حيدر آباد
-
جون- 2011 -21 جون
دواساز ڪمپنيون ڪاروبار صاف سٿرو ۽ ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ طريقي سان ڪن: شهاب الدين صديقي
ڊائريڪٽرجنرل زرعي توسيع کاتي سنڌ شهاب الدين صديقي پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ دواساز ڪمپنيون يا انهن جا جيڪي ڊيلر آهن اهي ڪاروبار صاف سٿرو ۽ ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ طريقي سان ڪن ته جيئن آبادگار ان معياري دوائن کي فصلن ۾ ڪتب آڻي سگهن ته جيئن بيمارين تي ضابطو آڻي بهتر پيداوار حاصل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته زرعي دواساز ڪمپنيون جن جو رجسٽريشن وارو مدو پورو ٿي چڪو آهي اهي پاڻ کي حڪومت سنڌ وٽ ٻيهر رجسٽرڊ ڪرائين ٻي صورت ۾ سندن خلاف پيسٽيسائيڊ آرڊيننس تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ اٽڪل 29 زرعي دوا ساز ڪمپنين کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
21 جون
ملڪ جو عوام اڄ به پ پ پ سان گڏ آهي: صوبائي وزير
پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اڄ ضلعي ڪائونسل حيدرآباد ۾ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو جڏهن ته سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو _ بعد ۾ پ پ پ جي مقامي اڳواڻن ، ڪارڪنن ۽ شهرين پنهنجي رت جو عطيو ڏئي شهيد محترمه سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي سندس مشن کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو _ ان موقعي تي ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي پنهنجي خطاب ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ملڪ جي مظلوم طبقي لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ قرباني تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ جو عوام اڄ به پ پ پ سان گڏ آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر اڄ جمهوي حڪومت ڪاميابي سان هلي رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
21 جون
مالوند ماڻھو سانوڻ جي برسات دوران پنهنجن جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِٽڪا ھڻائن: ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري
ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري سنڌ حيدرآباد مالوندن ڀائرن کي صلاح ڏني آهي ته هو سانوڻ جي برسات دوران پنهنجن جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي ويجهي وٽرنري اسپتالن يا ڊسپينسرين تان جانورن کي حفاظتي ٽڪا هڻائين. هن مالوندن ڀائرن کي اها به صلاح ڏني آهي ته هو ضلعي لائيو اسٽاڪ آفيسر يا لاڳاپيل ضلعي اينيمل هسبينڊري سان لهه وچڙ ۾ اچن يا ايمرجنسي صورت ۾ فون نمبر 0229200990 تي به رابطو ڪري سگهن ٿا .
وڌيڪ پڙھو -
20 جون
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد غلطي جي درستگي
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرول پنهنجي هڪ تصيحي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته 18 جون 2011 تي ڪميشن پاران انسٽرڪٽر/ ليڪچرار سوشل اسٽيڊيز بي پي ايس 17 (مرد ۽ عورت) جي آسامين لاءِ شايع ٿيل پريس رليز ۾ غلطي سبب ڄاڻايل آسامي جو کاتو بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ ڄامشورو بدران سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتو شايع ٿي ويو هو تنهنڪري ڄاڻايل آسامين جي کاتي کي بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ ڄامشورو پڙهيو وڃي .
وڌيڪ پڙھو -
20 جون
تعلقي لطيف آباد حيدرآباد جي 17 لوڪل زڪوات ڪميٽين جي مستحقين ۾ 8 لک 67 هزار رپيا ورھايا ويا
سنڌ زڪوات ڪائونسل جي چيئرمين جسٽس (ر) زاهد قربان علوي گذريل ڏينهن اپوا اسڪول لطيف آباد نمبر 8 ۽ ڪرم مصطفيٰ مسجد ۾ تعلقي لطيف آباد حيدرآباد جي 17 لوڪل زڪوات ڪميٽين جي مستحقين ۾ 8 لک 67 هزار رپيا ۽ ٽن غريب نياڻين جي شادي لاءِ ڏاج جي رقم 30 هزار رپين جا چيڪ ورهايا. ان موقعي تي سيد فياض حسين شاهه ۽ ضلعي زڪوات ڪميٽي جو چيئرمين حاجي شير محمد پيرزاده موجود هو. بعد ۾ زڪوات جي ورڇ واري عمل کي شفاف بنائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي سنڌ زڪوات ڪائونسل جي چيئرمين جسٽس (ر) زاهد قربان علوي ۽ ضلعي ڪميٽي حيدرآباد جي چيرمين کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
20 جون
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار فزڪس جي ڪامياب اميدوارن جي فھرست پڌري ڪري ڇڏي
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن ايڊيشنل ڪنٽرولر جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار فزڪس ( عورت) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ مئي ۽ جون 2011 ۾ ورتل اهل اميدوارن کان انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن _ تفصيل موجب مس ثنا نيازي، مس نورين رحمان ، ثمرين شيخ، ثنا امبرين فاطمه، حبا حق، مرڪ مستوئي، صباڪنول، شافيه نظاماڻي، ليزناشير محمد ، يسريٰ فردوس اعواڻ ، ثنا، سمبل زهره ، بشريٰ ايمان، مهرين سليم، اربينه ، حناسيد، شگفته، رشيده خاتون، نازش عروج ، صدف ، سارا خان، شمائيلا فرزند علي، شهنيلا غني، امبرين بانو،فرزانه کيڙو، مس خديجه رحيم، افشين ، عائشه ، انجم، شازينه، مهڪ ۽ اسما آرائين کي ڄاڻايل آسامين لاءِ ڪامياب قرار ڏيندي سندن مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
حيدرآباد ۾ 22 جون 2011 کان صفائي جو هفتو ملهايو ويندو : صوبائي وزير
ٻهراڙي جي ترقي واري صوبائي وزير زبير احمد خان چيو آهي ته ڪراچي وانگر حيدرآباد ۾ به 22 جون 2011 کان صفائي جو هفتو ملهايو ويندو جنهن دوران نالن ، روڊن ۽ گهٽين جي صفائي ڪئي ويندي ته جئين عوام کي صاف ۽ صحت مند ماحول فراهم ٿي سگهي – هو اڄ شام ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ صفائي جي هفتي ۽ امڪاني سانوڻي جي برساتن جي سلسلي ۾ گهربل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي صدارت ڪري رهيو هو – گڏجاڻي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته حيدرآباد شهر اسان سڀني جو آهي ۽ ان کي صاف سٿرو رکڻ پڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي- هن واسا ۽ تعلقا ايڊمنسٽريشن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اهي برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ جو ڳا اپاءُ اختيار ڪندي گهربل مشينري کي استعمال جوڳي حالت ۾ رکڻ کي يقني بڻائين ته جئين برسات جي پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪري شهرين کي پريشاني کان بچائي سگهجي -
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ بهترين طريقو آهي: تاج حيدر
پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر چيو آهي ته شهيد محترمه بينظيرڀٽو کي ان جي سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاران ڏنل رت جي عطيي کي محفوظ بنائڻ ۽ ان جي اسڪريننگ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي ۽ مشهور بلڊ بينڪن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ بهترين طريقو آهي . هن چيو ته رت جو عطيو جمع ڪرڻ جي ٽن ڏينهن واري مهم 20 جون 2011 کان گرمي سبب شام جي وقت ۾ شروع ٿيندي .
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
بينظير ڀٽو شهيد هڪ انقلابي ۽ دور انديش اڳواڻ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار 26 جون تي حيدرآباد ۾ منعقد ٿي رھيو آھي
پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 59 هين سالگره جي مناسبت سان 26 جون 2011 تي حيدرآباد ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو شهيد هڪ انقلابي ۽ دور انديش اڳواڻ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جي صدارت پ پ پ سنڌ جو صدر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو - اڄ هتي جاري هڪ پريس رليز مطابق پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر ۽ بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان ٻڌايو ته سيمينار ۾ پ پ پ جا مرڪزي اڳواڻ ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ، وفاقي وزير قانون مولا بخش چانڊيو، سينيٽر رضا رباني ، ڊاڪٽر پروفيسر اين ڊي خان، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ، تاج حيدر ، سميت سنڌ جا ڀلوڙ اديب محمد ابراهيم جويو، يوسف شاهين ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ، آغا سليم ، حفيظ لاکو ، نورلالهٰديٰ شاهه، نذير لغاري ، امر سنڌو ، ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ خدمتن تي روشني وجهندا
وڌيڪ پڙھو -
18 جون
پاڪستان پيپلزپارٽِي جي بهتر پبلسي ۽ پروپيگينڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽرين جا تربيتي ورڪشاپ جلد ڪرايا ويندا
وڏي وزير جي نوجوانن جي معاملن واري صوبائي صلاحڪار عاجز ڌامرهه چيو آهي ته محترمه فريال ٽالپر جي خاص هدايتن تي پاڪستان پيپلزپارٽِي جي بهتر پبلسي ۽ پروپيگينڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽرين جا تربيتي ورڪشاپ هر يو سي ۽ ضلعي سطح تي ڪرايا ويندا جڏهن ته حيدرآباد ۾ تمام جلد صوبي جي سمورن اطلاعات سيڪريٽرين جوٽن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڻ ڪرايو ويندو _ هن اهڙو اظهار اڄ انيڪسي بلڊنگ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پ پ پ يوٿ جي مختلف ضلعي اطلاعات سيڪريٽرين جي هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو _ صوبائي صلاحڪار عاجز ڌامرهه وڌيڪ چيو ته ملڪ جو نوجوان باصلاحيت ۽ ذهين آهي ۽ انهن جي بهتر تربيت سان اهي مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
وڌيڪ پڙھو