ھنڱورجا
-
مارچ- 2013 -18 مارچ
هنڱورجا:اتر سنڌ ۾ مانجهادڻي جي فصل جي پوکائي جو رجهان گهٽجي ويو
اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز، سکر ،شڪارپور، گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن ۾ مانجهادڻي جو هزارين ايڪڙن تي پوکجندڙ فصل جو رجهان هاڻي ڏينهنون ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
17 مارچ
پي پي حڪومت پنج سال جي دور حڪومت ۾ ڪرپشن ڏني، الطاف حسين مشوري
مسلم ليگ هم خيال گروپ سنڌ جي نائب صدر سردار الطاف حسين مشوري هنڱورجا لڳ نهال ڳڙه ۾ جشن نجات واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پي پي حڪومت پنج سال جي دور حڪومت ۾ ڪرپشن، بيروزگاري م بدحالي کان سواءِ عوام کي ڪجهه به نہ ڏنو
وڌيڪ پڙھو -
17 مارچ
هنڱورجا: جسمم اڳواڻ بازيابي لاءِ وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو
جسمم اڳواڻ نثار سيال جي بازيابي لاءِ وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو تفصيل موجب جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلعي خيرپور جي اڳواڻي جنرل سيڪريٽري سرائي نثار سيال جي بازيابي لاءِ سندس وارثن حاڪم زادي سيال ۽ اعجاز سيال جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
16 مارچ
هنڱورجا: اتر سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لاباري لاءِ تياري
اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز ۽ سکر ۾ لکين ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿيڻ کان اڳ ڪڻڪ جي ڪٽائي ۽ صفائي لاءِ مشينري ۽ ڏاٽا ٺپڻ وارو ڪم تيز ٿي ويو مسترين ۽ لوهارن وٽ رش وڌي وئي سيزن شروع ٿيڻ تي مسترين ۽ لوهارن اگهه وڌائڻ سان گڏ اگهه وڌائڻ سان گڏ ناز ۽ نخرا ڪرڻ لڳا.
وڌيڪ پڙھو -
16 مارچ
هنڱورجا :حڪومت جي ختم ٿيڻ تي يوم نجات ريلي
فنڪشنل مسلم ليگ پاران هنڱورجا ۾ لڪياري هائوس کان پريس ڪلب تائين يوم نجات ريلي ڪڍي وئي تفصيل موجب فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه لڪياري ، سيد عباس علي شاهه ، عزيز احمد سهتو، عبدالعزيز ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڪياري هائوس کان فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن حڪومت جي ختم ٿيڻ تي يوم نجات ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو -
16 مارچ
هنڱورجا: شاهه رڪن الدين عالم جو ساليانو عرس مبارڪ 18 مارچ کان ملتان ۾ شروع ٿيندو
حضرت شاهه رڪن الدين عالم جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ 18 مارچ کان ملتان شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي عرس مبارڪ جي تقريات جو افتتاح درگاه جو گادي نشين ، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف پاڪستان جو وائس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڪندو .
وڌيڪ پڙھو -
13 مارچ
هنڱورجا ۾ ٽن ڏينهن جي عورتن جي بيمارين واري ڪئمپ لڳائي وئي
لڪياري ويلفيئر ٽرسٽ پاران سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال ۾ ٽن ڏينهن جي عورتن جي بيمارين واري ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ملڪ جي نالي وارن ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين شير شاهه سيد ، ڊاڪٽر افتخار احمد، ڊاڪٽر زويا خان ۽ ٻين پنجاهه کان وڌيڪ داخل عورتن جا مختلف بيمارين جا آپريشن ڪري کين کي مفت دوائون پڻ فراهم ڪيو ويون
وڌيڪ پڙھو -
13 مارچ
هنڱورجا: صحافي جي گهر تي پوليس جي چڙھائي خلاف ڌرڻو
هنڱورجا ۾ پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر جي گهر ۾ پوليس چڙهائي ڪري ڀنڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ ڦر لٽ ڪرڻ واري عمل جي خلاف پي پي ، جسقم ۽ 10 کان وڌيڪ مختلف برادرين جي سوين ماڻهن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، پنج ڪلاڪ روڊ بند ، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
وڌيڪ پڙھو -
11 مارچ
هنڱورجا: پاڻي جي تلاء ۾ پير ترڪڻ سبب معصوم نينگر ٻڏي فوت
هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ بچل ڀنڀرو ڀرسان پاڻي جي تلاء ۾ پير ترڪڻ سبب 6 ورهين جو معصوم نينگر عيدل ولد شهبازي راهو ٻڏي فوت ٿي ويو هڪ ڪلاڪ کان پوءِ مال چاريندڙن ڌنارن سندس جو لاش پاڻي جي تلاء مان ڪڍي ورتو . معصوم جو لاش جڏهن گهر پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو سندس جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا کيس کي اباڻي قبرستان پير دلارشاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
10 مارچ
هنڱورجا: دانشور ليکڪ، جج صحافي مرحوم تاج محمد ابڙو جي ورسي ملھائي ويئي
سگا شاخ هنڱورجا پاران سنڌ جي نالي واري اديب ، دانشور ليکڪ، جج صحافي مرحوم تاج محمد ابڙو جي 27 هين ورسي پريس ڪلب ملهائي وئي جنهن ۾ شاعرن ، اديبن ، صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو