خيرپور
-
دسمبر- 2013 -29 دسمبر
خيرپور: پنجاهه کان وڌيڪ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري
خيرپور جي عدالتن مان پنجاهه کان وڌيڪ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري، انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر ۽ اي ايس آءِ جي عهدن وارا شامل.
وڌيڪ پڙھو -
21 دسمبر
درگاهه بهار شاهه جي قبرستان تي قبضو
درگاهه بهار شاهه جي قبرستان تي قبضو، زائرين طرفان احتجاج، تدارڪ جو مطالبو
وڌيڪ پڙھو -
20 دسمبر
خيرپور: عدالت يارنهن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
خيرپور جي عدالت يارنهن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم.
وڌيڪ پڙھو -
20 دسمبر
خيرپور: عدالت فنڪشنل ليگ اڳواڻ طاهر امتياز ڦلپوٽو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي
خيرپور جي عدالت اڳوڻي تعلقه ناظم خيرپور ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ طاهر امتياز ڦلپوٽو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
16 دسمبر
خيرپور: مجيب سولنگي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو
مجيب سولنگي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو، خيرپور پوليس جي ڳوٺ باغ واهه تي چڙهائي، سولنگي برادري جي گهرن ۾ گهري ڦرلٽ.
وڌيڪ پڙھو -
8 دسمبر
صحت ، تعليم ۽ پوليس کاتي ۾ بهتري آڻڻ جون پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيون وڃن، وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته صوبائي حڪومت پاران صحت ، تعليم ۽ پوليس کاتي ۾ بهتري آڻڻ جون پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيون وڃن.
وڌيڪ پڙھو -
نومبر- 2013 -26 نومبر
خيرپور: پوليس رضا لاشاري جي اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
خيرپور پوليس رضا لاشاري جي اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، عدالت ۾ پيش، ستن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي انويسٽيگيشن پوليس گناهه نمبر 250 سال 2013 ڳوٺاڻي رضا لاشاري جي اغوا ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل وحيد علي ولد عبدالڪريم شاهاڻي کي گرفتار ڪري سيڪنڊ سول جج مس ثمينه منگي جي عدالت ۾ پيش ڪرائي هڪ هفتي جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
26 نومبر
خيرپور: عدالتي حڪمن جي پيروي نه ڪندڙ ايس ايڇ کي شوڪاز نوٽيس
خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن جي پيروي نه ڪندڙ ايس ايڇ او شاهه لطيف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مس ثمينه منگي جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي شاهه لطيف ٿاڻه خيرپور جي ايس ايڇ او محمد آصف مغل خلاف قلم 157 جي ڪاروائي ڪندي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪري عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
26 نومبر
خيرپور: سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر جو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو
سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر جو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، چاپي جي ڪڙڪ تي ناحق باندي ڇاپي کان اڳ آزاد. تفصيل مطابق ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحميد قريشي جي هدايت بعد سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مس ثمينه منگي ٻي عدالتي عملي کي ساڻ ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
26 نومبر
خيرپور: منشيات ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا
خيرپور جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي جيل اماڻي ڇڏيو، ٽي ٽي لک روپيه ڏنڊ به مقرر، نه ڏيڻ تي ڏيڍ ڏيڍ سال وڌيڪ قيد ڀوڳيندا. تفصيل مطابق فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ائنٽي نارڪوٽيڪس جي اسپيشل جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت ايڪسائيز پوليس گمبٽ جي هڪ منشيات جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل حسن گل ۽ نبي گل پٺاڻ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين عمر قيد ۽ ٽي ٽي لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کين جيل اماڻي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو