ڪراچي
-
جون- 2011 -1 جون
ٽارگيٽ ڪلنگ جو جوابدار اجمل پهاڙي قتل ڪيس مان بري
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي مقامي عدالت ٽارگيٽ ڪلنگ جي جوابدار اجمل عرف پهاڙي کي قتل جي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سينٽرل جيل جي عدالت 2005ع ۾ رضويا ٿاڻي جي حد ۾ احتشام نالي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي اجمل پهاڙي کي بري ڪيو.اجمل پهاڙي کي ڪجهه مهينا اڳ سي آءِ ڊي پوليس ڪورنگي ٽائون واري علائقي مان ٽارگيٽ ڪلنگ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو.
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
ڪي اي ايس سي ملازمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اي ايس سي جي ملازمن ۽ اثاثن کي پوليس توڙي رينجر ذريعي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.جسٽس گلزار علي ۽ جسٽس شاهد انور باجوا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪي اي ايس سي پاران تحفظ لاءِ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت درخواست جي ٻڌڻي دوران صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته ڪي اي ايس سي جي سمورن بجلي گهرن، آفيسن ۽ عملي جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.عدالت احتجاج ڪندڙ ملازمن کي هدايت ڪئي ته ڪي اي ايس سي جي اثاثن کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي، عوام الله تعاليٰ کان معافي وٺي ۽ روزي رزق لاءِ دعا ڪري: پير پاڳارو
حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير صاحب پاڳارا چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي، ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي رهي آهي، عوام کي مشورو ڏيندس ته الله تعاليٰ کان معافي وٺن ۽ روزي رزق لاءِ دعا ڪن. بلاول ڀٽو زرداري ڀلي زردارين جو سردار ٿئي پر منهنجو سيڪريٽري ٿيندو اها ڳالهه مان يقين سان چوان ٿو، مشرف کي اهي اشتهاري قرار ڏئي رهيا آهن جيڪي پاڻ اشتهاري آهن، گهر شماري جي معاملي تي اسان پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي حڪومت، فوج ۽ شماريات تي دارومدار آهي ته اهي ڇا ٿا ڪن. ڊاڪٽر ڪريم مهر منهنجو سيڪريٽري هيو ۽ آهي، مهدي شاهه جو رشتو خانداني آهي، ان جو جماعت سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي مون هن کي هتي گهرائي پنهنجو سيڪريٽري مقرر ڪيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه ڪنگري هائوس تي صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2011 -20 مئی
اسٽيبلشمينٽ جو اهو پراڻو طريقو رهيو آهي ته ”هڪ ڀٽو کي قتل ڪري ٻئي ڀٽي تي قتل جو الزام لڳايو وڃي: تاج حيدر
ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ قادر مگسيءَ طرفان سندس پارٽيءَ جي ميهڙ واري جلسي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت تي بي بنياد الزام لڳائڻ تي حيرت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هُن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو اهو پراڻو طريقو رهيو آهي ته ”هڪ ڀٽو کي قتل ڪري ٻئي ڀٽي تي قتل جو الزام لڳايو وڃي“ ۽ ان ريت حقيقي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. قادر مگسي کي ان قسم جي بي بنياد الزام لڳائڻ کان پهريان غور ڪرڻ گهرجي ته انهن الزامن کي لڳائي ڪٿي هو اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي حربن کي نئين زندگي ۽ اصل قاتلن کي تحفظ ته فراهم نه ڪري رهيو آهي. ترقي پسند طاقتن کي سڄي ڌُر جي رجعت پسندن طرفان لڳاتار لڳايا ويندڙ سطحي ۽ ذاتي نوعيت جي الزامن کي ورجائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ ملندڙ ورهاست هڪ نظرياتي ورهاست آهي ۽ اسانکي دوست دشمن وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. اسانجو مقصد جمهوريت جو حصول ۽ ان جو استحڪام آهي. اسان سمورين ترقي پسند طاقتن کي گڏ وٺي ڪري نه رُڳو آمريت کي ملڪ مان روانو ڪيو ۽ جمهوريت کي حاصل ڪيو آهي پر ان کان ڪيترو اڳتي وڌي متفقه اين ايف…
وڌيڪ پڙھو -
7 مئی
پاڪستان فشر فوڪ طرفان ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو
ڪراچي : لينڊ مافيا جي هٿياربندن ڪڪا وليج تي حملو ۽ فائرنگ ڪري فشر فوڪ فورم جي ٻن اڳواڻن سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاعن موجب 5 مئي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ڪڪا وليج ۾ 13هين سالگرهه تقريب بعد گذريل رات 3 وڳي لينڊ مافيا جي اڳواڻن هٿياربندن جي مدد سان ڪڪا وليج تي اوچتو حملي ڪري ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جو هڪ رهواسي موسيٰ ولد اسماعيل گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جنهن بعد پوليس ۽ هٿياربند لاش کڻي واپس هليا ويا ۽ ٻيهر رات جو 12 وڳي ڌاري لينڊ مافيا جي هٿياربند ٽولي ڳوٺ تي چڙهائي ڪندي گهرن ۾ گهڙي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي 7 ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ورتو، جن مان ٻن ڄڻن پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عبدالغني مجاهد ۽ ڪڪال وليج يونٽ جي صدر حاجي ابوبڪر جا تشدد ٿيل لاش ڪالهه صبح شمس پير واري علائقي مان هٿ آيا آهن، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي ٿاڻي تي قيد رکيو ويو آهي ۽ باقي 2 ڄڻن حميد عرف ننهو ولد حاجي صديق ۽ اعجاز ولد حاجي صديق جو اڃا تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي.…
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2011 -10 اپریل
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جو انتهائي ڪامياب گهرو وزير رهيو آهي . هن نه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي ۽ نه ئي وري کائنس استيعفيٰ ورتي وئي آهي: شهلا رضا
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نه ته استعيفيٰ آهي ڏني ۽ نه ئي وري کانئس استعيفيٰ ورتي وئي آهي، مخالف اجائي واويلا ڪري رهيا آهن _ آدمشماري سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي عوام ان ۾ ڀرپور حصو وٺي . ٽنڊو محمد خان جي دوري دوران ڳوٺ پليو گهمراڻي ۾ گهر شماري جو نمبر لڳائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جو انتهائي ڪامياب گهرو وزير رهيو آهي . هن نه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي ۽ نه ئي وري کائنس استيعفيٰ ورتي وئي آهي ان حوالي سان ڪنهن جو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويو آهي ، درحقيقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي علاج سبب ڪجهه وقت لاءِ موڪل تي آهي جيڪو هن جو حق آهي ، ذوالفقار مرزا جي پارٽِي اندر وڏي حيثيت آهي .هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن تي سنڌ جي هر علائقي ۾ عوامي نمائندا گهر شماري واري مرحلي جي نگراني ڪري رهيا آهن . سڃاڻپ ڪار ڊ نه رکندڙ ماڻهن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ، گهر شماري وارو ڪم شفاف نموني سان مڪمل ڪيو ويندو . هن…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
بلوچ صاحب جهڙي شخصيت رکندڙ ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن: سسئي پليجو
ڪراچي: مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته بلوچ صاحب جهڙي شخصيت رکندڙ ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي – اها ڳالهه سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو اڄ شام جو مرحوم ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي تدفين بعد ميڊيا جي نمائندن سان پنهنجا ويچار ونڊيندي چئي_ – هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ تاريخ جو هڪ باب هو جنهن جي مرتئي سان اهو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي _ هن چيو ته ڊآڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ ڪميٽيڊ انسان هو جيڪو نوي سالن کان وڌيڪ وڏي عمر ۾ پنهنجو تحقيق وارو ڪم جاري رکيو _ هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي مرتئي تي ثقافت کاتي پاران ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته 10 اپريل تي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ هڪ تعزيتي ميڙاڪو به ڪوٺايو ويو آهي_ هن اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سموري تحقيقي ڇپيل اڻ ڇپيل مواد کي سهيئڙي وڊيو، آڊيو ۽ ڪتابن جي صورت ۾ عوام ۾ آڏو آندو ويندو ته جيئن…
وڌيڪ پڙھو