اسلام آباد
-
اپریل- 2011 -10 اپریل
نون صوبن جي رجحان کي جمهوريت وسيلي روڪي سگهجي ٿو : صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نون صوبن جي رجحان کي جمهوريت وسيلي روڪي سگهجي ٿو، ادارن ۾ جيڪڏهن ڪي اختلاف آهن اهي ارتقائي عمل جو حصو آهن، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، ججن جي پگهارن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو آهي ته جيئن قابل ماڻهو ان طرف اچن، مستقبل ۾ آمريت جو رستو صرف جمهوريت وسيلي ئي روڪي سگهجي ٿو، جمهوريت جي استحڪام لاءِ سڀني سياسي قوتن کي ذميواري نڀائڻي پوندي،
وڌيڪ پڙھو -
7 اپریل
جمهوري حڪومت جو پاڪستان ۾ ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پختو عزم آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کان آگاهه آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد -(اي پي پي) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جمهوري حڪومت جو پاڪستان ۾ ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پختو عزم آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کان آگاهه آهي. هو برطانوي ميڊيا جي وفد سان ڳالهائي رهي هئي جنهن خميس ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن ٻنهي ملڪن کي ميڊيا جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا جي سطح تي لاڳاپن ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن جيو چ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ وڌيڪ ويجهڙائي آڻي سگهجي ٿي. هن ميڊيا، راندين، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ماهرن جي مٽاسٽا تي پڻ زور ڏنو ته جيئن گڏيل رابطن سان انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جا نوان رستا سامهون اچي سگهن. وفاقي وزير برطانويا ميڊيا وفد جي دوري جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته اهڙن دورن سان هڪ ٻئي جي تجربن ۽ رجحانن مان سکڻ جو موقعو ملي ٿو. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقلي جو عمل ڪنهن شخصيت يا اداري جي خلاف نه آهي، ان حوالي سان هڪ خاص "مائينڊ سيٽ ” سرگرم عمل آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي جو عمل جاري رهندو: رضا رباني
اسلام آباد – (اي پي پي) ارڙهين آئيني ترميم تي عملدرآمد لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه بين الصوبائي رابطن جي وفاقي وزير سينيٽر ميان رضا رباني چيو آهي ته صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقلي جو عمل ڪنهن شخصيت يا اداري جي خلاف نه آهي، ان حوالي سان هڪ خاص "مائينڊ سيٽ ” سرگرم عمل آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي جو عمل جاري رهندو، ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي سان پرڏيهي امداد ۽ وظيفن تي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي تعليم متاثر نه ٿيندي، ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ميان رضا رباني چيو ته جون تائين ٽئين مرحلي تحت صوبن کي وزارتن جي منتقلي جو عمل به مڪمل ڪيو ويندو، ڇو ته ارڙهين آئيني ترميم تحت جيڪي وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻون آهن اهي هر صورت ۾ ٿينديون، هن چيو ته هڪ خاص "مائينڊ سيٽ” اختيارن جي منتقلي خلاف آهي، اهڙن ماڻهن جو پهرين چوڻ هو ته ارڙهين ترميمي منظور نه ٿي سگهندي، جڏهن هي معاملو پڄاڻي تي پهتو ته چيو پيو وڃي ته اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي سان ادارا تباهه ٿي ويندا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان هن چيو ته ايڇ اي سي جي انتظاميه کي چيو…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
چين پاران پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون، بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ
اسلام آباد (اي پي پي) چين پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون ۽ پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، اها آڇ چين جي ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڪائو گوانگ جنگ اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ بريفنگ دوران ڏني. ڪارپوريشن بلٽ آپريٽ ٽرانسفر جي بنياد تي گهڻ مقصدي هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبو تيار ڪرڻ جي به آڇ ڪئي آهي. صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ گهڻ مقصدو هائيڊرو ونڊ پاور منصوبي ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪروٽ، تونسه، ڪوهالا ۽ بونجي جا پن بجلي منصوبا شامل آهن. هن ٻڌايو ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پراجيڪٽ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منصوبي جي فزيبلٽي جي به منظوري ڏني وئي آهي ۽ منصوبو هن وقت ٽيرف پٽيشن جي مرحلي تي آهي. ترجمان چيو ته 120 ميگاواٽ جي تونسه پن منصوبي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿي ويون آهن، جڏهن ته جوائنٽ ڊولپمينٽ جي…
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
صدر آصف علي زرداري پاران مشهور تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشهور تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي قوم لاءِ هڪ عظيم نقصان قرار ڏنو آهي، مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪندي صدر چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي اعليٰ درجي جي شخصيت ۽ دانشور نسلن ۾ هڪ دفعو پيدا ٿيندي آهي، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونيئرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
وڌيڪ پڙھو -
5 اپریل
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي کيس لڳل داغ ڌوئڻ جو موقعو ڏنو آهي،هو ان مان فائدو حاصل ڪري: صدر آصف علي زرداري
نئون ديرو – (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي ان کي موقعو ڏنو آهي ته هو پنهنجي منهن تي لڳل داغ ڌوئي ۽ اسان کي داغ ڌوئڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي،عدليه عدالتي قتل کي تسليم ڪري معافي ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، عدليه پاڻ جدوجهد دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏسيل واٽ تي هلندي حق وٺڻ لاءِ لانگ مارچ ڪئي، هي قائداعظم جو پاڪستان نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان آهي، ڪالهه هتي نئون ديرو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀٽو ازم جا مخالف اسان جي خلاف ڪيس ٻيهر هلائڻ چاهين ٿا ان مان ظاهر آهي ته اهي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا، ڇو جو آئون پنهنجي حصي جي سزا ڪاٽي چڪو آهيان جيڪا انهن ريفرنسن سزا ملڻي آهي، ان کان ته آئون ٻيڻ ٽيڻ تي ڪٽي چڪو آهيان ۽ اهي اڻ سڌي طرح تي محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا پر…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
شوڪت عزيز ڪنهن کي به ياد نه آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي: صدر آصف علي زردار
ڳڙهي خدابخش : صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شوڪت عزيز کي ڪو به ياد نه پيو ڪري پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو جنهن جي ڪري اڄ 11 ارب روپين جو پرڏيهي ناڻو اچي رهيو آهي، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي، معيشتدان غريبن کي سمجهي نٿا سگهن، اسان پنجن سالن ۽ ووٽ وٺڻ خاطر نه پر عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون، ڪالهه هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لائيو اسٽاڪ انشورنس اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هي اسان جو ڪارنامو ناهي، نه ئي فرزانه راجا جو ڪرشمو آهي پر هي ان شخصيت جو ڪرشمو آهي جنهن کي پاڪستان جو عوام اڄ به 32 سالن کانپوءِ به سندس نالي تي ووٽ ڏئي ٿو، هن چيو ته اسان جڏهن بي آءِ ايس پي پروگرام شروع ڪيو هو ته سڀني چيو ته هي ڪهڙو مذاق آهي پر اڄ ڪلهه هن پروگرام کي سڄي دنيا تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي اختيار به ڪيو آهي، هن چيو ته مون فرزانه…
وڌيڪ پڙھو