خيرپور
-
جنوری- 2013 -28 جنوری
سنڌ هڪ قديم ۽ تاريخي ثقافت رکندڙ خطو آهي، آمريڪي قونصل جنرل
آمريڪي قونصل جنرل مائيڪل جي ڊاڊمين چيو آهي ته سنڌ هڪ قديم ۽ تاريخي ثقافت رکندڙ خطو آهي کيس ڪوٽ ڏجي قلعو گهمي ڪري کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
27 جنوری
ڪوٽڏيجي قلعي ڀرسان آرٽ گيلري ۽ نمائشي سينٽر جو افتتاح
هيريٽيج فائونڊيشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن ۽ چيف ايگزيڪيٽوِ مئڊم ياسمين لاري ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ گڏجي فائونڊيشن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ڪوٽڏيجي قلعي ڀرسان آرٽ گيلري ۽ نمائشي سينٽر جو افتتاح ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
17 جنوری
پنهنجي ملڪ کي پوليو فري ملڪ قرار ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺڻ گھرجن، طاهر حسين سانگي
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي چيو آهي ته دنيا اندر تمام گهٽ ملڪ آهن جيڪي اڃان پوليو فري قرار نه ڏنا ويا آهن جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي
وڌيڪ پڙھو -
2 جنوری
اسڪائوٽ پارڪ ۽ ٽريننگ سينٽر جو تعميراتي ڪم جنوري 2013 کان شروع ، عابد علي شاهه
سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي ڪمشنر ڪوآرڊينيشن سيد عابد علي شاهه چيو آهي اسڪائوٽ گرائونڊ کجور منڊي خيرپور تي اسڪائوٽ پارڪ ۽ ٽريننگ سينٽر جو تعميراتي ڪم جنوري 2013 کان شروع ٿي ويندو
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2012 -28 دسمبر
سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو سنگِ بنياد رکندو
سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه 29 ڊسمبر 2012 بروز ڇنڇر تي صبح جو 11 وڳي ايليمينٽري ڪاليج فار وومين اندر لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو سنگِ بنياد واري تقريب ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪري تقريب کي خطاب ڪندو. ا
وڌيڪ پڙھو -
27 دسمبر
نوجوانن کي پنهنجو پاڻ ۾ رابط قائم ڪري ملڪ جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي، نفيسه شاهه جيلاني
قومي ڪميشن براءِ انساني ترقي (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرپرسن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت نوجوانن جي معاشي ۽ سماجي توڙي معياري تعليم جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
24 دسمبر
قومي شناختي ڪارڊ جي حوالي سان گڏجاڻي 26 ڊسمبر تي ٿيندي
عورت فائونڊيشن ۽ ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊوڪيسي (بسوا) پاران خيرپور ضلعي جي 54 ٻهراڙي جي يونين ڪائونسلن جي عورتن جي قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ضلعي نيٽورڪ سپورٽ جي گڏجاڻي 26 ڊسمبر 2012 بروز اربع ڏينهن صبح جو 9:30 وڳي سول اسپتال خيرپور ويجهو خانڻ شاهه ڪالوني بسوا آفيس ۾ منعقد ٿيندي. گڏجاڻي ۾ نادرا، اليڪشن ڪميشن، زڪوات ، اطلاعات، روينيو ۽ سوشل ويلفيئر کاتي توڙي اين جي اوز جا نمائندا شرڪت ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
24 دسمبر
خيرپور ۾ سنڌ يوٿ ليڊرشپ ڪانفرنس 26 ڊسمبر تي منعقد ڪئي ويندي
سنڌ حڪومت جي يوٿ افيئرز ۽ يونيسيف جي رائٽ ٽو پلي پاران 26 ڊسمبر 2012 بروز اربع ڏينهن سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ صبح جو 9 وڳي کان شام جو 5:30 تائين سنڌ يوٿ ليڊرشپ ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
24 دسمبر
شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي پيادل قافلو گمبٽ پھچي ويو
شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاهه کان ڳڙهي خدا بخش لاءِ نڪتل پيادل قافلو سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون مير سُهراب خان مري صدر پيپلز اسٽوڊنٽ فرنٽ ۽ پيپلز اسٽوڊنٽ فرنٽ جي ڪوارڊينيٽر سينيٽر عاجز ڌامراهه جي اڳواڻي ۾ هنڱوراجه، راڻيپور ۽ گمبٽ کان ٿيندو لاڙڪاڻي لاءِ روانو ٿي ويو. گمبٽ ۾ کين پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نعيم احمد کرل، وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ٻين آجيان ۽ گُلن جي ورکا ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
24 دسمبر
ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران قائد اعظم جي سالگرھ 27 ڊسمبر تي ملھائي ويندي
ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جن جي 136 سالگرهه 25 ڊسمبر 2012 تي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو صاحبه جن جي پنجين ورسي 27 ڊسمبر 2012 تي صبح جو 10 وڳي سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور جي هال ۾ ملهائي ويندي جنهن ۾ ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون، شاگرد، استاد ۽ سول سوسائيٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.
وڌيڪ پڙھو