ڪراچي
-
ستمبر- 2011 -22 ستمبر
جماعت اسلامي ۽ الخدمت طرفان امدادي سرگرميون جاري، گشتي موبائل ميڊيڪل ٽيمن جو درو ۽ ٽنڊو باگو رليف ڪئمپ ۾ 8 ٻارڙن جي پيدائش،شهدادپور ۾ خيمه بستي قائم،نواب شاهه ۽ سانگهڙ ۾ امداد تقسيم ڪئي وئي
جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري الخدمت طرفان سنڌ جي برسات سٽيل عوام ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن.هزارين رضاڪار ۽ ڪارڪن ڏينهن رات امدادي سرگرمين ۾ رڌل آهن. شڪارپور:شڪارپور ۾ شهر جي مک چوڪ گهنٽا گهر لکي در وٽ ٽي ڏينهن ڪئمپ لڳائي وئي جڏهن ته اڄ آخري ڏينهن تي ڪارڪنن مقامي اڳواڻن عبدالسميع ڀٽي،محمد ابراهيم بروهي جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف بازارن ۾ وڃي ڪري متاثرن جي واهر لاءِ جهولي فنڊ گڏ ڪيو. نواب شاهه:نواب شاهه ۾ جماعت اسلامي طرفان مقامي امير سرور احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ قاضي احمد ويجهو يونين ڪائونسل مرزا باغ جي ڳوٺ الله بخش لاشاري جي ٻوڏ متاثرن ۾ راشن جا ڪٽا،تنبو،مڇردانيون ۽ پلاسٽڪ جون شيٽون ورهايون.جڏهن ته الخدمت جي ضلعي صدر عبدالباسط قريشي جي سربراهي ۽ ڊاڪٽر جاويد جي نگراني هيٺ ڳوٺ علي نواز ڀٽو ۽ زيرتعمير ڪيڊٽ ڪاليج ۾ قائم ڪئمپ ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ٽي سو کان وڌيڪ مريضن جو چڪاس ۽ مفت دوائون ڏنيون
وڌيڪ پڙھو -
20 ستمبر
ايم ڪيو ايم مخالف ڌر ۽ حڪومتي مزا وٺڻ جو ٻٽو ڪردار ادا ڪري خراب روايت ۽ مفاد پرستي جي انتها ڪري ڇڏي آهي.اسدالله ڀٽو
جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مخالف ڌر ۽ حڪومت جا مزا وٺي هڪ طرف خراب روايت ۽ مفادپرستي جي انتها ڪري ڇڏي آهي.متحده طرفان سنڌ ۾ هڪ طرف مخالف ڌر جي چيمبر سميت سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي بينچن تي ويهڻ ٻئي طرف سنڌ جي گورنر شپ ۽ وزارتن حاصل ڪرڻ واري ڪردار عوام ۾ اصل پت وائکي ڪري ڇڏي آهي،جيڪا ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ جماعت اسلامي سنڌ جي پارلياماني بورڊ جي هڪ اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تقريبن ٽي مهينا اڳ ۾ ايم ڪيو ايم جي وزيرن استعيفائون ڏنيون آهن جيڪي اڄ تائين منظور نه ٿيون آهن جنهن جو صاف مطلب اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جا سڀئي وزير اڄ تائين صوبائي وزير جي حيثيت سان پگهار،مراعات ۽ ٻيا الائونس حاصل ڪن پيا.
وڌيڪ پڙھو -
17 ستمبر
سرندي وارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن .ڊاڪٽر سيد وسيم اختر
جماعت اسلامي جو مرڪزي سڪريٽري جنرل لياقت بلوچ سنڌ جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڇنڇرتي(اڄ) ڪراچي پهچندو.صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب هو 18۽ 19 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ طوفاني برساتن کان متاثر ضلعن جو تفصيلي دورو ڪندو جتي هو هيل تائين الخدمت فائونڊيشن طرفان برسات سٽيلن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڪيل امدادي سرگرمين جو جائزو وٺندو.صوبائي امير اسدالله ڀٽو،الخدمت فائونڊيشن جا ٻيا عهديدار پڻ ساڻس گڏ هوندا.
وڌيڪ پڙھو -
17 ستمبر
سيد منور حسن برسات سٽيل ضلعن جي عهديدارن جواجلاس سڏائي ورتو ٿيل نقصان،امدادي سرگرمين جو جائزو ۽ اڳتي جي رٿا بندي ڪئي ويندي: ترجمان جماعت اسلامي سنڌ
جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ طوفاني برسات سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصان جي جائزي ۽ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ برسات کان متاثر ضلعن جي پارٽي عهديدارن جو هڪ اهم اجلاس ڇنڇر ڏينهن سترنهن سيپٽمبر تي منجهد 2 وڳي صوبائي دفتر قباءِ آڊيٽوريم ۾ سڏائي ورتو..صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب اجلاس جي صدارت جماعت اسلامي جو مرڪزي امير سيد منورحسن شاهه ڪندو.ان موقعي تي سنڌ جي برسات سٽيل ضلعن ۾ ٿيل نقصان توڙي جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن طرفان ڪيل امدادي سرگرمين جو جائزو ۽ اڳتي جي رٿابندي پڻ ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
15 ستمبر
الخدمت هن مشڪل گهڙي ۾ سنڌ جي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.الخدمت فائونڊيشن سنڌ
الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران ٽنڊو باگو،بدين۽ ٽنڊومحمد خان ۾ خيما وسنديون قائم .گذريل ڏينهن الخدمت فائونڊيشن جو مرڪزي صدر نعمت الله خان متاثر علائقن جو ڪراڙپ باوجود دورو ڪيو۽ امدادي ڪمن جو جائزو۽ امداد تقسيم ڪئي .جڏهن ته اڄ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير محمد حسين محنتي ۽ سڪريٽري الخدمت عبدالعزيز به ميرپور خاص،ٽنڊو الهيار،ڊگري،۽ ڪوٽ غلام محمد جودورو ڪري متاثرخاندانن سان همدردي جو اظهار ۽ راشن بيگ ورهايا. .الخدمت فائونڊيشن جي صوبائي صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري هڪ مشاورتي اجلاس کان پوءِ پريس بريفنگ دوران چيو ته الخدمت جون رضا ڪار ٽيمون برسات سٽلين جي امداد ۾ مصروف عمل آهن برسات کان متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ کان ويندي طبي امداد ۽ پڪل کاڌو به پهچايو پيو وڃي .الخدمت جون موبائل ميڊيڪل ٽيمون به متاثر علائقن ۾ وڃي گهر گهر طبي امداد ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ دوائون فراهم ڪري رهيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
13 ستمبر
حڪومتي مس مينيجمنٽ۽ ڪرپشن سبب سنڌ جو برسات سٽيل عوام ٻٽو عذاب ڀوڳي رهيو آهي.مولانا ڀٽو. جماعت اسلامي طرفان جمعي ڏينهن سموري سنڌ ۾ يوم دعا جي اپيل
جماعت اسلامي سنڌ طرفان سنڌ ۾ جاري برساتن دوران آيل تباهي توڙي جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي 16سيپٽمبرجمعي تي ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ يوم دعا جي اپيل ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته هر ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور استغفار جو ورد ڪري .اهڙو فيصلواڄ قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا اسدالله ڀٽو جي صدارت ۾ ٿيندڙ هڪ اعلى سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.اجلاس۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن جي نقصان،جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري الخدمت فائونڊيشن طرفان ٿيندڙ امدادي سرگرمين جو جائزو،اڳتي جي حڪمت عملي پڻ جوڙي وئي.جماعت اسلامي سنڌجي امير مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته هاڻوڪين برساتن سنڌ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي،لکين ماڻهو پنهنجن اجهن ۽ ملڪيتن کان محروم کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن .
وڌيڪ پڙھو -
10 ستمبر
الطاف حسين جو علاج ڪرايو وڃي، پريس ڪانفرنس انٽرٽينمينٽ شو هو: ذوالفقار مرز
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته عدالتن ۾ فوج کي اپيل ڪيان ٿو ته هوءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، حڪومت کي ختم ڪرڻ بدران ملڪ ٽوڙڻ جي سازش ڪندڙ دهشت گردن کي گرفتار ڪري سندن مقصد ناڪام بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر ذاولفقار مرزا وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير رحمان ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جو غدار آهي. هي ميڙ واضح ڪري ٿو ته اسان هاڻي ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم سان مفاهمت نٿا چاهيون. هن چيو ته گورنر سنڌ عشرت العباد مٿان 6 ڪيس داخل آهن. اهڙي ماڻهو جو گورنر رهڻ قبول ناهي ۽ صدر کي گهرجي ته هو رحمان ملڪ ۽ گورنر کي هٽائي. ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ سڀ خراب ناهن، پر ڪجهه دهشت گردن شهر کي يرغمال بڻايو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد مان اوڳاڙيل ڀتو الطاف حسين پنهنجي عياشين تي خرچ ڪري رهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
6 ستمبر
ملڪ کي امام خميني جي ضرورت آھي، متحده سان اتحاد ملڪ ٽوڙڻ برابر هوندو
سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته صدر آصف زرداري ۽ گهرو وزير رحمان ملڪ جيڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جو سبب بڻجن پيا ته ٻنهي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم دهشت گرد تنظيم آهي، لياري ۾ آپريشن ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ نائن زيرو تي به ڇاپو هڻي گوليون هلائي اتان دهشت گردن کي ڇو نه ٿو ڪڍيو وڃي. ڪعبي تي فائرنگ ٿي سگهي ٿي ته پوءِ نائن زيرو تي ڇو نه ٿي ٿي سگهي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري رحمان ملڪ کي هٽائي يا رحمان ملڪ پاڻ استعيفيٰ ڏئي، جيڪڏهن صدر ملڪ ٽوڙڻ لاءِ سرگرم ر حمان ملڪ کي نه ٿو هٽائي ته ٻنهي ڄڻن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ملڪ ٽوڙڻ برابر هوندو.
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
صدر زرداري مايوس ڪيو، متحده خلاف شجاع پاشا کي ثبوت ڏنا آهن: ذوالفقار مرزا
اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سندس دوست آصف علي زرداري رحمان ملڪ کان دوکو کائي ويو آهي هاڻ سندس اکين تي ٻڌل پٽي لهي رهي آهي. ان ڪري ئي هن ايم ڪيو ايم سان ڳالهين لاءِ بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ کي ڇڏي ذميواري خورشيد شاهه حوالي ڪئي آهي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ذوالفقار مرزا چيو ته پ پ کي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم خلاف ملڪ ٽوڙڻ ۽ بغاوت جو ڪيس هلايو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو جا پوئلڳ ۽ پ پ جا جيالا روڊن تي نڪري ايندا ۽ حڪمرانن کي اهو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪندا. ذوالفقار مرزا چيو ته حڪومت ڪراچي جي مسئلن کي سمجهي ان طرف ڌيان ڏنو ته معاملا ٺيڪ ٿي ويندا ۽ فوج کي گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي.
وڌيڪ پڙھو -
اگست- 2011 -22 اگست
پ پ سرڪار دهشتگردن هٿان بليڪ ميل ٿيڻ بجاءِ قاتلن کي عدالتي ڪٽهڙي ۾ آڻي،سنڌ جي عوام کي امن فراهم ڪري.اسدالله ڀٽو
جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي اسدالله چيو آهي ته پ پ سرڪار دهشتگردن هٿان بليڪ ميل ٿيڻ بجاءِ حڪومتي رِٽ ۽ امن امان لاءِ جوڳا اپاءُ کڻي،حاڪمن جي چئن سالن تائين هر حال ۾ اقتدار ۾ رهڻ واري مفاهمتي پالييسي ملڪ کي ڀڙڀانگ ۽ سنڌ جي عوام کي لاوارث بڻائي ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جي قسمت جا فيصلا ڪندڙ ڪهڙي منهن سان صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪن ٿا .جيڪڏهن 12 مئي،9 اپريل ۽ يوم عاشور سميت بي گناهه ماڻهن جي رت سان راند کيڏندڙ دهشتگردن کي عدالتي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ها ته اڄ سنڌ کي اهڙا ڏينهن ڪونه ڏسڻا پون ها .اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ الخدمت فائونڊيشن جي پاران ٺٽو بائي پاس وٽ سوين برسات متاثرين ۽ غريب خاندانن ۾ راشن ورهائڻ دوران خطاب ڪندي ڪيو .
وڌيڪ پڙھو