خيرپور
-
نومبر- 2013 -26 نومبر
خيرپور: ڪنب پوليس جي ڪاروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار
ڪنب پوليس جي ڪاروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار، ٽي ڪلو ڀنگ هٿ، ڪيس داخل. تفصيل مطابق ڪنب ٿاڻي جي پوليس اي ايس آءِ منظور حسين هنڱورو جي اڳواڻي ۾ ٽالپور وڏا کان ننگريجه ويندڙ روڊ واٽر سپلاءِ ڀرسان جوابدار سبز علي گوپانگ کي ٽي ڪلو ڀنگ سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ان خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس جيل اماڻي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
26 نومبر
سکر کان بوزدار وڏا ويندڙ واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال
سکر کان بوزدار وڏا ويندڙ واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال، هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فون ڦر. تفصيل مطابق سکر ۾ موٽر سائيڪن جو واپار ڪندڙ واپاري سردار علي شيخ، سيد الطاف شاهه ۽ لحاظ الدين موٽر سائيڪل تي سکر کان بوزدار وڏا ويندي ڪنب ٿاڻي جي حد ڪنب _ ننگريجه روڊ وٽان گذرندي جڏهن کجين جي باغ وٽ پهتا ته ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کين يرغمال بڻائي هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فونون ڦري فرار ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
26 نومبر
خيرپور: ضلعي جون تمام هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته خيرپور ضلعي جون تمام هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 31 ڊسمبر 2013 تائين مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته ترقياتي ڪمن جي معيار جي لاءِ هڪ نگراني ٽيم جي تشڪيل ڏني وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
26 نومبر
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خيرپور ڪئمپس پرو وائس پاران امتحاني مرڪزن جو دورو
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خيرپور ڪئمپس ۾ ريگيولر سيمسٽرامتحان شروع. پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر پاران امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو ويو،دوري دوران پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مهيا ڪيل سهولتن جو پڻ جائزو ورتو
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2013 -22 اکتوبر
قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو، جاويد شاهه جيلاني
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد جاويد شاهه جيلاني چيو آهي ته وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو. فنڪشنل ليگ اهڙا اجايا پئي ڪري، وزيراعلي جي سربراهي ۾ ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. ۽ ڪراچي ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امن آهي.
وڌيڪ پڙھو -
15 اکتوبر
پ پ حڪومت سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي آھي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2013 -18 جولائی
صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي 192 هين عرس جي انتظامن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي
سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي 192 هين عرس جي انتظامن جي سلسلي ۾ چيئرمين سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي درگاهه سچل سرمست ڀرسان قائم سماع هال ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن م حضرت سچل سرمست جي 192 هين عرس جي مختلف انتظامن جو جائزو ورتو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
14 جولائی
سنڌ حڪومت پاران بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي، وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي با برڪت مهيني ۾ عوام کي ڀرپور رليف ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت پاران صوبي اندر رمضان بچت بازار ۽ اٽي سستا اسٽال قائم ڪيا پيا وڃن
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2013 -8 جون
جسقم ڪنهن به ريت سنڌي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ، جسقم
جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي خيرپور جي چيف آرگنائيزر علي عثمان ميمڻ، ايوب لاشاري ، رحيم سهتو، پرويز لنجار هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ۾ هلندڙ خوني تقرار ۽ قبيلائي جهيڙن خلاف 14 جون تي ڪمب شهر ۾ اڇا ۽ ڳاڙها جهنڊا تي شاهه جو رسالو ساڻ ڪري امن ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور آمد تي شاندار استقبال
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڏي وزير جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پهريون دفعو خيرپور پهتو جنهن جو سکر ايئر پورٽ تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سکر ايئرپورٽ کان شاندار ريلي جي صورت ۾ خيرپور روانو ٿيو
وڌيڪ پڙھو