خيرپور
-
جولائی- 2014 -16 جولائی
خيرپور: عدالت ٽيهن کان وڌيڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
خيرپور جي عدالت ٽيهن کان وڌيڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ حاضرين تي پيش ڪرائڻ لاءِ پوليس کي حڪم. تفصيل مطابق سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج آفتاب احمد آرائين جي عدالت مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي ٽيهن کان وڌيڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين عدالت ۾ حاضرين تي حاضر ڪرائڻ جو پابند بڻائيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
خيرپور: حاضري تي آيل ٻه قيدي هٿڪڙين سميت فرار
ڪنگري عدالت مان حاضري تي آيل ٻه قيدي هٿڪڙين سميت فرار، ٽي اهلڪار گرفتار. تفصيل مطابق سينٽرل جيل خيرپور مان ڪنگري جي عدالت ۾ حاضري تي ويل ٻه قيدي صدام اوڍو ۽ ڪريم ڏنو خواجه عدالت ٻاهران پوليس کي چڪمو ڏيئي هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
14 جولائی
سنڌ ڌرتي شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڌرتي عظيم صوفي بزرگن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي جيڪو اسانجي لاءِ مشعلِ راهه آهي جڏهن ته سنڌ ڌرتي صوفي بزرگن سان گڏو گڏ عظيم سياسي ليڊر پڻ پيدا ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
13 جولائی
وڏي وزيرپاران خيرپور جي بار لاءِ 15 لک جو اعلان ۽ وڪيلن جي لاءِ 500 ، 500 گز پلاٽ ڏيڻ جو اعلان
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي وڪيلن هميشه جمهوريت جي بحالي ۽ بهتر عدالتي نظام جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي جڏهن ته ان سلسلي پيپلز پارٽي پڻ هميشه جمهوري توڙي عدالتي ادارن جي مضبوطي لاءِ جدجهد ڪندڙن جو ساٿ ڏنو.
وڌيڪ پڙھو -
12 جولائی
خيرپور جو سب رجسٽرار بي پي ايس 16 اسڪيل بجاءِ بي پي ايس 11 اسڪيل وارو هجڻ وانڪشاف
خيرپور جو سب رجسٽرار بي پي ايس 16 اسڪيل بجاءِ بي پي ايس 11 اسڪيل وارو هجڻ جو انڪشاف، خيرپور جي وڪيل طرفان ڪاروائي لاءِ اعليٰ حڪام کي درخواستون
وڌيڪ پڙھو -
12 جولائی
خيرپور : حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران ايوارڊ ڏناويندا
حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران مختلف صنفن تي مختلف اديب، شاعر، سگهڙ ، ملهه پهلوان، گلوڪار، صوفي راڳي، ڪارڪن ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ٻيا سچل ايوارڊ ڏنا ويندا
وڌيڪ پڙھو -
12 جولائی
سيٺارجه جي سينئر صحافي جي سرڪار واهر نه ڪئي، بيماري سبب بستري داخل
سيٺارجه جي سينئر صحافي جي سرڪار واهر نه ڪئي، بيماري سبب بستري داخل، وزير اعليٰ سنڌ جي حڪمن باوجود سندس سرڪاري طرح سان علاج نه ٿيو.
وڌيڪ پڙھو -
12 جولائی
خيرپور: مل ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران
مل ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، رهواسي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ پاڻي خريدڻ تي مجبور، نساسڪ انتظاميه سندن سار نه لڌي، عورتون ۽ معصوم ٻار پريشان. تفصيل مطابق خيرپور جي قديمي رهائشي ايريا مل ڪالوني ۾ نساسڪ انتظاميه جي بي ڌياني سبب پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي هڪ مهيني کان بند آهي.
وڌيڪ پڙھو -
9 جولائی
سکر جي بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور جي ڊزن کان وڌيڪ باقيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
سکر جي بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور جي ڊزن کان وڌيڪ باقيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي پيش ڪرائڻ جو حڪم.
وڌيڪ پڙھو -
9 جولائی
خيرپور جي عدالت ٽن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
خيرپور جي عدالت ٽن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ڊي آءِ جي سکر، ايس پي خيرپور ۽ گهوٽڪي کي ليٽر جاري.
وڌيڪ پڙھو