حيدر آباد
-
جون- 2011 -7 جون
وڻڪاري انسانن جي لاءِ صحتمند زندگي جي ضمانت آهي: ماحولياتي ماهرن
ماحولياتي ماهرن ٻيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته وڻڪاري انسانن جي لاءِ صحتمند زندگي جي ضمانت آهي تنهنڪري ٻيلن ۽ ماحول جي تحفظ بابت قانونن تي سختي سان عملي ڪندي پنهنجي معاشري ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائي سگهجي ٿو . هنن اهڙو اظهار اڄ سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ ماحول جي تحفظ واري اداري طرفان ماحولياتي تحفظ جي عالمي ڏهاري جي موقعي تي ڪوٺايل هڪ ڏينهن واري سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو .سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي پروفيسر ۽ ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ چيو ته آبادي وڌڻ جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ماڻهن طرفان صفائي سٿرائي تي ڌيان نه ڏيڻ ، تعليم جو فقدان ، مناسب قانونسازي نه هجڻ ۽ اقتصادي حالتون بهتر نه هجڻ جا ماحول تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن جنهن سبب ماحولياتي گدلاڻ معاشري جو ناسور بڻجي پيو آهي .هن وڌيڪ چيو ته ماحول کي صاف سٿرو رکڻ هر شخص جي انفرادي ذميواري آهي تنهن باوجود به حڪومتي سطح تي ماڻهن جي مڪمل رهنمائي ۽ نگراني ڪرڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
پاڪستان ايئر فورس ۾ ڀرتي جاري
پاڪستان ائيرفورس حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته پاڪستان ائير فورس جي انجنيئرنگ برانچن (ميڪينڪل ، ميڪاٽرونڪس، ايرواسپيس، سافٽ ويئر، اليڪٽرونڪس، ايوي آنڪس، ٽيلي ڪام، ڪميونيڪيشن، ڪميونيڪيشن سسٽم ، ڪمپيوٽرسسٽم،ڪمپيوٽرانجنيئرنگ، ٽيڪسٽائل ) ايجوڪيشن (سائيڪالاجي، لائبريري سائنس ، ڪامرس) ، ميڊيڪل اسپيشلسٽ (انيسٿيا، ريڊيولاجسٽ) آءِ ٽي ، لاجسٽڪس، اڪائونٽس ۽ ليگل ۾ بطورڪميشنڊ آفيسر ڀرتي لاءِ رجسٽريشن 7 جون کان 14 جون 2011 تائين جاري رهندي .پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته عورتون صرف اسپيشلسٽ آءِ ٽي ، لاجسٽڪس ۽ اڪائونٽس ۾ اپلاءِ ڪري سگهن ٿيون
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
فيض احمد فيض جي شاعري جي مڪمل سير يز سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي: سسئي پليجو
سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تحت ناليواري شاعر فيض احمد فيض جي شاعري جي مڪمل سير يز سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ لاءِ مالي سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان سال 2011 جي آخر تائين ملڪ جي شاعرن ۽ اديبن کي فيض ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا .هن اهڙو اظهار گذريل رات دير سان سنڌي ادبي سنگت ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ فيض احمد فيض جي 100 هين سالگره جي جشن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو .تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته فيض احمد فيض پنهنجي شاعري ۾ بنا ڪنهن متڀيد جي ڀائيچاري، انسان دوست هجڻ جو درس ڏنو ۽ هو هڪ عالمي سطح جو شاعر هو . هن چيو ته فيض عالم اسلام جي پرچار پڻ ڪئي ۽ جمهوري سوچ رکندڙ هو جنهن سدائين ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪيو . اردو زبان جي اديب ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي اڳواڻ راحت سعيد چيو ته فيض اسان نه پر سنڌي اديب سنگت جو شاعر آهي ،…
وڌيڪ پڙھو -
3 جون
ماحولياتي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان 6 جون 2011 تي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو
حيدرآباد: ماحولياتي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ماحولياتي تحفظ واري اداري پاران 6 جون 2011 تي صبح جو نوين وڳي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو پيو وڃي . ان موقعي تي سنڌ جي ٻهراڙي جي ترقي وارو وزير زبير احمد خان سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو جڏهن ته سيمينار ۾ ماهر ماحوليات پنهنجا ويچار ونڊيندا ۽ سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي ماحولياتي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت آگاهي ڏيندا
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
سماجي ڪارڪن نثار احمد چانڊيو جي اوچتي لاڏاڻي تي اطلاعات کاتي ڌک جو اظھار
سنڌ اطلاعات کاتي حيدرآباد جي عملدارن ۽ عملي جي هڪ تعزيتي گڏجاڻي اڄ ريجنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد جناب امداد علي ڪيريو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ سڪرنڊ تعلقي جي نوجوان زميندار ۽ سماجي ڪارڪن نثار احمد چانڊيو جي اوچتي لاڏاڻي تي سندس ڀاءُ نور احمد چانڊيو سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا گهري وئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي _ گڏجاڻي ۾ سڪرنڊ جي برک صحافي غلام قادر چانِڊيو جي والد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي دعا گهري وئي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي .
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ نيڪال جي نالن جي صفائي سٿرائي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي اڪلايو وڃي: صوبائي وزير
صوبائي وزير ٻهراڙي جي ترقي زبير احمد خان ترقياتي اداري حيدرآباد سميت تعلقي ايڊمنسٽريٽرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ڪئي آهي ته هو سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي نيڪال وارين نالين جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام اڳواٽ ڪن ته جيئن برسات دوران شهر ۾ پاڻي گڏ نه ٿئي . اهڙي هدايت هن گذريل رات ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جي سلسلي ۾ سڏايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي ۾ ايم اين اين اي سيد طيب حسين ، ايم اين اي سيد صلاح الدين ضلعي ، ايڊمنسٽريٽر حِيدرآباد آفتاب احمد کتري، ايم پي اي وسيم حسين، ايم پي اي اڪرم عادل ، چئني تعلقن جي ايڊمنسٽريٽرن، ايم ڊي واسا، ترقياتي اداري حيدرآباد جي واسطيدار عملدارن ۽ آبپاشي کاتي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
تعليمي بورڊ پاران 32 ڄڻن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو
حيدرآباد: تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي هلندڙ سالياني امتحان 2011 دوران ڪاپي جي روڪٿام ۽ امتحان کي شفاف بڻائڻ سميت معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعليمي بورڊ حِيدرآباد پاران ويجيلينس ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن اڄ هلندڙ امتحان دوران مختلف امتحاني مرڪزن تي اوچتاڇاپا هڻي ڪاپي ڪندڙ 32 ڪيس جڏهن ته اصل اميدوار بدران ٻئي اميدوار پاران امتحان ڏيندڙ 3 ڪيس پڻ پڪڙيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
خانگي تعليمي ادارا پهرين جون 2011 کان گرمين جي موڪل ڪن: شاهده پروين ابڙو
حيدرآباد: ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ريجنل ڊائريڪٽوريٽ ( انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن) پرائيويٽ ايجوڪيشن انسٽيٽيوشن حيدرآباد شاهده پروين ابڙو حيدرآباد جي سمورن خانگي تعليمي ادارن جي انتظاميه کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق تعليمي سال 2012_2011 جي گرمي جون موڪلون پهرين جون 2011 کان 31 جولاءِ 2011 تائين ڪرڻ کي يقيني بڻائين جڏهن ته سمورا خانگي تعليمي ادارا پهرين آگسٽ 2011 تي ٻيهر پنهنجا اسڪول کولين
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2011 -20 مئی
وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي : وزير رئوف صديقي
حيدرآباد : صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير رئوف صديقي چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ طرفان صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي ايندڙ مالي سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪمن لاءِ رقم مختص ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن ته جيئن صوبي ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائي هيٺين سطح تي روزگار ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪري سگهجن _ هن اهو به چيو ته سندس طرفان اها به تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن هڪ شفاف ۽ ڪاميابي صنعتي پاليسي جوڙِي سگهجي . هن اهڙو اظهار اڄ حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ واقع ايڪسپو سينٽر ۾ ٽن ڏينهن جي صنعتي نمائش جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو _ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي توڙِي صوبائي سطح تي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ سان ترقياتي ڪم شروع ٿيندا ۽ هيٺين سطح تي عوام ۾ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي پاليسي تي مڪمل درآمد لاءِ سمورين ڌرين کي پابند بڻايو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جو وڏو بحران جنم وٺي ويو آهي جنهن جي…
وڌيڪ پڙھو -
13 مئی
ملڪ کي آيل ماڻهن کي اڳتي اچي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي اهم ضروت بڻجي چڪي آهي: سيد وسيم حسين
قائد تحريڪ الطاف حسين عوامي ريفرنڊم جي ذريعي ملڪ جو مستقبل پاڪستاني ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي چڏيو. ان خيالن جو اظهار حق پرست ميمبر سنڌ اسمبلي سيد وسيم حسين ٽنڊوالهيار ۾ عوامي ريفرنڊم جي سلسلي ۾ لڳائيل مرڪزي ڪيپ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائنيدي چيو ته ان موقعي تي ان سان گڏ ميمبر اندرون سنڌ تنظيمي ڪميٽي فاروق جميل دراني ۽ زونل انچارج سيد محمد علي شاھ ۽ زونل ڪميٽي به موجود هئي. انهن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي آيل ماڻهن کي اڳتي اچي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي اهم ضروت بڻجي چڪي آهي
وڌيڪ پڙھو