اسلام آباد
-
جون- 2011 -7 جون
زرداري سنڌ ڪارڊ کيڏي پيو، عوام کيس ملڪي تباهي جو ٺيڪو ناهي ڏنو:چوڌري نثار
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران بجيٽ تي بحث شروع ڪيو ويو. ان دوران پ پ ۽ صدر آصف علي زرداري تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي. (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته بجيٽ ۾ تعريف لائق ڪا به ڳالهه شامل ناهي. بجيٽ ۾ عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، ڪجهه قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي تنقيد ڪندي چوڌري نثار علي خان چيو ته بجيٽ لاءِ (ن) ليگ جي هڪ به تجويز تي عمل ناهي ڪيو ويو. ايوان ۾ تاڙيون وڄائڻ وارن جي اڪثريت آهي پر اسان بجيٽ کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪنداسين. بجيٽ ۾ سروسز سيڪٽر ۽ زراعت جا شعبا زوال جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال بجيٽ جا هدف گهٽ آهن، گذريل سال حڪمرانن 614 ارب روپين جا قرض ورتا، جيڪي هڙپ ڪيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
معذورن جي سار سنڀال لاءِ ذميواريون نڀائينداسين: صدر زرداري
صدر آصف علي زرداري معذور ماڻهن جو خاص خيال رکڻ لاءِ مذهبي ۽ انساني فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي اقتدار ۽ آئين جي روشني ۾ معذو ر ماڻهن جي حوالي سان ذميواريون پوريون ڪنداسين، ڇا ڪاڻ ته انهن جي سال سنڀال لهڻ تمام ضروري آهي، اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري معذرو ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنونشن جي توثيق وارن دستاويزن تي صحيحون ڪيون ،ان موقعي تي هن چيو ته عوامي حڪومت معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻندي.
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
هاڻي صرف عام چونڊون ئي ٿينديون، ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي کي ڪامياب ٿيڻو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان جي مخالفن کي به خبر پئجي چڪي آهي ته مڊٽرم اليڪشن جو دور گذري چڪو آهي، هاڻي صرف عام چونڊون ئي ٿينديون.ايندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ ۾ به پيپلزپارٽي جي اڪثريت ٿي ويندي پوءِ ماڻهن کي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي کي ڪامياب ٿيڻو آهي، سرڪٽ هائوس ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان چور دروازي مان نه پر ووٽ جي طاقت سان ٻيهر اقتدار ۾ ايندڙن کي تسليم ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار جي پارٽي نه آهي هي جدوجهد ڪندڙ پارٽي آهي، اسان اقتدار ۾ هجون يا اقتدار کان ٻاهر جمهوريت ۽ ماڻهن جي حقن لاءِ وڌيڪ موثر ۽ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، حڪومت اسان جي ڪمزوري نه آهي، هن چيو ته وفاق جي پارٽي هجڻ جي ناطي پيپلزپارٽي تي ذميداريون به وڌيڪ لاڳو ٿين ٿيون، اڄ اسان وٽ سادي اڪثريت آهي پر ان جي باوجود چوٿون بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
5 جون
ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
صدر آصف علي زرداري ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪيترن ئي پروگرامن تي عمل پيرا آهي. هن اها ڳالهه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو اڄ آچر ڏينهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات جي پروگرام کي سال 2011ع "ٻيلن جي فطرت توهان جي خدمت" جو موضوع اختيار ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي موضوع زندگي جو معيار، ٻيلن جي ضرورت ۽ ٻيلن جي نظام جي عالمي فطري لاڳاپن جي نشاندهي ڪري ٿو.
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ نيول چيف پيش نه ٿيو، نيوي جي بريفنگ تي بي اعتمادي
اسلام آباد ( م ڊ) بچاءَ واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ باوجود نيول چيف پيش نه پيو جڏهن ته پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن نيوي جيجونيئر عملدارن جي بريفنگ تي بي اعتمادي ڏيکاري وئي،بچاءِ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر جاويد اشرفجي صدارت هيٺ ٿيو،اجلاس ۾ نيول چيف نعمان بشير کي پيش ٿيڻو هو جيڪو نه آيو، اجلاس ۾ نيوي جي جونيئر عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حملي وقت بيس ۾ 11 جرمني ۽ 6 آمريڪي موجود هئا، 38ن جهاز ۽ 17 هيليڪاپٽرموجود هئا هنن ٻڌايو ته بيس تي حملي وقت نيوي جا هڪ سئو اهلڪار موجود هئا، 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿي ويا ،نيوي جي عملدارن جي بريفنگ تي پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن بي اعتمادي ظاهر ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جو گورنر نواب ذوالفقار علي مگسي ۽ وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جي ملاقات
صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جو گورنر نواب ذوالفقار علي مگسي ۽ وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سنڌ جي صوبائي وزير نواب نادر مگسي ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ به موجود هئا، ملاقات دوران بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي سميت صوبي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، صدر صوبائي حڪومت تي زور ڏنو ته صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ بلوچستان جي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪوششن تي ڌيان ڏنو وڃي، هن بلوچستان جي عوام جي قومي زندگي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جو احساس محرومي ختم ڪرن لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو، گورنر صوبي جي صورتحال جي باري ۾ صدر کي آگاهه ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
پاڪستان برطانيا سان برابر خودمختياري، گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي تفصيلي رابطن جو خواهشمند آهي: زرداري
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان برابر خودمختياري، گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي تفصيلي رابطن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جي مصنوعات جي لاءِ يورپي منڊين تائين پهچ جي ضرورت آهي، اسان امداد نه پر واپار چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي اسٽريٽجڪ ڳالهين جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، ان سان عالمي امن ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان معاملن تي بهتر مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي برطانيا جي عالمي ترقي جي وزير اينڊريو مچل سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صدر جو سيڪريٽري سلمان فاروقي، پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر، سينيٽر صغريٰ امام، قومي اسيمبلي ميمبر فرح ناز اصفهاني، پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير، اقتصادي معاملن جو ڊويزن سيڪريٽري عبدالواجد رانا ۽ صدارتي ترجمان فرحت الله بابر به موجود هئا.
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2011 -19 مئی
اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ يا پارليامينٽ ميمبرن جي نااهلي؟ سپريم ڪورٽ جو چتاءُ
اسلام آباد:سپريم ڪورٽ الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت کي ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪري نه ته عدالت ضمني چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيندي، آئيني بحران کان بچڻ جي لاءِ اسان سان تعاون ڪيو وڃي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ عمران خان جي ووٽر لسٽن جي حوالي سان ٻڌڻي ڪئي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته توهان غلط ڪم ڪري رهيا آهيو، الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ ڇو نه ٿا ڪريو؟ اسان ضمني چونڊن جي خلاف آرڊر جاري ڪري ڇڏينداسين پوءِ حڪومت جي لاءِ مٿي جو سور بنجي ويندو، آخر حڪومت جو اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان موقف ڪهڙو آهي، اها آئيني تقاضا آهي، ڪورٽ جو ڪم آئين کان انحرافي ناهي، اسان توهان کي وقت انهي جي ڪري ٿا ڏيون جئين حڪومت نئين آئني بحران کان بچي وڃي، آخر آئين ۾ ترميم ڪئي وئي آهي انهي جي پويان وڏي دانش هوندي آهي، اسان جيڪڏهن ضمني چونڊن وارا نوٽفيڪشن رد ڪيون ته خبر آهي ته ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اسان آئين سان گڏ آهيون اهي نوٽفڪيشن رد به ڪري ڇڏينداسين، جسٽس رباني چيو ته اٽارني جنرل اهو ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان آرٽيڪل 219 بي…
وڌيڪ پڙھو -
19 مئی
”اچو ته لاڳاپا بحال ڪيون“ پاڪ آمريڪا اختيارين ۾ ملاقات
اسلام آباد : اڪ آمريڪا لاڳاپن جي بحالي ۽ ڇڪتاڻ گھٽائڻ جي حوالي سان آمريڪي نمائندو ۽ سي آئي اي عملدارن پاڪستان جي سول توڙي فوجي قيادت سان ملاقات ڪئي آهي، انهي حوالي سان ڪالهه پاڪستان بابت آمريڪا جو خاص نمائندو مارڪ گراس مين سي آئي اي عملدارن سان گڏجي صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف جنرل ڪياني ۽ آئي ايس آئي سربراهه جنرل پاشا سان مليو آهي، رپورٽ موجب آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جان ڪيري جي دوري کان پوءِ آمريڪا جو خاص نمائندو مارڪ گراس مين اسلام آباد ۾ وفد وٺي پهتو آهي ساڻس گڏ سي آئي اي جو ڊپٽي ڊاريڪٽر مائيڪل مورال پڻ گڏ اسلام آباد پهتو آهي، اسلام آباد ۾ هنن صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي جي سربراهه جنرل پاشا سان ملاقات ڪئي آهي، انهي ملاقاتن ۾ سي آئي اي ۽ آئي ايس آئي جي معطل ٿيل لاڳاپن کي بحال ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهين جئين دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا برقرار رهن، پاڪستاني اختيارين آمريڪي نمائندن تي واضع ڪيو ته پاڪستان تي شڪ ڪرڻ بدران پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي دهشتگردي خلاف جنگ بابت هر فيصلي…
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2011 -11 اپریل
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران ڊاڪٽرن جي بنيادي پي اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد : (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اعلان ڪيو آهي ته سڀني ڊاڪٽرن ۽ پروفيشنلز کي قانون موجب مستقل ڪيو ويندو جڏهن ته انهن جي بنيادي پي اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ صحت واري سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو جيڪا 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاليسي بيان ڏيندي وفاقي حڪومت پاران صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڊاڪٽرن ۽ پروفيشنلز جي ملازمت جي ڪيريئر اسٽرڪچر جو اعلان ڪيو جنهن موجب ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي بنيادي اسڪيلز ۾ بهتري آندي ويندي، ان مقصد لاءِ صحت واري وفاقي سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا به شامل هوندا. اها ڪميٽي ان حوالي سان 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.
وڌيڪ پڙھو