مٽياري
-
جون- 2013 -3 جون
نيو سعيد آباد شهر مان حددخلين جو فوري طور تي خاتمو آندو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري
نيو سعيد آباد شهر مان حددخلين جو فوري طور تي خاتمو آندو وڃي ۽ شهر جي صفائي ۽ نڪاسي آب جي نظام کي بنا دير درست ڪيو وڃي ۽ سرڪاري عملدار عوام جا مسئلا بنا ديرحل ڪن ۽ پنهنجون ذميواريون شهرين جي خدمت واري جذبي سان ادا ڪن
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2013 -9 مئی
اليڪشن جو پر امن انعقاد تمام گهڻو اهم آهي ۽ ان ڏس ۾ جامع سيڪيورٽي پلان مرتب ڪيو ويو آهي، فياض حسين عباسي
ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سڀ سرڪاري کاتا ۽ سرڪاري عملدار پنهنجو گهربل ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪن ۽ ان ڏس ۾ هڪٻئي سان مربوط رابطو رکيو وڃي _ اهڙي هدايت ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جناب فياض حسين عباسي اڄ هتي پنهنجي آفيس ۾ ضلعي جي اليڪشن ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني
وڌيڪ پڙھو -
9 مئیاليڪشن 2013
ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري جناب فياض حسين عباسي اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن تحت ووٽرن کي تحفظ کان علاوه سڀئي گهربل سهولتون فراهم ٿي سگهنديون .
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -19 اپریل
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه 20 اپريل ٽن ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه سڀاڻي 20 اپريل 2013 تي ڄامشوري ، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو _ تفصيل موجب صحت کاتي وارو وزير سڀاڻي صبح جو 8 وڳي نوري آباد ضلعي ڄامشوري ۾ 30 بسترن تي مشتمل اسپتال جو افتتاح ڪندو جنهن کانپوءِ ساڍي 9 وڳي لمس اسپتال ڄامشوري جو دورو پڻ ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
17 اپریلاليڪشن 2013
مٽياري: پ پ اڳواڻ ۽ آزاد اميدوار فنڪشنل ليگ جي اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو
يوسي تاجپور جي پي پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 44 تي آزاد اميدوار سيد ڀورل شاھي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پي ايس 44 اميدوار سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو ۽ آزاد اميدوار سيد محمد شاھ به پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
14 اپریل
مٽياري ضلعي ۾ غير رجسٽر 74 موٽرسائيڪلون چالان
مٽياري ضلعي ۾ غير رجسٽر 74 موٽرسائيڪلون چالان ڪيون ويون، جنھن ٿاڻي جي حد ۾ جرم ٿيندو ان ٿاڻي جي ايڇ او مٿان ھوندو. ايس ايس پي محمد علي بلوچ
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2011 -20 دسمبر
مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ٿيا
مٽياري : مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي طرفان ڪيل احتجاج اڄ اٺئين (8) ڏينهن به جاري. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ڪيا ويا. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد احتجاج جو دائرو واڌائي ڇڏيو ۽ اٺئين ڏينهن به پنهنجو احتجاج جاري رکيو. مٽياري اجرڪ اتحاد جي صدر الطاف حسين کوسي ميديا کي ٻڌائيندي چيو ته جيسين تائين اسان جرڪ جي مزدورن جا جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويندا تيسين تائين اجرڪ جا مزدور پنهنجو احتجاج جاري رکندا ۽ سنڌ جي ثقافت کي تباه ڪندڙ سنڌ ڌشمنن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي حمايت ڪندڙ انڊس سوشل فورم جي مرڪزي نائب صدر خادم حسين ميمڻ ٻڌائيندي چيو ته اجرڪ جي غريب پورهيتن جي اُجرت ۾ اضافو ڪيو وڃي، اڄ اجرڪ جي مزدورن کي اٺ (8) ڏينهن گذري ويا آهن ۽ اجرڪ جا مزدور مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن.
وڌيڪ پڙھو