خيرپور
-
جون- 2012 -4 جون
تعليمي ادارن مان ڪاپي جو خاتمو آڻي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، زاهد قربان علوي
چيئرمين سنڌ زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي چيو آهي ته تعليم ادارن سان قوم جو مستقبل وابسته آهي جڏهن ته سرڪاري تعليمي ادارن مان ڪاپي جو خاتمو آڻي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ضلعي زڪوات ڪاميٽي پاران مالي سائتا 2۽ 3 جون تي ڪئي ويندي
چيئر مين ضلعي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي فقير شير علي ڏيٿو ڄاڻايو آهي ته ضلعي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ضلعي زڪوات ڪاميٽي پاران مالي سائتا ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
خيرپور ۾ پوليو مھم 4 جون کان شروع پئي ٿئي
صحت کاتي خيرپور جي ضلعي عملدار ڊاڪٽر ڪئپٽن احسان الله سيال ڄاڻايو آهي ته پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ پنجن سالن جي عمر تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽن ڏينهن واري مهم جون 04 کان جون 06، 2012 تائين جاري رهندي
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2012 -30 مئی
نادرا طرفان 28 مئي کان موبائل رجسٽريشن وينز ھلايو وينديون
ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايم آر ويز) نادرا ريجنل هـيڊ ڪواٽر سکر شفيق احمد آرائين ڄاڻايوآهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن جي ماڻھن کي سندن مقامي علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي فراھمي واسطي 28 مئي کان 08 جون 2012 تائين موبائيل رجسٽريشن وينز ھلايون پيون وڃن
وڌيڪ پڙھو -
23 مئی
امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان رابطو نمبر
چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن سکر آغا اعجاز احمد خان پاران ايگزيڪيٽوِ انجنيئر بئراج ڊويزن سکر آفتاب احمد کوسو کي فلڊ ايمرجنسي آفيسر جڏهن ته اسسٽنٽ ايگزيڪيٽوِ انجنيئر ريگيوليشن سب ڊويزن سکر عبدالستار ساريو کي فلڊ لائيزان آفيسر نامزد ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
23 مئی
بهادر خان اڄڻ کي خيرپور لاءِ امڪاني فلڊ ايمرجنسي ۾ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو
چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن سکر آغا اعجاز احمد خان پاران ايگزيڪيٽوِ انجنيئر ايريگيشن ويسٽ خيرپور بهادر خان اڄڻ کي خيرپور لاءِ امڪاني فلڊ ايمرجنسي ۾ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي. جنهن سان آفيس نمبر 0243-9280143 تي رابطو ڪري امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان ضروري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
21 مئی
سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو ناهي, اسين سجاڳ آھيون; وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مضبوط هٿن ۾ آهي سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو ناهي. هن چيو ته اسين سُجاڳ آهيون ۽ سياست کان چڱي طرح واقف آهيون. هن اهڙو اظهار راڻيپور لڳ ڳوٺ سرائي پيارو خان خاصخيلي ۾ اڳوڻي چيف ايڪنامسٽ ۽ سيڪريٽري مرحوم سرائي محمد علي خاصخيلي جي پوئنرن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيند ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
20 مئی
اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن جڏهن ته اسلام تي يقين رکندڙ هر مسلمان کي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ ۾ امن امان ۽ ايڪي سان رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. وزير اعلى سنڌ اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ شهر جي امن ڪاميٽي جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2012 -19 اپریل
سماجي اداري پاران شاگردن ۾ سرٽيفيڪيٽ تقسيم ڪيا ويا
خيرپور ۾ تعليمي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري مئڪزيمم ڊوالپمينٽ آرگنائزيشن(ايم ڊي او) پاران ڪمپيوٽر ۽ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا جو ڪورس ڪندڙ پهرين بيچ جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائڻ واري تقريب ايم ڊي او جي آفيس، لڳ چانڊيا موڙ تي ٿي گذري.ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جي سربراهه ۽ تقريب جي خاص مهمان نذير احمد اڄڻ پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽفڪيٽ ۽ انعام ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي خيرپور جي ناليواري سماج سڌارڪ نذير احمد اڄڻ چيو ته ايم ڊي او جي ٽيم محدود وسيلن سان ٿوري عرصي ۾ خيرپور اندر ڪمپيوٽر جي تعليم جي ترقي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2012 -22 مارچ
ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت کي نه ٿو گهٽائي سگهجي: ڪوثر ٻرڙو
ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو چيو آهي ته موجوده دور ۾ ڪيترن ئي ٽي وي چينلز جي هوندي به ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت نه گهٽجي سگهي آهي جنهن جو ثبوت ٻڌندڙ پاران ريڊيو جي مختلف پرگرامن جي حوالي سان پيغام ۽ خط موڪليا وڃن ٿا. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان خيرپور گذريل 29 سالن ۾ ڪيترائي فنڪار، اداڪار ۽ براڊ ڪاسٽر پيدا ڪيا آهن جيڪي سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن. هن اهڙو اظهار ريڊيو پاڪستان خيرپور جي 29 سالگرهه جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر ٻرڙو چيو ته ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات جلد سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڪوششن ۽ مالي سهڪار سان ميڊيم ويوز تي شروع ڪئي ويندي ۽ ريڊيو جا ملازم پنهنجون ذميواريون نڀائيندي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن جن جي ڪوششن سان ريڊيوجي ٻڌندڙن لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن جن کي نه صرف ٻڌندڙ دلچسپي سان ٻڌن ٿا پر فون ڪال ڪري حصو وٺي پنهنجي راءِ جو اظهار پڻ ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ريڊيو پاڪستان اندر مختلف ماڻهن جي سهڪار سان ريڊيو جي مشهور فنڪارن، صداڪارن ۽ اداڪارن جي ياد گار تصويرن جي هڪ گئلري…
وڌيڪ پڙھو