ڪراچي

  • اگست- 2011 -
    21 اگست

    مولانا ڀٽو طرفان صحافي عبدالله دائود پوٽو سان امڙ جي وفات تي تعزيت

    جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا شهدادپور جي سينيئر صحافي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صدر عبدالله دائود پوٽو جي امڙ جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل جي دعا ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 اگست

    عوام حڪمران ڌر کي ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ آندو ڏک ۽ اهنج ختم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رهيا پر جواب ۾ سنڌ جي عوام کي لاش ملي رهيا آهن اسدالله ڀٽو جو شانتي نگر ۾ عوامي ميڙ کي خطاب

    جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته عوام حڪمران ڌر کي ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ آندو ڏک ۽ اهنج ختم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رهيا پر جواب ۾ سنڌ جي عوام کي لاش ملي رهيا آهن.لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ جي خاتمي سميت سنڌ ۾ امن امان جو قيام حڪومتي ترجيحات ۾ شامل ئي ڪو نه آهي.اهڙن خيالن اظهار هن اڄ شانتي نگر ۾ هڪ عوامي ميڙ کي خطاب دوران ڪيو.ان موقعي تي سابق ايم پي اي محمد يونس بارائي ۽ ٻين مقامي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. مولانا ڀٽو وڌيڪ چيو ته حڪومتي دعون باوجود دهشتگرد سرعام بي گناهه ماڻهن جي رت سان راند پيا ڪن.هاڻي ته خود اهلڪار به محفوظ ڪو نه آهن.جڏهن عوام جا محافظ به محفوظ نه رهن ته پوءِ عام ماڻهو کي ڇا تحفظ ملندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 اگست

    ڪراچي ۾ سنڌي وسندين تي ٻيهر حملا ٿيا ته اردو ڳالهائيندڙ ڪٿي به محفوظ نه رهندا:بشير قريشي

    جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته ڪراچي جي سنڌي وسندي چڪرا ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي چئني پاسن کان دهشتگردن حملو ڪري سنڌين کي گوليون جو کاڄ بڻائي ملڪيتن کي باهيو ڏنيون پر حڪومت ڪٿي به نظر نه آئي، دهشتگرد سرعام فائرنگ ڪري ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻائي رهيا هئا، پوليس، رينجرز ۽ ايف سي سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻجي تماشو ڏسي رهيا هئا، حڪومت جو ڪو به نمائندو ۽ نه ڪا فورس سنڌي ماڻهن جي مدد لاءِ پهتي، جڏهن ته گهرو وزير ۽ سنڌ جو وڏو وزير گڏجاڻين ۾ مصروف رهيا، ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته چڪرا ڳوٺ سميت ڪراچي جي ڪنهن به سنڌي وسندي تي ٻيهر حملا ڪيا ويا ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ڪٿي به محفوظ نه رهندا

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 اگست

    حڪومت جي چوڻ تي هٿيارن جا لائسنس جمع ڪرايا ته قتل ڪرايو ويندو:نبيل گبول

    پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نبيل گبول چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت جي چوڻ تي مون هٿيارن جا لائسنس جمع ڪرايا ته مون کي قتل ڪيو ويندو، جيڪي رينجرز جون 14-14 گاڏيون ساڻ ڪري هلن ٿا، انهن کي سيڪيورٽي جي ڪا به پرواهه ناهي، پر منهنجي گهر ۾ سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيل آخري پوليس اهلڪار به واپس گهرايو ويو آهي، هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته منافقت، مجبوري ۽ مفاهمت سڀ ”م“ سان شروع ٿينديون آهن، رڳو گڏجاڻيون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ڪراچي ۾ ايڪشن کنيو وڃي ته وڏا مطالبا ڪندڙ سڌي رستي تي اچي ويندا، نبيل گبول چيو ته ڪراچي ۾ هاڻي مڪمل طور تي انارڪي پکڙجي چڪي آهي، پارٽي جا ماڻهو پاڻ ئي ويهي زمينن تي قبضا ڪرائيندا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 اگست

    ڪراچي جنگ جو ميدان بڻيل، بمن، راڪيٽن ۽ ڳرن هٿيارن سان حملا، پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي سميت 15 ڄڻا مارجي ويا، درجنين زخمي

    ڪراچي ۾ ڪالهه دستي بمن، راڪيٽن ۽ ڳرن هٿيارن سان ڪيل مختلف حملن ۾ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي واجه ڪريم داد ۽ پيپلزپارٽي جي 8 ڪارڪنن سميت 15 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا، واقعن بعد مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ڪاروبار بند ٿي ويو، ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ ڌرڻا هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون. ڪراچي جي کارادر واري علائقي ۾ گاڏي تي سوار اڻڄاتل هٿياربند هوٽل تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي واجه ڪريم داد سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، 3 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو. پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا علائقي ۾ پهچي گهيراءُ هيٺ آڻي ڇڏيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 اگست

    مارجي ويل ڪارڪنن جو قتل ڪيس وڏي وزير تي داخل ڪرائڻ جو اعلان

    سنڌ جي وهدانيت کي بچائڻ ۽ ناظمي واري نظام خلاف قومپرست ڌرين پاران جوڙيل سنڌ بچايو ڪميٽي سنڌ ۾ ڏنل هڙتال تي ڪامياب قرار ڏيندي 21 آگسٽ تي ڪراچي ۾ سنڌ ساليڊرٽي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو ته ڪانفرنس ۾ پ پ جي انهن وزيرن کي دعوت ڏينداسين جن سنڌ جو حقيقي مؤقف رکيو جڏهن ته ڪراچي به هڙتال ۾ نڪتل ريلين دوران مارجي ويل توڙي زخمي ٿيل ڪارڪنن جي ايف آءِ آر سنڌ جي وڏي زويرن سيد قائم علي شاهه خلاف درج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان هڙتال جي پڄاڻي کانپوءِ ڪراچي ۾ حيدر منزل تي پريس ڪانفرنس ڪندي سن بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي، سيد شاهه محمد شاهه،الاهي بخش بڪڪ، ايوب شر،رياض چانڊيو، حريف چانڊيو ۽ ٻين ڪيو. هڙتال دوران مارجي ويلن، زخمي ٿيلن توڙي گرفتار ٿيندڙن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سنڌ ۾ پرامن هڙتال کي پرتشدد هڙتال بنائڻ جي سازش ڪئي وئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 اگست

    پارٽي سان ڌار ڪرڻ جو نواز شريف کي اختيار ناهي:غوث علي شاهه

    مسلم ليگ (ن) سنڌ جي سينيئر نائب صدر سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي اختيار ناهي ته هو مون کي پارٽي مان ڌار ڪري، نواز ليگ جي قيادت غلط فيصلا ڪري رهي آهي. سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. قومپرستن جي هڙتال ڪامياب ٿيڻ تي سنڌ جي عوام کي مبارڪون ڏيان ٿو. سنڌ ۾ هڙتال ريفرنڊم ثابت ٿي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پارٽي جا ڪارڪن عهدو ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. ڪارڪن مون کي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر جي عهدي تي ڏسڻ چاهين ٿا. ان ڪري صلاح مشورو ڪري پارٽي جي سينيئر نائب صدر وارو عهدو ڇڏي ڏيندس.

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 اگست

    سرفراز شاهه کي قتل ڪندڙ رينجرز اهلڪار کي موت ۽ ٻين 6 ڄڻن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

    دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت نمبر1 جي جج بشير احمد کوسو رينجرز اهلڪارن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل نوجوان سرفراز شاهه جي قتل جو الزام ثابت ٿيڻ تي رينجزر اهلڪار شاهد ظفر کي ڦاهي جي سزا، جڏهن ته رينجرز جي ئي ٻين اهلڪارن سب انسپيڪٽر بهاءُ الرحمان، لياقت علي، محمد افضل، محمد طارق، منٺار علي ۽ شهري افسر خان کي جنم ٽيپ ۽ ٻه ٻه لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ڏني آهي. عدالت جوابدارن کي قتل ٿيل نوجوان سرفراز شاهه جي وارثن کي هڪ هڪ لک رپيا ڏيڻ جي به سزا ٻڌائي آهي، ڏنڊ جا پئسا نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدارن ي وڌيڪ 6-6 مهينا ٽيپ ڀوڳڻي پوندي. ڪاله عدالت جوابدارن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو. سيشن جج بشير احمد کوسو ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 اگست

    جيو ٽي وي سنڌ ورهائڻ بابت پروگرام هلائڻ تي سنڌي قوم کان معافي وٺي ڇڏي

    ٽي وي چينل جيو سنڌ کي ٻن صوبن ۾ ورهائڻ بابت هلايل پروگرام تي معافي ورتي آهي، سنڌي ماڻهن جي سخت ردعمل کانپوءِ جيو ٽي وي جي گروپ ليڊر علي مجتبيٰ، سينئر صحافي نذير لغاري، خورشيد عباسي، اظهر عباس، عباس ڀنڀرو سان گڏجي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گلشن حديد واري رهائشگاهه تي پهچي پنهنجي هلايل پروگرام تي معذرت ڪندي سنڌي قوم جي دل آزادي ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو، جيو گروپ جي صحافين جسقم چيئرمين بشير قريشي کي چيو ته جيو تي هلايل پروگرام اٻهرائپ ۾ هليو آهي، اسان کي ان تي افسوس آهي ۽ اسان سنڌي قوم کان معافي ٿا وٺون، ڇو ته سنڌي قوم جي تاريخي حيثيت آهي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين بشير قريشي چيو ته اهڙي پروگرام تي سنڌي ماڻهن جو ردعمل سڀني ڏٺو ۽ هاڻي به اسان اهو واضح ڪريون ٿا ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ جا غدار آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 7 اگست

    پ پ ۽ متحده وچ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ضلعي حڪومتون بحال ڪرڻ تي اتفاق، حتمي ڊرافٽ تيار،اڄ 3 آرڊيننس جاري ٿيندا

    پيپلزپارٽي ۽ متحده ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ضلعي حڪومتي نظام بحال ڪرڻ ۽ ڪمشنري نظام ۾ ترميمن تي اتفاق ڪري ورتو. معاملا طئي ٿيڻ بعد حتمي ڊرافٽ تيار، اڄ 3 آرڊينينس جاري ٿيڻ ۽ متحده جي حڪومت ۾ شموليت جو امڪان. خبر موجب گورنر هائوس ۾ پيپلزپارٽي ۽ متحده ۾ هلندڙ اختلافن جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌجي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاهه ۽ بابراعواڻ شرڪت ڪئي.پ پ ۽ متحده وچ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ٿيا، شام جو سنڌ جي گورنر سان گڏجاڻي بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پ پ اڳواڻ بابر اعواڻ واپس وزيراعليٰ هائوس ويا، جتي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان گورنر سان ٿيل ڳالهين بابت صلاح مشورن بعد ٻيهر گورنر هائوس پهتا، گورنر هائوس پهچي گورنر سان ٻيو دور شروع ڪيو .

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button