ھنڱورجا
-
دسمبر- 2012 -24 دسمبر
هنڱورجا : ٽينڊر باوجود ترقياتي ڪم شروع نه ٿيو
هنڱورجا جي ڳوٺ ميان محمد شريف پيرزادو جي ڳوٺاڻن جو ترقياتي ڪمن جو ٽينڊر ٿيڻ باوجود ڪم شروع نه ٿيڻ ۽ ٽي ايم اي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، ٽي ايم او ۽ ٺيڪيدار خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو -
24 دسمبر
سيپڪو راڻيپور ڊويزن جو رينجرس ۽ پوليس سان گڏ بجلي جي باقيدارن خلاف آپريشن
سيپڪو راڻيپور ڊويزن جي عملدارن جو رينجرس ۽ پوليس سان گڏ بجلي جي باقيدارن خلاف هنڱورجا ، رسول آباد، سمي ۽ سڳيون ۾ آپريشن ، هڪ سئو کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2011 -20 دسمبر
سيٺارجا ۾ ويگن جو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 12 مسافر سڙي فوت
ھنڱورجا کان ٺري ميرواھ ويندڙ ويگن جو روھڙي بيراج وٽ گئس سلينڊر ڦاٽڻ 12 مسافر سڙي فوت. تفصيلي خبر موجب ويگن ۾ 25 ماڻھو سوار ھئا. گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو. زخمين کي ھنڱورجا ۽ سيٺارجا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. وزير اعليٰ ءِ ڊي سي او واقعي جو نوٽيس ڇڏيو. اڪثر فوت ٿيلن جو تعلق سيٺارجا جي بيگو محلي سان آھي ۽ اڪثر فوتي اسلام ڪاٽن فيڪٽري ۾ مزدور ھئا.
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2011 -26 اکتوبر
ھڪ ٻارڙي جنھن اسڪول ۾ نه ٿو ويھاريو وڃي
هي تصوير هڪ معصوم نياڻي جي آهي جيڪا صبح سوير گهر مان نڪري پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ نڪري اسڪول طرف اچي ٿي شايد اسڪول انتظاميه طرفان اسڪول ۾ نه ويهارڻ تان هڪ گهٽي ۾ ڪتاب ۽ قلم کڻي پڙهي رهي آهي. سوال اهو آهي ته شهر ۾ وڏي تعداد ۾ نجي اسڪول ۽ گورنمنٽ اسڪول آهن.
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2011 -23 جون
ٽن سالن کان اغوا ناريءَ کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگھي، وارثن جو احتجاج
: ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ وڌڻپوٽا مان ٽي سال اڳ اغوا ٿيل 5 ٻارڙن جي ماءٌ مسمات رضيه وڌڻپوٽوجي بازيابي لاءِ سندس وارث عورتن مردن ۽ ٻارن وحيد وڌڻپوٽو،حاجي غلام قادر وڌڻپوٽو،مسمات آمنه وڌڻپوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن الزام لڳايو ته ٽي سال اڳ5 هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل مسمات رضيه وڌڻپوٽو کي اڃان تائين پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي. پوليس روزانو ڪوڙا دلاسا ۽ ڏٽا ڏيئي رهي آهي. هنن چيو ته ڪيس ۾ ڃاڻايل جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گرفتار ڪري مسمات رضيه کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هرتال شروع ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو