حيدر آباد
-
اگست- 2011 -5 اگست
سنڌين مهاجرن لاءِ پنهنجا دستر خوان وڇائي ڇڏيا پر هنن نمڪ حلالي نه ڪئي، اڄ ھڙتال جو سڏ
ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين ۽ وسيم اختر طرفان سنڌي قوم خلاف ڳالهائڻ تي پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، عوامي تحريڪ طرفان اڄ سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج جو اعلان، جڏهن ته الطاف حسين معذرت ظاهر ڪئي آهي. الطاف حسين طرفان سندن طرفان قربانيون نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌي اڄ هندن جا غلام هجڻ جو بيان ڏيڻ ۽ وسيم اختر طرفان سنڌي بلوچ ڪافرن جون جتيون چٽڻ جا بيان ڏيڻ تي پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، عوامي تحريڪ جي جنرل ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ويچاريو ويو ته هڪ دفعو وري موهن جي دڙي واري 5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ وجود رکندڙ، يونانين، ارغونن، ترخانن، مغلن، خلجين، تغلقن ۽ ٻين حملا آورن سان وڙهي لکين سرن جون قربانيون ڏيئي رت جا درياهه جهاڳي، پنهنجي وطن، وجود ۽ وسيلن جي حفاظت ڪندڙ سنڌي قوم ۽ ان جي تاريخي وطن بابت توهين آميز، نفرت ڀريل، فاتحانه ۽ حاڪمانه ٻولي ڳالهائي پيئي وڃي ۽ اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته سنڌ جا مالڪ ۽ وارث ڪير آهن؟
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2011 -30 جولائی
رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ روزمره جي کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن تي ضابطو رکيو وڃي: ڪشمنر
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ روزمره جي کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن تي ضابطو رکڻ لاءِ هوسيلرز، ريٽلرز صارفين ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي نمائندن سان گڏجاڻيون منعقد ڪن _ هن کين اها به هدايت ڪئي ته هو ضلعي ۽ تعلقي سطح تي صارفين جي نمائندن، دوڪاندارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن تي مشتمل نگراني ٽيمون جوڙين جيڪي رمضان المبارڪ دوران بچت بازارن ، يوٽيليٽِي اسٽورن ۽ رعايتي اسٽالن تي موجود شين کي مقرر ڪيل اگهن تي وڪري کي يقيني بڻائين _ اهڙي هدايت هن اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حِيدرآباد ۾ رمضان المبارڪ جي حوالي سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني . ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ روينيو کاتي، پوليس ۽ رينجرز عملدارن سميت مارڪيٽ ڪميٽي، هول سيلرز، ريٽلرز۽ سمال مرچنٽ آرگنائيزيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
30 جولائی
ڪراٽي ڪوچنگ ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب اڄ منعقد ٿيندي
ضلعي آفيسر اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس حيدرآباد پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڊسٽرڪٽ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس حيدرآباد ضلعي اميچوئر ڪراٽي ايسوسيئيشنز حيدرآباد جي گڏيل سهڪار سان انڊر 16 ڪراٽي ڪوچنگ ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب سڀاڻي 30 جولاءِ 2011 تي گورنمينٽ قاضي اڪبر هاءِ اسڪول هوم اسٽيڊ هال لڳ پڪي قلعي حيدرآباد ۾ شام 6 وڳي منعقد ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
ادارا ماڻهن جي خدمت لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهن جي خدمت ۾ ناڪام وڃن ته انهن جو مقصد فوت ٿي وڃي ٿو: ڀرڳڙي
ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳري چيو آهي ته حيدرآباد شهر جي رهواسين کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج جي نطام ۾ درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ واسا جي نئين سر جوڙ جڪ لازمي بڻجي وئي آهي _ هن ان ڏس م مئسلن جي نشاندهي ۽ حل لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ خاطر ايڇ ڊي اي ، واسا ۽ ايڇ ڊي پي جي عملدارن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙِيندي کيس هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .ايڇ ڊي اي آفيس ۾ ايڇ ڊي اي ، واسا ، ايڇ ڊي پي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي صوبائي وزير چيو ته شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي . حيدرآباد شهر جي رهواسين کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج نظام جي بهتري لاءِ جوڙيل ڪاميٽي پاران نشاندهي ڪيل مسئلن جي حل ۽ بهتري لاءِ ڏنل تجويزون صوبائي مڪاني ادارن واري کاتي ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي پڻ پيش ڪيون وينديون ۽ انهن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
سنڌ 35 لکن کان وڌيڪ پورهيتن ۽ سندن ڪٽنبن کي مالي فائدا ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ رقم مقرر ڪئي ويئي: امير نواب خان
صوبائي وزير محنت امير نواب خان چيو آهي ته پوري صوبي جي 35 لکن کان وڌيڪ پورهيتن ۽ سندن ڪٽنبن کي مالي فائدا ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سوشل سيڪيورٽِي اسڪيم تحت بجيٽ جي 72 سيڪڙ رقم هڪ ارب 87 ڪروڙ 83 لک 90 هزار رپين جي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي ۽ سندن ڀلائي وارن منصوبن جي مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوان منصوبا پڻ تيار ڪيا پيا وڃن ته جيئن حڪومت جي عوامي پاليسي ۽ مزدورن سان ڪيل وعدا پورا ڪري سگهجن _ ان ڳالهه جو اظهار هن سوشل سيڪيورٽِي سرڪل ڪوٽڙي پاران سندس مان ۾ ڏنل عشائيه جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته وزير محنت وارو منصب سنڀالڻ کانپوءِ کيس پورهيتن جي بنا فرق خدمت کي پنهنجو شعارسمجهندي مزدورن جي فلاحي ادارن کي وڌ کان وڌ بنائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ادارن جي ماحول کي بهتر بنائڻ ۽ عملدارن سميت عملي کي پروموشن ڏيڻ ۾ سندس ترجيحي ۾ شامل آهي
وڌيڪ پڙھو -
26 جولائی
نوشهروفيروز جي انتظاميه ۽ شهرين ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام سان ڪو به تعلق ناهي
سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي پروگرام هيپاٽائيٽس جي صوبائي مينيجر ڊاڪٽرعبدالمجيد ڇٽو ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سول اسپتال نوشهروفيروز جي انتظاميه ۽ شهرين،سياسي، سماجي اڳواڻن سميت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ شهرين جي شڪايتن جونوٽيس وٺندي ان معاملي جي حل لاءِ سينيئر عملدارن تي مشتمل هڪ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي جڏهن ته اين جي او ۽ اي ڊي او سول سول اسپتال نوشهروفيروز۽ لاهور مان ڪرايل بوگس پي سي آر ٽيسٽن جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ صحت جي اختياري ڏانهن اماڻي وئي آهي ۽ هڪ هفتي اندر پي سي آر رپورٽن جي اچڻ بعد ان معاملي ۾ جعلسازي ڪندڙن کي بي نقاب ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي: سيد قائم علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ هنگامن تي قابو پائڻ لاءِ سياسي ۽ انتظامي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز تسلي بخش فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي. اها ڳالهه هن اڄ سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي ٽئين ڏينهن مزار تي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صدرپاڪستان ڪراچي ۾ امن ۽ امان بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ هن گهڻيون گڏجاڻيون منعقد ڪيون آهن . هن چيو ته سمورن واسطيدار ماڻهن کان ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي ۽ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکن.
وڌيڪ پڙھو -
23 جولائی
فنڊز دير سان جاري ٿيڻ جي نتيجي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمون ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿيون آهن: ڪمشنر
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ حيدرآباد ڊيولپمينٽ پيڪيج تحت شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪيمن جو رهيل ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو – ڊويزنل ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي هر هڪ ترقياتي اسڪيم جا تفصيل وٽس جمع ڪرائين- هن عملدارن کي خاطري ڪرائي ته وفاق توڙي صوبائي حڪومت طرفان فنڊز دير سان جاري ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تاخير ٿي رهي آهي ۽ سندس اها ڀرپور ڪوشش هوندي ته هو جلد کان جلد فندز جاري ڪرائي ته جئين ترقياتي ڪمن کي پورو ڪري عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن ۾ اعليٰ معيار تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان ڏس ۾ڪمن جي اڳڀرائي بابت کيس آگاهه رکيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
23 جولائی
صوفي ازم نه صرف سنڌ پاڪستان ۾ موجود آهي بلڪه ترڪي، چين ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ به موجود آهي: سسئي پليجو
صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته دهشتگردي صرف علائقائي ئي نه پر هڪ بين الاقوامي خطرو آهي جنهن کي عوام جي حمايت ۽ بين الاقوامي هم آهنگي پيدا ڪري ئي ان جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو – هن چيو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي ويزن تحت شروع ڪيل ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي جو قيام هڪ ڊگهي مدي وارو منصوبوآهي جيڪو دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ بين الاقوامي هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو - هو اڄ حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين ٽن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي آخري ڏينهن تي درگاه تي چادر چاڙهڻ بعد صحافين سان ڳالهائي رهي هئي- هن چيو ته حضرت لعٰل شهباز قلندر ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، شاهه عنايت شهيد ، سچل سرمست ۽ ٻين سنڌ جي صوفي بزرگن جا نظريا صوفي يونيورسٽي آف ريسرچ ۾ نصاب جو اهم حصو هوندا جڏهن ته ڪيل تحقيق جو دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
23 جولائی
ڊويزنل ڪمشنر سانوڻي جي امڪاني برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ضلعي جي مختلف تعلقن جو هنگامي دورو ڪيو
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو سانوڻي جي امڪاني برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ ضلعي جي مختلف تعلقن جو هنگامي دورو ڪندي واسطيدار عملدارن کي تعلقي قاسم آباد، لطيف آباد ۽ سٽي ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪرڻ ۽ شهر جي برساتي نالن توڙي روڊ رستن جي صفائي ۽ سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي فعال بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڊويزنل ڪمشنرحيدرآباد احمد بخش ناريجو تعلقي قاسم آباد، سٽي ۽ لطيف آباد جي پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري انهن جي حالت معلوم ڪئي ۽ سخت هدايت پڻ ڪئي ته پمپنگ اسٽيشن تي اسٽينڊ باءِ جنريٽر جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن امڪاني برساتن دوران لوڊ شيدنگ جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪالي ۾ ڪا به رڪاوٽ پيش نه اچي .ڊويزنل ڪمشنر پمپنگ اسٽيشن جي مجموعي حالت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
وڌيڪ پڙھو