خيرپور
-
مئی- 2013 -17 مئیاليڪشن 2013
اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ
اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ، درخواست ڏيندڙ پي پي اميدوار ووٽن جي ڳڻپ دوران ڳڻپ جي عمل جو بائڪاٽ ڪري هليو ويو. سيڪيورٽي جا انتظامات انتهاهي سخت ڪيا ويا. رينجرس ۽ پوليس پاران آر او آفيس جا سڀ رستا سيل ڪيا ويا.
وڌيڪ پڙھو -
5 مئی
خيرپور: ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي ۽ ڊي آءِ جي سکر سلطان احمد خواجه ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري شعبن جي ضلعي سربراهن سان 2013 جي عام چونڊن جي انتظامي توڙي امن امان جي صورتحال جي جائزي وٺڻ جي لاءِ هڪ گڏجاڻي ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
5 مئیاليڪشن 2013
عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سکر ڊويزن ۾ انتظامن ۽ امن امان جي صورتحال کي وڌ ۾ وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن اليڪيشن ڪميشن پاران جاري ٿيل ضابطه اخلاف جي خلاف ورزي ڪندڙ ن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستاني عوام جي خدمت ڪنداسين، پ پ اڳواڻ
پيپلز پارٽي جي مرڪزي رهنما ۽ اڳوڻي وزيراعلي سيد قائم علي شاه جي ڌيءَ ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه جيلاني ۽ اين اي 215 جي نامزد اميدوار حاجي نواب خان وساڻ چيو آهي ته پيپليز پارٽي جي قيادت ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي لاءِ پنهنجن جانن جا نذرانا پيش ڪيا ۽ ملڪ جي حقيقي جمهوريت کي نافذ ڪئيِ 11 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر عوام شهيد ذوالفقار علي بٽو جي خاندان سان محبت جو اظهار ڪندي تير تي ٺپو هڻي وفا جو اظهار ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -20 اپریل
صاف ۽ شفاف نموني سان چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوششون پئي ڪري، غلام قاسم جسڪاڻي
ماهيگيري ۽ لائيواسٽاڪ جو نگران صوبائي وزير غلام قاسم جسڪاڻي چيو آهي ته نگران حڪومت جي پهرين ترجيح ملڪ اندر صاف ۽ شفاف نموني عام چونڊون ڪرائڻ آهي جنهن لاءِ نگران حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي نگران حڪومت جي مختصر عرصي دوران اها ڪوشش هوندي ته عوام مسئلن کي حل ڪجي
وڌيڪ پڙھو -
19 اپریل
سڀني تي اها ذميواري آهي ته عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪن، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺياڻي ڊي سي آفيس درٻار هال ۾ خوراڪ ۽ روينيو کاتي جي عملدارن سان هڪ تعارفي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ ڊي سي خيرپور ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداني جي ورهاست، پوليو، ايندڙ اليڪشن جي انتظامن، حدد دخلين، زرعي ٽئڪس، ڍل جي اُڳاڙي، ٽي ايم ايز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزو ورتو.
وڌيڪ پڙھو -
15 اپریل
صوبي اندر ڪڻڪ جي پيدوار تمام گهڻي بهتر ٿي آهي، صوبائي وزير خوراڪ
نگران صوبائي وزير خوراڪ اقبال دائود پاڪ والا چيو آهي ته ڪڻڪ جي خريداري جي مقرر هدف جي خريداري لاءِ صوبي جي مختلف ريجنن ۾ هدف موجب باردانو فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته بارداني جي شفاف ورهاست ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرس (ڊي ايف سيز) کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
12 اپریل
استاد چاهي تي ڪوبه شاگرد ڪاپي نٿو ڪري سگهي، ڪمشنر سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ چيو آهي ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ استاد جو وڏي ۾ وڏو ڪردار آهي ۽ جيڪڏهن استاد چاهي تي ڪوبه شاگرد ڪاپي نٿو ڪري سگهي هن اهڙو اظهار ثانوي ۽ اعلى ثانوي بورڊ سکر جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي هلندڙ مخلتف امتحاني مرڪزن جو دوري دوران ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
12 اپریل
ڪئمپس جي ملازمن کي اداري جي ترقي لاءِ ائين ئي بنا فرق جاکوڙڻ گهرجي، غلام سرور ڪنڌر
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر چيو آهي ته،ننڍا ۽ وڏا ملازم واري لغت منهنجي زندگي جي ڪتاب ۾ ناهي،مون لاءِ سڀ ملازم برابر آهن، ڪئمپس جي ملازمن کي به اداري جي ترقي لاءِ ائين ئي بنا فرق جاکوڙڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
10 اپریل
اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي هڪ ڏينهن لاءِ سيمينار
ٽريڊ ڊولپمينٽ آٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) سکرآفيس پاران سکر جي ڊويزن جي علائقائي تازن ميوون جهڙوڪ اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي هڪ ڏينهن لاءِ درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ هڪ ڏينهن لاءِ سيمينار منعقد ڪرايو ويو
وڌيڪ پڙھو