اڳ ۾ پنهنجي قميص جيڪا آسماني رنگ جي هئي اها لاهي اڇلي جنهن ۾ لکت وارو پنو به ڏسڻ ۾ آيو
وڌيڪ پڙھو -
6 جولائی
شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف مورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سنڌي ادبي سنگت مرڪزي جي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران ثقافت کاتي سنڌ پاران مستحق شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي علاج جا پئسا غير مستحق ۽ من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ واري عمل ۽ شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو -
3 جولائی
مورو: ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين شين جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا
مورو شهر ۾ رمضان جهڙي ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين پنهنجي شين جا اگھ ٻيڻا ڪري هٿرادو مهانگائي ڪري روزائتن غريب ماڻهن مسڪين ماروئڙن مزدورن ۽ پورهيتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2014 -30 جون
مورو ڀرسان ڳوٺ رسول آباد ۾ ٻارڙن جي ڳالھ تان جهيڙو
مورو ڀرسان ڳوٺ رسول آباد ۾ بارڙن جي ڳالھ تان کوکر برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺين ڪهاڙين سرن ۽ لوهي سرين جو آزادانه استعمال ٿيڻ ڪري 4 ڄڻا شريف کوکر، علي اصغر کوکر، جان محمد کوکر ۽ علي اڪبر کوکر سخت زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو
وڌيڪ پڙھو -
30 جون
مورو:منٿلي نه ڏيڻ تان ھٿياربندن جي درگاھ مٿان چڙھائي، فقيرياڻي مٿان تشد،گھر کي باھ
نوان جتوئي جي ڳوٺ عثمان خاصخيلي جي ڀرسان درگاھ پير گهمڻ جي فقيرياڻي تي ڏوهاري قسم جي ماڻهن پاران هر مهيني ڏھ هزار روپيا منٿلي نه ڏيڻ تي درگاھ تي هٿيارن جي زور تي چڙهائي ڪري فقيرياڻي مسمات سهڻي زال علي شير کوسو تي سخت تشدد ڪري کين گهر کي باھ ڏئي ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
مورو: تحفظ فراھم ڪيو وڃي، نئين جوڙي جي پريس ڪانفرنس
مائٽ پوڙهي شخص سان سادي پيا ڪرائين پسند جي شادي ڪئي آهي هاڻي مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا آهن کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي پسند جي سادي ڪندڙ جوري جي پريس ڪانفرس ۾ تحفظ جي اپيل؛ تفصيل موجب؛ بوزدار وڏا جي رهواسڻ شازيه ڌيءَ تاج محمد رند بلوچ سڪرنڊ جي عدالت ۾ ذوهيب علي پرهيار سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
مورو: ڳوٺ دولت خان سابقي ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري ٽن گهرن کي باھ لڳي وئي
مورو ڀرسان جمال شاھ وٽ ڳوٺ دولت خان سابقي ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري ٽن گهرن کي باھ لڳي وئي جنهن جو اطلاع مورو فائر برگيڊ کي ڏنو ويو باھ وسائڻ لاءِ ڳوٺاڻن فائر برگيڊ عملي وڏي ڪوشش ڪئي پر باھ نه وسامجي سگهي
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
مورو: جيئي سنڌ انقلابي محاذ جي مرڪزي سڏ تي مظاھرو
جيئي سنڌ انقلابي محاذ جي مرڪزي سڏ تي جسام جي چيئرمين غازي خان سولنگي مٿان حملو ڪرڻ واري واقعي خلاف مورو ۾ جسام جي اڳواڻن ڪارڪنن پاران مرڪزي اڳواڻ اياز ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مطاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو