لاڙڪاڻو

  • ستمبر- 2011 -
    24 ستمبر

    10 ورھين جي راجڪماري جي اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل واقعي کي 5 ڏينھن گذرڻ باوجود بھ وليد پوليس جوابدار گرفتار نھ ڪري سگھي

    لاڙڪاڻي شھر جي نظر محلي جي رھواسڻ 10 ورھين جي راجڪماري جي اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل واري واقعي کي 5 ڏينھن گذرڻ باوجود بھ وليد پوليس جوابدار گرفتار نھ ڪري سگھي آھي، ان سلسلي ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جو سربراھھ امير ڀنڀرو، ارشاد شيخ، نصر ا لله ابڙو، يسار سنديلو ۽ راجا ڏاھر پھچي سندس قتل ٿي ويل نينگريءَ جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ايس اين پي سربراھھ امير ڀنڀرو وارثن سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ راجڪماري جي قتل واري واقعي جي خبر اخبارن ۾ پڙھي دلي صدمو پھتو ھيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 ستمبر

    ضلعي ڪائونسل جي برطرف ملازمن پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪالھھ 55ھين ڏينھن بھ ھڙتال جاري رکي

    لاڙڪاڻي جي ضلعي ڪائونسل جي برطرف ملازمن پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪالھھ 55ھين ڏينھن بھ ڊي سي او عبدالعليم لاشاري جي خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي بک ھڙتال ۾ شامل ڪامران عباسي، محمد شفيق عباسي، نعمت ا لله ڀٽو، آفتاب جوکيو، امتياز سومرو، خالد حسين ڪوريجو ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي ھنن جو چوڻ ھو تھ اسان پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪندڙ احتجاج کي 55 ڏينھن گذري چڪا آھن، پر ڪوبھ سار لھڻ وارو ڪونھي ڪو، ھنن چيو تھ ڊي سي او عبدالعليم لاشاري بلاجواز جي اسان کي نوڪرين مان برطرف ڪري اسان جي خاندان کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي، ڊي سي او واعدو ڪيو ھو تھ بجيٽ ايندي تھ توھان کي بحال ڪيو ويندو، پر اھا بجيٽ بھ ھڙپ ڪئي وئي آھي، پر ھن وقت تائين اسان کي بحال نھ ڪيو ويو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 ستمبر

    جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واھر نھ ڪرڻ خلاف احتجاج

    لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واھر نھ ڪرڻ خلاف گذريل ڏينھن ڪارڪنن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نيشنل پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جن ۾ رستم سانڊاڻو، امن سرھيو، عبدا لله ڀٽي، رضوان لغاري، خدا بخش سولنگي ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي ھنن جو چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي مدد نھ ڪري رھي آھي، جنھن جي ڪري متاثرين کليل آسمان ھيٺيان بکايل ۽ اڃايل ويٺل آھن ۽ حڪمران صرف پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن، ھنن مطالبو ڪيو تھ متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، نھ تھ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 ستمبر

    مظفر ڀٽو، لالا ياسر، ڄام ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي: جيئي سنڌ متحدھ محاذ

    لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ متحدھ محاذ پاران مرڪزي اڳواڻ مظفر ڀٽو، لالا ياسر، ڄام ڀٽو، رياض ڪاڪيپوٽو، نواب مھر سميت ٻين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف ڪالھھ 2 ڏينھن بھ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جن ۾ عمران چانڊيو، رحيم ڪلھوڙو، ڏاھر منگي، ڪامران کوکر ۽ ٻيا شامل ھئا، ھنن حڪومت کي چتا/ ڏيندي چيو تھ سمورن گم ڪيل ڪارڪنن کي ظاھر ڪري فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آھي، جڏھن تھ سنڌو ديش جي آزاديءَ تان ھٿ کڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 ستمبر

    لاڙڪاڻي ۾ سپاف لاول ڀٽو زرداري جي 22ھين سالگرھ ملھائي

    لاڙڪاڻي ۾ سپاف ضلعي پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 22ھين سالگرھ ڪينيڍي مارڪيٽ آفيس ۾ ملھائي وئي، جڏھن تھ 22 پائونڊن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي عبدالغني جتوئي، ڪامران احمد اوڍاڻو، عمران علي شيخ، عمران علي جتوئي، عبدالغني ملاڻو، مظھر شاھاڻي ،محمد ملوڪ جاگيراڻي، حضور بخش، عبدالستار گاد شامل ھئا، ھنن جو چوڻ ھو تھ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جن سان ھر ڏکي وقت ۾ گڏ آھيون ۽ انھن جي قيادت تي مڪمل اعتماد آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 ستمبر

    شيعھ نمائندھ تنظيمن پاران بلوچستان جي ڪوئٽيا، مستونگ جي دردناڪ، وحشياڻي دھشتگرديءَ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو

    ) لاڙڪاڻي ۾ شيعھ نمائندھ تنظيمن پاران بلوچستان جي ڪوئٽيا، مستونگ جي دردناڪ، وحشياڻي، دھشتگرديءَ واري واقعي خلاف گذريل ڏينھن نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مظاھرين ۾ مجلس وحدت مسلمين، شيعھ علماءِ ڪائونسل، اصغريھ آرگنائيزيشن، اماميھ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، تحريڪ نفاذ، فقھ جعفريھ تنظيمن جي اڳواڻن شامل ھئا، ان موقعي تي مولانا رياض حسين الحسيني، رستم علي حيدري، طارق ڀٽي، سيد مھتاب علي شاھھ، عبدالغفار لھر ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ .2 سيپٽمبر تي بلوچستان صوبي جي ڪوئٽيا مستون کان ايران زيارت تي ويندڙ مومنن جي بس کي ھٿياربندن روڪي مومنن کي بس مان لاھي قطار ۾ بيھاري بيدرديءَ سان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھيو

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    12 جولائی

    ڪراچي جي امن تباهه ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو:منظور وساڻ

    گهرو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان پيار محبت ۽ باهمي تعاون سان امن قائم ڪرڻ چاهيون ٿا،هن چيو ته مونکي 2 ڏينهن ٿيا آهن ته مان ڪچي پهاڙي،قصبه ڪالوني،ڪڇي پاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ ويو آهيان ۽ 2 ڏينهن ۾ ڏٺو وڃي ته گهڻي حد تائين امن بحال ٿي ويو آهي،اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته هر حالت ۾ امن امان بحال ڪري گڙٻڙ ڦهلائيندڙ عناصرن خلاف ڪاروائي ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آڻيون،هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان مفاهمتي پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ان تحت امن بحال ڪنداسين ۽ جيڪي ڌريون تعاون ڪنديون انهن کي گڏ کڻي هلنداسين،ڪراچي 0 4 ملين ماڻهن جو شهر آهي جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون ويون آهن،هن چيو ته دهشتگردن ۽ گڙٻڙ ڦهلائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري 7 5 1 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽باقي رهجي ويلن خلاف ڪاروائي ٿي رهي آهي،هن چيو ته اسان سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    23 جون

    زرداري نئين ديري ۾ تقرير ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي توهين ڪئي آهي:ممتاز ڀٽو

    سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئر مين نواب ممتاز علي ڀٽو پنهنجي رهائش گاه تي مختلف وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته بينظير جي سالگره تي نئون ديري ۾ جيڪا زرداري ڀڳت وڌي اها هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي ۽ توهين آهي جنهن ۾ اها فتويٰ ڏني وئي آهي هي صدارتي ڪرسي تي ويهي سياست نه ٿو ڪري سگهي. زرداري جي ڀڳت نه رڳو ڪورٽ جي توهين آهي پر آئين جي به خلاف ورزي آهي جنهن تي هن کي آئين جي شق 6 تحت سزا ڏئي سگهجي ٿي. رت ڏيڻ واري معاملي تي ممتاز علي ڀٽو چيو ته جن ٽي سال عوام جي رت پيتي آهي انهن فوٽو ڪڍرائڻ خاطر هڪ رت جي بوتل ڏئي جهڙي ترار هئين هوڏانهن اقتصادي ماهرن ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ جي عوام مان 7 ڪروڙ ماڻهو روزانو هڪ سئو روپين کان گهٽ رقم تي گذارو ڪرڻ تي مجبور آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جون

    مولوي نواز شريف پيپلز پارٽي کي فوج سان ويڙھائڻ چاھي ٿو: زرداري

    صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪي ادارن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته ان سان ملڪ جونقصان ٿيندو. اسان فوج، عدليا، ميڊيا ۽ ٻين سڀني ادارن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. حڪومت تي ٿيندڙتنقيد تي ڪاوڙناهيون ڪندا پر مخالف اصلاحي تنقيد ڪن. منهنجي فلاسافي سمجهڻ لاءِ مخالفن کي منهنجي ڪمري ۾ اچڻو پوندو. مونمفاهمتي فلاسافي شهيد بينظير ڀٽو کان سکي هئي. مفاهمتي عمل ملڪ لاءِ انتهائي ضروري آهي جيڪو جاري رکيو ويندو. نئون ديرو هائوس ۾ بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي خلاف جاري جنگ ختم نه ڪنداسين. اڄ اسان انهن ماڻهن لاءِ رت ڏنو جيڪي شهيد يبنظير ڀٽو جي سوچ موجب دهشتگردن خلاف ڏورانهن هنڌن تي جنگ وڙهي رهيا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 جون

    صدر آصف علي زرداري آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ڪاليج تي 160.2 ملين رپين جي لاڳت آئي آهي

    صدر آصف علي زرداري ڪالهه اڱاري ڏينهن آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جو افتتاح ڪيو. هي ڪاليج 160.2 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آهي، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻ جو هڪ ذيلي ادارو آهي، آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڪلاس هن سال سيپٽمبر کان شروع ٿيندا، ميرٽ جي بنياد تي 50 شاگردياڻيون کي داخلا ڏني ويندي. هي اتر سنڌ ۾ پهريون ڊينٽل ڪاليج آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر اڪبر حيدر سومرو صدر کي اداري جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته ڪاليج لاءِ استادن جي خدمتن کي حاصل ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي صدر جي صاحبزادي بختاور ڀٽو زرداري به موجود هئي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button