حيدر آباد

  • اگست- 2011 -
    19 اگست

    پاڪستان بيت المال بدين جي برسات متاثرن جي اڃا به وڌيڪ مدد ڪندو: زمرد خان

    پاڪستان بيت المال جي چيئرمين زمرد خان ڊي سي او آفيس بدين ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا سان ملاقات ڪئي ۽ برسات متاثرين جي امداد لاءِ ڪيل ڪوششن کي حتمي شڪل ڏني ۽ پاڪستان بيت المال طرفان متاثرين جي 3 هزار خاندان لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ خيما وغيره ڏنا _ هن ٻڌايو ته پاڪستان بيت المال بدين جي برسات متاثرن جي اڃا به وڌيڪ مدد ڪندو _قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ساحلي پٽِي جي مختلف ڳوٺ عادل خاصخيلي ، غلام حسين پرهياڙ۽ نور محمد پرهياڙ بدين ۾ برسات متاثرين سان ملاقات ڪئي _ ان موقعي تي هن 500 کان وڌيڪ راشن ٿيلها ، خيما ، ڪولر، ٿانون کان علاوه ٻيو سامان ورهايو جڏهن ته هن ڳوٺ نور محمد پرهياڙ ۾ موذي بيماري ۾ مبتلا هڪ ٻارڙي سومار ۽ معذور عبداللطيف جو پڻ ذاتي خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 اگست

    تازين برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن ۾ جانورن جي علاج ۽ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ حفاظتي مرڪز قائم

    ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته تازين برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن جهڙوڪ بدين ، ٽنڊو محمد خان ، ميرپورخاص ، عمرڪوٽ ، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊو الهيار ۾ جانورن جي علاج ۽ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ لاءِ 57 هنگامي مرڪز مختلف ضلعن ۾ قائم ڪياويا آهن . ان سلسلي ۾ مالوندن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي قائم ڪيل مرڪزن تي مقرر عملي سان لهه وچڙ ۾ اچي پنهنجن جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا هڻائين جڏهن ته وڌيڪ معلومات لاءِ پنهنجي ضلعي آفيس سان لهه وچڙ ۾ اچن

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 اگست

    سانوڻ جي برساتن جي نئين وسڪاري جي اچڻ کان اڳ دريا جي پيٽ ۾ هٿرادو بندن جي نشاندهي ڪئي وڃي

    ڊي سي او حيدرآباد احمد بخش ناريجو آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته هو سانوڻ جي برساتن جي نئين وسڪاري جي اچڻ کان اڳ دريا جي پيٽ ۾ هٿرادو بندن جي نشاندهي ڪن. ان کان علاوه اتي حددخلين ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽائڻ کي به يقيني بڻائين ته جيئن پاڻي جي بنارنڊڪ روانگي کي جاري رکي سگهجي . هن، واسا انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ناڪاره ٿيل پمپنگ مشينن ، جنريٽرن، ڊيزل ٽراليز جي مرمت ڪري استعمال لائق بڻائين ۽ پاڻي جي نيڪال جي مين لائينن جي صفائي کان علاوه ٻئي گهربل سامان جي موجودگي کي به يقيني بڻائين ته جيئن برسات دوران ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي . هو اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ ضلعي ۾ برساتن جي شروع ٿيندڙ نئين سلسلي کي نظر ۾ رکندي گهربل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ڪيل گڏجاڻي ۾ آبپاشي، سيڊا، واسا ، ٽي ايم ايز ۽ روينيو کاتي جي عملدارن کان بريفنگ وٺي رهيو هو

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 اگست

    سنڌ خلاف هڪ ٻي سازش، حيدرآباد ۾ سنڌ جي ورهاست جا پوسٽر لڳي ويا، شهري صوبي جو مطالبو

    حيدرآباد ۾ سنڌ دشمن قوتن جي هڪ ٻئي سازش سامهون اچي وئي حيدرآباد ۾ ”مجهي مت مارو“ جي عنوان سان پوسٽر ڇپرائي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف ڀتن تي ڳاڙهي اکرن ۾ شهري صوبا سنڌ جو مطالبو پڻ لکيو ويو آهي، ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جو بحث شروع ٿيڻ ۽ هڪ خانگي اردو چينل پاران انهي بحث جي آڙ وٺي سنڌ جي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو بحث ڪرائڻ ۽ ان بعد سنڌ واسين طرفان سنڌ جي ورهاڱي واري سازشن بعد سامهون آيل رد عمل کان پوءِ حيدرآباد شهر جي اڪثر ڀتن تي سنڌ دشمن قوتن ”مجهي مت مارو، جي عنوان تحت پوسٽر ڇپرائي سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو لکرائي پوسٽر لڳارايا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 اگست

    سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل هڪ هزار ملين رپين جي حيدرآباد ڊلپمينٽ پيڪيج مان 620 ملين رپيا هلندڙمالي سال لاءِ مختص ڪيا ويا آهن: ڊي سي او

    تعلقي قاسم آباد جي ترقي ۽ ان جي خوبصورتي ۽ اتي هڪ موثر پائيدارنڪاسي آب جو ڍانچو وجهڻ لاءِ 620 ملين رپين جي لاڳت سان چار وڏين اسڪيمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي _اها ڳالهه اڄ ڊي سي او آفيس شهبازبلدنگ حيدرآباد ۾ هڪ هزار ملين رپين تي مشتمل نئين حيدرآباد ترقياتي پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ ٻڌائي وئي جنهن جي صدارت ضلعي ايڊمنسٽريٽر/ ڊي سي او حيدرآباد احمد بخش ناريجو ڪئي _ گڏجاڻي کي آر سي سي ڪنسلٽنٽ جي اڳواڻ شفيق محمد لاکو لاڳاپيل ترقياتي اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊي سي او حيدرآباد احمد بخش ناريجوچيو ته سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل هڪ هزار ملين رپين جي حيدرآباد ڊلپمينٽ پيڪيج مان 620 ملين رپيا هلندڙمالي سال لاءِ مختص ڪيا ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 اگست

    جلد اثاره قديمه کاتي طرفان ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ريفرنس ڪوٺايو ويندو: وزير مخدوم جميل زمان

    ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسيٽيٽوٽ آف هيري ٽيج اينڊ رسرچ جي ايڊوائيزري ڪميٽي انسٽيٽوٽ جو ڪاروهنواربهتر نموني سان هلائڻ لاءِ انتظامي سطح تي ٽي ڪميٽيون جوڙڻ جي منظوري ڏيندي تمام جلد ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ريفرنس ڪوٺائڻ ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن ۽ تصويرن جي نمائش لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي _ اهڙو اعلان گذريل رات دير سان بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير مخدوم جميل زمان جي صدارت هيٺ ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽوٽ آف هيري ٽيڪ اينڊ رسرچ حيدرآباد لطيف آباد ۾ ايڊوائيزري ڪميٽي جي ڪوٺايل اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو _ گڏجاڻي ۾ اينٽي ڪيوٽيز جي صوبائي سيڪريٽري مشتاق احمد شيخ ، ايڊوائيزري ڪميٽي جي پيٽرن ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر نواز علي شوق، پروفيسر ممتاز علي ڀٽو، ڊاڪٽر يعقوب مغل، زيب سنڌي ، عميمه بلوچ ۽ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر گل محمد عمراڻي شرڪت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 اگست

    تعليمي بورڊ حيدرآباد اڄ ھوم اڪنامڪس گروپ جو نتيجو پڌرو ڪندو

    تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرورل پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته هائير سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ پارٽ ون ۽ ٽو ( يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ) هوم اڪنامڪس گروپ جي سالياني امتحان 2011 جو نتيجو سڀاڻي 17 آگسٽ 2011 تي منجهند جو 3 وڳي پڌرو ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 اگست

    عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل، سنڌ جي وجود تي وار ٿيو آهي: اياز لطيف پليجو

    عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن جيئن ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو، رات جي اونداهي ۾ آمر ضياءَ، مشرف ۽ يحى وانگر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان کسي ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عوامي تحريڪ توهان جي معرفت سنڌي قوم سان واعدو ٿي ڪري ته پاڻ سنڌي قوم جو ڪنڌ هيٺ ٿيڻ نه ڏينداسين. عوامي تحريڪ اڄ 8 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿار روڪ هڙتال جو سڏ ڏي ٿي، عوامي تحريڪ جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال کي ڪامياب بنائين. عوامي تحريڪ جيئي سنڌ تحريڪ جي اعلانيل هڙتال جي حمايت پڻ ڪري ٿي. عوامي تحريڪ 8 آگسٽ کان 20 آگسٽ تائين 15 ڏينهن سڄي سنڌ ۾ سوڳ ۽ احتجاج جو اعلان ٿي ڪري، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، وستيءَ وستيءَ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، ريليون ڪڍيون وينديون.

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 اگست

    ”سنڌ جو ورهاڱو نامنظور“ سنڌ سراپا احتجاج، عوام روڊن تي اچي ويو، اڄ هڙتال جو سڏ

    حڪومت پاران سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ورهائڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، سنڌ جو عوام روڊن تي اچي ويو، پ پ حڪومت جي اهڙي فيصلي خلاف سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪراچي کان ڪشمور، ڪارونجهر کان ڪي ٽي بندر تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جيئي سنڌ تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران اڄ سڄي سنڌ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. قومپرستن، سياستدانن، اديبن اڄوڪي هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، جيئي سنڌ تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي اعلان ڪيو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي ويندي. سنڌ اڃا سنڍ نه ٿي آهي، تنهن ڪري جيڪي ڌريون سمجهن ٿيون ته اهي هزار لاش ڪيرائي گولين جي زور تي پنهنجا مطالبا مڃرائي وٺندا ته انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته اهي هٿيار سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. سنڌ ڪنهن ٺهراءُ ذريعي وجود ۾ ناهي آئي، اها هزارين سالن جي تاريخ آهي، ان کي ڪير به ٽوڙي نٿو سگهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اگست

    الطاف حسين جي بيان خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال،احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، باهيون

    عوامي تحريڪ جي سڏ تي متحده جي قائد الطاف حسين ۽ وسيم اختر پاران سنڌين خلاف بيان ڏيڻ خلاف شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ٽائرن کي باهيون، مليل رپورٽ موجب ملير ضلعي جي مختلف سنڌي وسندين ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، هنس ڪالوني، پپري، گلشن حديد، رزاق آباد، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ، ڌرساڻوڇنو سميت مختلف علائقن ۾ شٽربند هڙتال رهي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران مظهر راهوجو ۽ منان شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. قاسم آباد جي سمورين وسندين سميت شهر ۽ لطيف آباد جي سنڌي وسندين ۾ ڪاروبار بند هجڻ سبب مڪمل شٽر بند هڙتال هئي. شهر جي گل سينٽر، ڪينٽ شاپنگ سينٽر، صدر، گاڏي کاتو سميت ٻيا مختلف ڪاروباري مرڪزن بند رهيا.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button