اسلام آباد
-
جولائی- 2011 -31 جولائی
ڪجهه عنصر معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ فوتگين جي پرزور مذمت ڪندي ان کي ڪڌي ڪارروائي قرار ڏنو آهي، ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صدر چيو ته ڪجهه عنصر معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت پاڪستان جي عوام جي مدد سان ان قسم جي ڪاررواين کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، صدر صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اهڙن عنصرن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن قدمن کڻن ته جيئن انهن کي قانون جي مطابق سخت سزا ڏئي سگهجي. اي پي پي
وڌيڪ پڙھو -
28 جولائی
نواز شريف پارٽي جو بنامقابلي صدر منتخب ٿي ويو
نواز ليگ ميان نواز شريف کي بنا مقابلي پارٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو، جاويد هاشمي سينئير نائب صدر هوندو، سرتاج عزيز پارٽي جو سيڪريٽري ٿيو ويو آهي، ميان نواز شريف چيو آهي ته اصولن جي سياست تي تنهائي جو طعنو قبول آهي عدليه جي فيصلن جي بي حرمتي ۽ ڪرپشن تي ماٺ نه ويهنداسين، ڪالهه نواز ليگ جي اسلام آباد ۾ ٿيل جنرل ورڪر ڪنوينشن ۾ ميان نواز شريف کي پارٽي جو بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو آهي، انهي موقعي تي قراردادون منظُور ڪندي چيو ويو آهي ته مشرف جي خلاف ڪيس هلائڻ، گم ٿيل ماڻهن بازياب ڪرايو وڃي، پاڪ ڀارت ڳالهيون اعلان لاهور جي روشني ۾ ڪيون وڃن، آزاد ڪشمير چونڊن ۾ ڌانڌلين جي مذمت ڪئي وئي آهي،ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اهو سمجهيو ويو ته نواز ليگ ختم ٿي وئي آهي پر هاڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي ته عوام جي طاقت بندوق جي طاقت کان وڌيڪ آهيم هن چيو ته ڇا نوي جي ڏهاڪي ۾ بلوچستان ائين ٻريو پيو، ڪراچي ۾ رت جون نديون وهي رهيون هيون پاڪستان جي خودمختياري جي اها حالت هئي ڇا اوهان خودڪش ڌماڪا ٻڌا ڇا ملڪ اونداهي ۾ ٻڏل هو، 99 ع وارو پاڪستان اڳيان اچڻ بدارن پويان…
وڌيڪ پڙھو -
26 جولائی
حج ڪرپشن جي جاچ ٽيم بحال ڪرڻ جو حڪم: عدالتي حڪم نه مڃيندڙ هاڻي پهرين جيل ويندا: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ حج ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي جاچ ٽيم کي اڄ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هاڻي اڳ ۾ جيل وڃڻو پوندو ۽ پوءِ انهن جو موقف ٻڌنداسين. ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بينچ ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾چيو ته حج ڪرپشن ڪيس ڪيترائي اهم وز ير شامل آهن، ڪيس تان توجهه هٽائڻ لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته حاجين کي لٽيو ويو حڪومت ذميوارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ڪيس ۾جڏهن به ٿوري اڳڀرائي ٿئي ٿي ته جاچ آفيسر تبديل ڪيو وڃي ٿو، حسين اصغر کي جاچ تان هٽائڻ لاءِ آءِ جي لڳايو ويو، ورنه عدالت حڪم جاري ڪندي، چيف جسٽس چيو ته ڪيس ۾ اڳوڻي جاچ آفيس جاويد بخاري خلاف 4 هفتن ۾ جاچ ڪرڻي هئي پر ٻه مهينا گذري ويا آهن اسان جي جاچ مڪمل ناهي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
22 جولائی
ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي ته عدالت ۾ وڃي:وزيراعظم
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حيرت آهي ته جن جي حڪومت ٻه ڀيرا ڪرپشن جي الزام ۾ وئي اهي به اسان تي ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن، جنرل ضياءَ، جنرل مشرف ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪندڙ به ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه سگهيا، عوام کي سبز باغ ڏيکاريا ويا، ملڪ تي گهڻو وقت حڪمراني آمرن ڪئي آهي پر پوءِ به انهن تي ڪرپشن جا الزام ناهن لڳا، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪي خدشا آهن ته اهي عدالتن ۾ وڃن، عدالتون آزاد آهن، حڪمراني جو حق عوام ڏي ٿي، جيڪي حڪمراني جا خواهشمند آهن اهي عوام جي فيصلي جو انتظار ڪن، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، متحده کي واپسي تي ڀليڪار چئون ٿا، ڪراچي صنعتي مرڪز آهي ۽ رهندو، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي بهتر پاليسين سان ملڪ ۾ فصل بهتر ٿيو آهي ۽ پهرين جڏهن اسان آياسين ته ان وقت ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ هئي پر ڪڻڪ جو بهتر اگهه ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ اٽو موجود آهي.
وڌيڪ پڙھو -
19 جولائی
صبر کان ڪم وٺون پيا، اسان کي ظفر قريشي سمري تي وزيراعظم جو رد عمل کپي:چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ اين آئي سي ايل ڪيس ۾ ظفر قريشي کي جاچ تان هٽائڻ واري سمري تي وزيراعظم جي رد عمل بابت تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته اسان اڃان صبر کان ڪم وٺي رهيا آهيون اسان نٿا چاهيون ته صورتحال گهڻو اڳتي وڃي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جسٽس غلام رباني تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪالهه اين آئي سي ايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي انهي ڪيس ۾ اٽارني جنرل پيش ٿيو جنهن عدالت کان استدعا ڪئي ته هن ڪيس ۾ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي جئين آئون انهي معاملي تي لاڳاپيل اختيارين کان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪري سگهان، وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر ويو آهي جيڪو 22 جولائي تي واپس ايندو. انهي تي چيف جسٽس چيو ته عدالت هن معاملي تي صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي،چيف جسٽس انهي موقعي تي آرڊر جاري ڪندي چيو آهي ته هن ڪيس سان لاڳاپيل سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن،عدالت چيو ته جيڪي چار ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون آهن
وڌيڪ پڙھو -
19 جولائی
قومي سلامتي بابت خصوصي ڪميٽي گهرو وزارت کان نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جو مسودو طلب ڪري ورتو
قومي سلامتي بابت خصوصي ڪميٽي گهرو وزارت کان نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جو مسودو طلب ڪندي چيو آهي ته ڪميٽي ان جو جائزو وٺي حڪومت کي سفارشون پيش ڪندي جڏهن ته ڪميٽي گهرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پرڏيهين کي پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ وارو معاملو به ون ونڊو طريقيڪار تحت پرڏيهي آفيس جي ذريعي طئي ڪيو وڃي ۽ پارليامينٽ جي قراردادن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ مملڪتي وزير حنا رباني پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ موجوده صورتحال ۾ حڪومت پاران کنيل قدمن جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
19 جولائی
وزيراعظم گيلاني شهباز شريف جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پاران لکيل خط جيڪو سومر ڏينهن مليو، جو جواب ڏيندي چيو آهي ته برطانيا جي دوري کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ خط ۾ اٿاريل سمورن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
پ پ ۽ متحده وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي، واپسي جا امڪان، پيپلز پارٽي سمورا شرط مڃي ورتا
مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي ٽياڪڙي کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿيڻ بعد متحده جي حڪومت ۾ ٻيهر واپسي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ سنڌ جو مستعفي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد گورنر جو عهدو سنڀاليندو. حڪومتي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته متحده قومي موومينٽ جلد حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، مسلم ليگ ق جي سربراهه ڪالهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪري کيس نائين زيرو تي متحده اڳواڻن سان ڪيل ملاقات ۾ ٿيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي متحده جي اڳواڻن سان پڻ رابطو ڪيو ويو، جنهن ۾ متحده جي اڳواڻن حڪومت ۾ واپس ٿيڻ لاءِ مثبت رويو ۽ ڳالهين ۾ نرمي جو لهجو ڏيکاريو، ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي قيادت متحده قومي موومينٽ جي اعليٰ سطحي قيادت کي سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي معاملن تي خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي
وڌيڪ پڙھو -
12 جولائی
فنڪشنل ليگ کي سنڌ سرڪار ۾ شامل ڪرڻ لاءِ معاملا طعي، ق ليگ کي به نمائندگي ڏيڻ جي خاطري، ڪراچي ۾ هر صورت ۾ امن بحال ڪبو:صدر
اسلام آباد: ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ ۾ گورنر جي مقرري توڙي ٻي سيٽ اپ لاءِ حڪومت ۽ ان جي اتحادين وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن، جڏهن ته صدر آصف زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪراچي ۾هر صورت ۾ امن امان بحال ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪو سودو نه ٿيندو ۽ هر شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جمهوري حڪومت جي ذميواري آهي، ڪالهه ايوان صدر ۾ اي اين پي جي وفد سان ملاقات دوران صدر چيو ته سمورن اهم فيصلن ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. حڪومت ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هرممڪن اپاءُ وٺندي ۽ سياسي لاڳاپن کان مٿانهون ٿي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن کي حڪومت جي رٽ چيلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پ پ مفاهمت جي سياست تي يقين رکي ٿي. سياست ۾ مفاهمت جا دروازا بند ناهن ٿيندا، اميد ته سياسي پارٽيون هر معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪنديون. ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سينيٽر زاهد خان، ايم اين اي جميلا گيلاني، بشير احمد بلور، اي اين پي سنڌ جو صدر شاهي سيد ۽ سينيٽر سردار علي خان شامل هئا. ان موقعي تي اي اين پي…
وڌيڪ پڙھو -
6 جولائی
ايبٽ آباد ڪميشن پاران جاچ جو دائرو وڌائڻ ۽ اعليٰ فوجي قيادت کي طلب ڪري سموري معاملي تي بريفنگ وٺڻ جو فيصلو
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جي سربراهي ۾ ايبٽ آباد آپريشن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جاچ جو دائرو وسيع ڪندي اعليٰ فوجي قيادت کي طلب ڪري سموري معاملي تي بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب ڪالهه ايبٽ آباد ڪميشن جو پهريون اجلاس اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج ۽ ڪميشن جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميشن جي ميمبرن ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نديم احمد، اڳوڻي آءِ جي عباس خان، اشرف جهانگير قاضي ۽ ڪميشن جي رابطا سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن نرگس سيٺي، شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ڪميشن جي قاعدن ۽ ضابطن جي باضابطا طور منظوري ڏني وئي،جڏهن ته ڪميشن جي رابطا سيڪريٽري نرگس سيٺي ايبٽ آباد واقعي جي حوالي سان ٿيل جاچ ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جي حوالي سان ڪميشن کي آگاهه ڪيو،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميشن باضابطا طور اجلاس ٻيهر11 جولاءِ تي طلب ڪندو،جنهن ۾ 2 مئي تي ايبٽ آباد ۾ ٿيل آمريڪي فورسز جي هڪ طرفي آپريشن ۽ القائده جي سربراهه اسامه بن لادن جي پاڪستان ۾ موجودگي جي معاملي جو جائزو ورتو ويندو.
وڌيڪ پڙھو