ڪراچي

  • اگست- 2011 -
    3 اگست

    ڪراچي ۾ آپريشن جو فيصلو، ايف سي کي پوليس جا اختيار ملي ويا، دهشتگردن کي هاڻي سندن آقا به بچائي نه سگهندا: رحمان ملڪ

    ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي گڏيل صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي گهرو وزير منظور حسين وساڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ راجا محمد عباس خان، آءِ جي سنڌ پوليس واجد علي دراني، قائم مقام ڊي جي رينجرز، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو، ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڳوڙ وارن علائقن ۾ بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪا ڏوهارين، شرپنسدن ۽ دهشتگردن جي خاتمي تائين جاري رهندي. اجلاس ۾ رينجرز ۽ پوليس کي هدايت ڪئي وئي ته ڏوهارين خلاف سخت هٿ ڪنڊا استعمال ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ فوري ۽ ڀرپور ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ته جيئن شهر ۾ جلد امن بحال ڪرائي سگهجي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايف سي کي ريزرو ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن کي پوليس جا اختيار ڏنا ويا آهن. ضرورت پوڻ تي ان جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. اجلاس ۾ سمورين سياسي، مذهبي، لساني پارٽين ۽ تنظيمن کي اپيل ڪئي وئي ته ڀائيچاري، امن ۽ يڪجهتي لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون ڪن

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 اگست

    ڪراچيءَ ۾ رت جي راند آخر ڪيستائين جاري رهندي ؟

    ڪراچي ۾ صرف گذريل جولاءِ جي هڪ ميهني دوران ٽي سو کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا.وزير اعظم ۽ گهرو وزير جي ڪراچي ۾ موجودگي ۾ ڪالهه جڏهن حڪومتي ڇٽيءَ هيٺ امن ريلي نڪري رهي هئي ته ان ساڳئي ڏينهن تي پندرنهن ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.اڄوڪي اخبارن ۾ ڇپيل قوم پرست اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه جي ان بيان ۾ وڏو وزن آهي ته امن اڇن جهنڊن کي لهرائڻ يا نمائشي بيانن سان نه پر اخلاص۽ عملي قدم کڻڻ سان ئي ايندو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت ۾ اتحادي جماعتن جي گڏيل ريلي ڏيکاءَ ۽ عوام جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. اهڙي طرح جي خبر 18 کان وڌيڪ ديني جماعتن طرفان جڙندڙ علماءَ امن ڪونسل هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي پڻ سوال اٿاريو آهي ته حڪومت آخر ڪنهن کان امن گهري ٿي؟

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    31 جولائی

    پاڪستان جي معاشي مرڪز ڪراچي ۾ امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مرڪز ڪراچي ۾ امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت اعليٰ عدالت جي هر فيصلي تي عملدرآمد ڪندي، موجوده حڪومت آئين کي پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ ٽيڪسٽائيل سٽي ۾ پلاٽن جي وڪري جي افتتاحي تقريب کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو وفاقي وزير مخدوم شهاب الدين موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن جو قيام ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ آهي. هن سياسي قيادت ۽ اتحادين کي اپيل ڪئي ته اهي حڪومت سان گڏجي ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ امن ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    رمضان شريف تقويٰ ۽ مسلمانن لاءِ ٽريننگ جو مهينو آهي.راشد نسيم

    جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ ممتاز ديني اسڪالر راشد نسيم چيو آهي ته رمضان شريف جو ڀلارو مهينو مسلمانن جي اندر تقويٰ ۽ ٽريننگ جو مهينو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ بفرزون ۾ جماعت اسلامي طرفان استقبال رمضان شريف جي مناسبت سان رٿيل هڪ ميڙ کي خطاب دوران ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته رمضان شريف جي هڪ مهيني دوران الله سائين سان لَنوَ لڳائڻ ديانت ۽ امانت جي حوالي سان جيڪا تربيت ٿيندي آهي.اها دنيا جي نامور يونيورسٽي هارڊ ورڊ سميت ڪو به ادارو نٿو ڏيئي سگهي.رمضان شريف ۾ ماڻهو رضاڪارانه طور ۽ رب جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ اڃ،بک سميت ڪيترن ئي خواهشن کان رڪجي وڃي ٿو.جنهن ڪمن کان الله ۽ ان جي رسول صه منع ڪئي آهي ان کي ترڪ ڪري ڇڏيندا آهن.جڏهن ته ٻئي پاسي هارڊ ورڊ يونيورسٽي سميت جديد تعليم يافته ماڻهن دنيا ۾ ڪرپشن ۽ ڦرمار جو رڻ ٻاري ڇڏيو آهي.پاڪستان ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ۽ غريب عوام جو رت چوسيندڙ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ تعليم يافته مغرب جا شاگرد حڪمران آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جولائی

    ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي: سيد قائم علي شاهه

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ هنگامن تي قابو پائڻ لاءِ سياسي ۽ انتظامي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز تسلي بخش فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي. اها ڳالهه هن اڄ سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي ٽئين ڏينهن مزار تي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صدرپاڪستان ڪراچي ۾ امن ۽ امان بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ هن گهڻيون گڏجاڻيون منعقد ڪيون آهن . هن چيو ته سمورن واسطيدار ماڻهن کان ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي ۽ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 23 جولائی

    حالتون 86 کان به خراب آهن، جلد بحال نٿو ڪرائي سگهان، سڀني کي سنڌي مڃون ٿا پر دل سان سنڌي ٿيڻ کپي: منظور وساڻ

    سنڌ جي گهرو وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته آئون سنڌ جو محافظ آهيان، امن جلد بحال نٿو ڪرائي سگهان. ان لاءِ سڀني جي سهڪار جي ضرورت آهي. ڪراچي جون حالتون 86ع کان به خراب آهن، اسان سڀني کي سنڌي مڃون ٿا پر دل سان سنڌي ٿيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي متحده جي ميمبر شيخ افضل جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ملير جي کوکرا پار واري علائقي ۾ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ نديم، ڪرم، نواب، اختر ۽ مراد شامل آهن. هن ايوان کي ٻڌايو ته مون صبح جو 7 وڳي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ۽ ڊي جي رينجرز کي حڪم ڏنو آهي ته وڳوڙي علائقن ۾ وڃي حالتن کان مون کي باخبر ڪري. هن چيوته ضرورت پئي ته مون پاڻ ملير جي وڳوڙي واري علائقن ۾ ويندس جيئن ماڙيپور ۾ ڪڇين جي ڌرڻي ۾ ويو هئس. صدر آصف علي زرداري جي ڪوشش سان لياري ۾ امن ڪرائي ڇڏيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 جولائی

    پوليس ۽ ڪمشنري نظام بابت خدشا نه ڪرڻ گهرجن، گورنر واپس آيو آهي اميد ته متحده جا وزير به جلد ذميواريون سنڀاليندا: وڏو وزير

    وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه هتي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ مفاهمت جي حوالي سان ٿيل ڪوششن جو جائزو ورتو، ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته وقت گذرڻ سان ٻنهي اهم پارٽين ۾ مفاهمت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، جنهن سان سنڌ جي عوام کي لازمي فائدو پهچندو، گڏجاڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان عليحدگي کان پوءِ حڪومت جي کنيل قدمن بابت ويچاريو ويو، طئي ٿيو ته انهيءَ دوران ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل قيدين جن کي ڪراچي سينٽرل جيل مان سنڌ جي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو تن جي ٻيهر ڪراچي واپسي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جيڪو توقع آهي ته ڏينهن ٻن ۾ اهو عمل مڪمل ٿي ويندو، هوڏانهن حيدرآباد ۾ صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي سان ڀاءُ جي وفات تي تعزيت بعد پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد 3 رڪني وفد سان گڏ اربع ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    هاڻي متحده وزيرن جي واپسي جو خواب لڌو ته ٻڌائيندس: منظور وساڻ

    سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ چيو آهي ته گورنر عشرت العباد جي واپسي وارو منهنجو خواب سچو ٿي ويو آهي، هاڻي متحده جي مستعفي وزيرن جي واپسي جو خواب ڏسندس ته ضرور ٻڌائيندس. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون پارٽي کان مٿانهون ٿي سوچيندو آهيان، اميد آهي ته وري ننڊ ڪرڻ جو موقعو مليو ته ٻيهر سٺو خواب ڏسندس. صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ چيو ته امن لاءِ سٺا خواب ڏسڻ گهرجن، پيپلزپارٽي ۽ متحده وارا پاڻ ۾ ڀائر آهن، آئون سچا خواب ڏسندو آهيان ڪراچي ۾ امن لاءِ گڏجي ڪوششون ڪنداسين ۽ امن جي بحالي کي يقيني بڻايو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    ايم ڪيو ايم ھڪ دفعو ٻيھر اقتدار ۾ : گورنر عشرت العباد واپس عهدو سنڀالي ورتو

    پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ۾ پردي جي پويان هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ متحده جي سربراهه الطاف حسين استعيفيٰ ڏئي دبئي ۾ ترسيل سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي واپس وڇي عهدو سنڀالڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهڙي فيصلي جي صدر آصف ساراهه ڪندي گورنر عشرت العباد کي دبئي مان آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز دبئي اماڻيو، جيڪو گورنر عشرت العباد کي کڻي رات هڪ وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، جتان گورنر عشرت العباد سڌو نائين زيرو تي ويو، ايئرپورٽ تي سنڌ جي گورنر عشرت العباد جو ڀرپور نموني استقبال ڪيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گورنر سان رابطو ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم جي گورنر ۽ وزيرن استعيفائون ڏنيون هيون جن کي اڄ تائين منظور نه ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ 5 ڏينهن اڳ صدر آصف ۽ متحده جي قائد الطاف حسين وچ ۾ ٿيل رابطي ۽ ڳالهين اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ متحده قيادت پنهنجي گورنر کي واپس چارج سنڀالڻ جي هدايت ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 جولائی

    ڪراچي ۾ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر سميت 7 ڄڻا فائرنگ جي واقعن ۾ قتل، وڳوڙ، بس کي باهه

    ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ پي آءِ اي جي پيپلز يونٽي پاڪستان جي صدر ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر عامر شاهه ۽ سندس دوست خالد جاگيراڻي سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪري ڪاروبار بند ڪرايو ويو. ميٽرو پول وٽ هڪ مني بس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ان سلسلي ۾ نيپئر ٿاڻي جي حد اولڊ سٽي ايريا جي علائقي پراڻي حاجي ڪئمپ ڀرسان ٽمبر مارڪيٽ لڳ ٻن نوجوانن جي ٻوري ۾ ٻڌل لاش مليا، اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهچايا. رابطي ڪرڻ تي پوليس عبرت کي ٻڌايو ته مقتولن جي لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جن ۾ ٻئي مقتول صدر جي علائقي ۾ هڪ اسڪول ۾ نائين ڪلاس جا شاگرد آهن، جيڪي ٻئي پاڻ ۾ دوست آهن. پوليس موجب مقتولن جي نالن جي سڃاڻپ تبريز بلوچ ۽ فيروز بلوچ جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي سائيٽ ٽائون جي علائقي ميٽرو ول جا رهواسي آهن.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button