خيرپور
-
جون- 2011 -1 جون
موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪندي: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده سنڌ حڪومت صوبي اندر امن امان جي بحالي کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته غربت گهٽائڻ جا مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن. وڏي وزير اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ شهرين ، انجمن تاجرانِ جي نمائندن ۽ پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي وفدن سان ملاقاتون ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪندي صوبي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي ، صحت ۽ تعليم جي شعبن اندر بهتري آندي آهي جڏهن هزارن جي تعداد ۾ بيروگارنوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ويو آهن. هن چيو ته پڙهيل لکيل نوجوانن کي شهيد بينظير ڀٽو يوٿ پروگرام تحت مختلف شعبن ۾ تربيتون ڏئي روزگار لائق بڻايو آهي ۽ کين تربيت دوران معاوضو پڻ ڏنو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته صوبي اندر غريب هارين کي ۽ خاص طور تي عورتن کي مفت زرعي زمين ڏني وئي آهي ته جيئن هوُ زمين آباد ڪري پنهنجي گهر جو چلهو ٻاري سگهن.
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2011 -20 مئی
-
19 مئی
پنجن ڏينهن اندر فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو ويندو: محمد عباس بلوچ
خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اربع ڏينهن فيض گنج تعلقي جي پڪا چانگ شهر پهتو جتي ڊي سي او آبادگارن سان پاڻي جي کوٽ جي جي شڪايتن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ آبپاشي کاتي جي ايس اي ولي محمد نائچ، اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو، رينجرس جي عملدارن ۽ وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي جي پهچ کي يقين بنائڻ لاءِ آبادگارن، آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويندي جيڪي پاڻي جي حوالي سان آيل شڪايتن جو ازالو ڪندا. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته رينجرس جي عملدارن جي گشت کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن پاڻي جي چوري کي روڪي سگهجي. گڏجاڻي کان بعد ۾ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجن ڏينهن اندر فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو ويندو جڏهن ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڪوتاهي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته هاڻي فصلن جي پوک لاءِ پاڻي جي وڌيڪ استعمال ڪري فيض گنج تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي…
وڌيڪ پڙھو -
17 مئیخيرپور
راندين سان معاشرو صحتمند ٿئي ٿو راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موجوده حڪومت ملڪ جي مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر بڻائي نوجوانن کي اسپورٽس جا بهتر موقعا فراهم ڪيا آهن : ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه
خيرپور: اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو آهي ته نوجوانن جي راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر ڪئي پئي وڃي جڏهن ته نوجوانن کي پنهنجي پڙهائي سان گڏو گڏ راند روند ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار ممتاز گرائونڊ تي ضلعي جي مختلف فوٽبال ڪلبس جي رانديگرن ۾ اسپورٽس ڪٽس ورهائڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته راندين سان معاشرو صحتمند ٿئي ٿو راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موجوده حڪومت ملڪ جي مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر بڻائي نوجوانن کي اسپورٽس جا بهتر موقعا فراهم ڪيا آهن. تقريب ۾ ضلعي خيرپور جي ڏهن مختلف فوٽبال ڪلبس جي رانديگرن ۾ اسپورٽس ڪٽس ورهايون ويون جڏهن ته فوٽ بال ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سيد مير محمد شاهه، سيد سميع الله شاه راشدي، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ممتاز گرائونڊ تي ڊي سي او اليون ۽ اِي ڊي او سي ڊي ڊي اليون فوٽبال مئچ پڻ ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او اليون جي ٽيم اي ڊي او سي ڊي ڊي جي ٽيم کي ٻن گولن تان شڪست ڏني. کٽيندڙ…
وڌيڪ پڙھو -
17 مئی
گذريل مهيني ۾ 31 ڌاڙيل ، 163 روپوش ۽ 11 اشتهاري ملزم گرفتارڪيا ويا
خيرپور: ڊي پي او خيرپور عرفان بلوچ اپريل مهيني جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني ۾ 31 ڌاڙيل ، 163 روپوش ۽ 11 اشتهاري ملزم گرفتارڪيا ويا آهن جڏهن ته گذريل مهيني هڪ ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. جڏهن ته رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته ته ضلعي پوليس ضلعي جي مختلف علائقن مان 09 ڪلاشنڪووز، 06 بندوقون ،23 پسٽل، 02 ريوالور، هڪ جي ٿري رائيفل، هڪ ڪيريبين، 42 ڪارتوس ۽ 293 گولين جا رائونڊ پڻ هٿ ڪيا آهن. جڏهن ته ضلعي پوليس مختلف ڪاروايون ڪندي 3 ڪلو 980 گرام چرس، 3 ڪلو 500 گرام ڀنگ ۽ 20 بوتلون 30 ليٽر شراب پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سماجي بُرائي ۾ ملوث 20 ڄڻن کي سي آر پي سي 107 تحت ۽ ٻن پاٿاريدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
15 مئی
موجوده حڪومت عوام جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي:ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني
خيرپور : قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي جڏهن ته ماضي ۾ آمر حڪمرانن عوام جي مفادن ابتڙ ڪم ڪري ملڪ کي وڏو نقصان رسايو. هن چيو ته عدليه ماضي جي آمر حڪمرانن جي غير آئيني عهدن خلاف ڪو فيصلو ڪو نه ڏنو پر موجوده جمهوري نظام جي چونڊيل صدر جي خلاف عوام جي خواهشن جي ابتڙ فيصلو ڏئي عوام کي مايوس ڪيو آهي هن اهڙو اظهار آچر ڏينهن گورنمينٽ ناز پائيليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور جي گرائونڊ تي معذورن ۾ ويل چيئرس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾آيل آمرحڪمرانن جمهوري نظام ٽوڙي عوام ۽ ملڪ کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪيو ۽ ڊڪٽيٽرن جي غير آئيني قدمن خلاف ملڪ جو عدالتون خاموش رهيون جڏهن ته موجوده جمهوري حڪومت عوام جي فلاح و بهبود جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن پر عدالت جي تازو آيل پاڪستان جي چونڊيل صدرِ آصف علي زرداري جي ٻن عهدن خلاف ڏنل فيصلي تي عوام کي ڏک رسيو آهي. هن چيو ته…
وڌيڪ پڙھو -
15 مئی
-
14 مئی
-
13 مئی
خيرپور ۾ هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو
خيرپور : ضلعي حڪومت پاران اين ايل سي اسٽاپ وٽان ٺيڙهي ڦاٽڪ تائين هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ گڏيل طور تي ڪيو. ميراٿن ريس ۾ ڪيترن ئي نوجوانن حصو ورتو جنهن ۾ عرفان بلوچ پهرين، سعيدالله بلوچ ٻئي جڏهن ته سيد نديم شاهه ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
13 مئی
سينٽرل جيل خيرپور ۾ڪنهن به قيدي سان ڪوبه غير قانون ورتاءُ يا تشدد جو جيل اندر ڪوبه تصور ڪونهي
ذريل هڪ سال کان سينٽرل جيل خيرپور منشيات کان پاڪ آهي. جيل سپرنٽينڊنٽ وڌيڪ ٻڌايو ته عام طور تي قيدين سان جيل جي قائدن مطابق ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته ڪنهن به قيدي سان ڪوبه غير قانون ورتاءُ يا تشدد جو جيل اندر ڪوبه تصور ڪونهي.
وڌيڪ پڙھو