حيدر آباد

  • جولائی- 2011 -
    19 جولائی

    روسپ تحت ڪم شروع ٿيڻ بعد نارا ڪينال، جمڙائو ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ کپرو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهه بهتر ٿي ويندي: اسحاق لاشاري

    سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اسحاق لاشاري چيو آهي ته واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (روسپ WSIP) تحت ڪم شروع ٿيڻ بعد نارا ڪينال، جمڙائو ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ کپرو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهه بهتر ٿي ويندي ۽ پڇڙي جي آبادگارن کي فائدو ٿيندو. اهڙو اظهار هن سانگهڙ ويجهو منڍ جمڙائو تي واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت نارا ڪينال جي هلندڙ ڪمن جي دوري دوران ۽ ايريگيشن ريسٽ هائوس ۾ آبادگارتنظيمن ( فارمرزآرگنائيزيشن ) جي عهديدارن سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي ڪيو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته حڪومت سيڊا جوڙِي پاڻي جي ورهاست جا اختيار آبادگارن کي منتقل ڪرڻ شروع ڪيا آهن، هاڻي آبادگار تنظيمن جي عهديدارن کي گهرجي ته اهي پنهنجي آبياني جي وصولي کي بهتر بڻائين ۽ جيڪي شاخون وسپ تحت بحال ڪيون پيون وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ محمد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري

    پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ضلعي جي صدر ۽ ماهيگيري کاتي واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ محمد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. ساڻس تعزيت ڪندڙن ۾ قانون وارو وفاقي وزير مولابخش چانڊيو، سينيئر صوبائي وزير تعليم پيرمظهر الحق ، صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لال ، ايم اين اي لعل چند، ايم پي اي ڊاڪٽرسڪندر شورو، ايم پي اي غلام رسول انڙ، سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي معاون سرفرازراڄڙ، امان الله سيال، سيد فياض شاهه، ذوالفقار يوسفاڻي، آفتاب احمد خانزاده، حميد سنڌي، سڪندر حيات، احسان ابڙو، غلام مرتضيٰ ميمڻ ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ الهه بچايو سومرو، ايس ڊِي او آبپاشي امجد علي ميمڻ، ڊي جي غلام اڪبر لغاري، مختيارڪار گدا حسين، مامارند، غلام رسول ڪلهوڙو، ڊاڪٽر فريد شيخ، ڊاڪٽرڪشن چند، ڊاڪٽر انيل ڪمار ، سيد الطاف حسين شاهه ، الطاف گهمڻ ، ڊِي ايڇ او هيلٿ ڊاڪٽر علي بخش پتافي، حاجي جنيد سومرو ،زاهد مرزا، الياس قريشي، اقبال سومرو، آفتاب گهمڻ، ڊاڪٽر جبارشيخ ۽ ٻيا شامل هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 جولائی

    بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مهاجر صوبي جي سازش خلاف سپنا جا مظاهرا ۽ ڌرڻا

    سنڌ ۾ بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مهاجر صوبو ٺاهڻ واري سازش خلاف سنڌ پروگريسو الائنس جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ايس ٽي پي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي. عوامي تحريڪ، ترقي پسند ناري تحريڪ جي ڪارڪنن دودو مهيري ۽ حميد ملاح ، نور احمد ڪاتيار، حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سپنا جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ٻوڏ سبب تباهه ٿيل بچاءُ بند جي مرمت ڪرڻ واري ڪم مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي حڪومت جي سست رويي سان لڳي ٿو ته سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر ٻوڙيو ويندو، هنن چيو ته حڪومت جا سڀ ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا آهن اڄ به سنڌ جو عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، سنڌ لاءِ پ پ جي اقتداري ويڙهه ۾ ڪراچي ۾ بيگناهه سنڌي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 جولائی

    حيدرآباد ۾ پوليو جا 8 ڪيس ظاھر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار

    ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد آفتاب احمد کتري، ڊويزن ۾ پوليو جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو 18 جولاءِ 2011 کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري پوليو مهم دوران سئو سيڪڙو ڪوريج ڪرڻ کي يقيني بڻائين _ هن عملدارن کي چتاءُ ڏنو ته مهم دوران ڪوتاهي ڪندڙ ۽ ڪنهن علائقي ۾ پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ جي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙي هدايت هن اڄ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پوليو جي ظاهر ٿيندڙ14 ڪيسن مان 8 ڪيس حيدرآباد ڊويزن ۾ رپورٽ ڪيا ويا آهن جن مان ٽي حيدرآباد ضلعي ، ٻه ضلعي ٺٽي، ٻه بدين ضلعي ۽ هڪ پوليو جو ڪيس ضلعي ڄامشورو ۾ ظاهر ٿيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته يونين ڪائونسل سطح تي هڪ منصوبو جوڙي . ان تي عمل ڪن جڏهن ته روينيو، صحت، تعليم ۽ لوڪل گورنمينٽ جي کاتن جي عملي کان علاوه غير سرڪاري تنظيمن سميت سياسي ڪارڪنن کي پڻ مهم ۾ شامل ڪن ته جيئن مهم جا گهربل…

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 جولائی

    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن باٽني جي ڪامياب اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ باٽني (مرد ۽ عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ جولاءِ 2011 دوران اهل اميدوارن کان ورتل انٽرويو ۾ غلام علي آريجو، فيصل انصاري، امتيازحسين، منير علي ڀاڳت، عبدالطيف ڪلهوڙو، غلام اصغر، محمد سليم بروهي، عبدالحميد هليو، عبدالستارآرائين، جان محمد،نسيم الله ڦلپوٽو، نثار احمد ميمڻ، احسان مغل، محمد ڪبير جڏهن ته عورتن ۾ قمرالنساءُ ڪلهوڙو، نذهت بيگم، مهتاب ميمڻ، زينت بانو، ريحانه ڀٽي، خورشيد بانو ميمڻ، ڪلثوم بيگم ڏيپر، سروت ناز، زاهده پٺاڻ ۽ رابيعه تبسم کي ڪامياب قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کي سندن ڄاڻايل آسامين تي مقرري جي سفارش ڪئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 16 جولائی

    ڪمشنري نظام جي بحالي کان اڳ شروع ڪيل ضلعي حيدرآباد ۾ سمورن ترقياتي منصوبن کي جاري رکيو ويندو: آصف علي ميمڻ

    :ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ چيو آهي ته ڪمشنري نظام جي بحالي کان اڳ شروع ڪيل ضلعي حيدرآباد ۾ سمورن ترقياتي منصوبن کي جاري رکيو ويندو ۽ قاسم آباد سميت حيدرآباد ضلعي جي هر تعلقي ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ته جيئن شهرين کي گهربل سهولتون مهيا ٿي سگهن. اها ڳالهه هن اڄ قاسم آباد لڳ واڌو واهه جو جائزو وٺڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي . هن چيو ته چوماسي جي برساتن کان اڳ واڌو واهه مان گندي پاڻي کي نيڪال ڪري ان جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪيو ويندو جڏهن ته رهواسين کي پاڻي جي نيڪال جو متبادل نظام پڻ فراهم ڪيو ويندو. هن عوام تي زور ڀريو ته هو شهر جي ترقياتي ڪمن جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد شهر خاص طور تي قاسم آباد کي خوبصورت بنائڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جولائی

    حيدرآباد جي سال 2005 کان اڳ واري حيثيت ۾ بحالي سان عام ماڻهن کي نقصان نه پر فائدو پهچندو: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد

    ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ ضلعي جي سمورن سب ڊويزنل مئجسٽريٽن ، تعلقي ايڊمنسٽريٽرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو حڪومت پاران ڪمشنري نظام جي بحالي بعد ماڻهن کي بهترخدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ته جيئن عوام کي ڪمشنري نظام ذريعي وڌ کان وڌ فائدو پهچڻ سميت کين گهربل سهولتون پڻ مهيا ٿي سگهن . اهڙي هدايت هن اڄ شهباز هال حيدرآباد ۾ حڪومت پاران تازو صوبي ۾ بحال ڪيل ڪمشنري نظام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن جي سڏايل هڪ تعارفي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي موجوده حڪومت پاران بحال ٿيل ڪمشنري نظام جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي پهرين ڊپٽي ڪمشنر آصف علي ميمڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي هنگامي بنيادن تي ٿيندڙ خرچن لاءِ انگ اکر فراهم ڪن ته جيئن ضلعن جي ڀڃ ڊاهه ۽ نئين سرجوڙجڪ ۾ ڪا پريشاني پيش نه اچي

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جولائی

    انجنيئر عبدالعليم خانزاده راجپوت لاءِ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين جي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو

    حيدرآباد: تعليمي بورڊ حيدرآباد جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي بي پي ايس 20 جي آفيسر انجنيئر عبدالعليم خانزاده راجپوت، ڊيپيوٽيشن جي بنياد تي ٽن سالن واري عرصي لاءِ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين جي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو آهي. سندس آفيس جو فون نمبر 0229260271 آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 جولائی

    گذريل سال واري ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي: ڄام سيف الله ڌاريجو

    سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي عملي کي فلڊ فائيٽنگ جي حوالي سان سکيا ڏيڻ واري هدايتن تي عمل ڪندي سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي طرفان سنڌو دريا جي ڄامشورو فرنٽ بند ڏيٿا لانڍي وٽ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته گذريل سال جي ٻوڏ کان اڳ ماڻهو وساري ويٺا هئا ته دريا ۾ ڪا ٻوڏ به ايندي آهي ڇو ته ڪيترن ئي سالن کان ٻوڏ نه آئي هئي، هن چيو ته گذريل سال واري ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي. ڄام سيف الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته آبپاشي کاتي جي عملي گذريل سال جي ٻوڏ دوران ڏينهن رات محنت ڪري بندن جي نگراني ڪئي، جنهن جي ڪري گهٽ نقصان ٿيو، جيڪڏهن آبپاشي عملو اهڙا قدم نه کڻي ها ته ٻوڏ ۾ وڌيڪ نقصان ٿئي ها .هن آبپاشي جي عملي کي ” آبڪلياڻي ۾ بند تي مقرر عملي لاءِ هدايتون“ جو ڪتاب ياد ڪرڻ جي هدايت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 جولائی

    ڪشميري عوام پي پي پي جي نمائندن کي ڪامياب ڪري ثابت ڪيو ته رھيل سيٽن تي به پي پي پي ڪامياب ٿيندي: زاهد علي ڀرڳڙي

    سنڌ جي ماهيگيري کاتي واري وزير زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ تازين چونڊن ۾ ڪشميري عوام، پاڪستان پيپيلزپارٽي جي نمائندن کي ڪامياب بڻائي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي 20 جولاءِ 2011 تي ڪشمير جي باقي سيٽن لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي ئي کي ڪامياب ڪندي جنهن لاءِ هن پنهنجن ڪارڪنن کي اڳواٽ ئي مبارڪباد ون پڻ ڏنيون آهن _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ گذريل رات پ پ پ حيدرآباد جي ڪارڪن منٺار جتوئي جي رهائشگاهه تي 20 جولاءِ 2011 تي ڪشمير جي رهيل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ پاڪستان پيپيلزپارٽي پاران حلقي اي ايل 36 ۽ ايل اي 30 لاءِ نامزد ڪيل اميدوار اقبال ڪشميري ۽ سردار مقصود زمان سان گڏ هڪ ڪارنر ميٽنگ جي صدارت ڪندي ڪيو _ صوبائي وزير چيو ته عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ۾ آزاد آهي ۽ چونڊن ۾ ڪنهن ٻئي پارٽي جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button