گھوٽڪي

  • جون- 2011 -
    29 جون

    ايڇ. او آفيسر (يو اين ڊي پي) ضلعي گهوٽڪي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي متعلق ڪم جو جائزو ورتو

    ڊي ڊي او ڪوآرڊينيشن دانش افضل جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ اين جي اوز جي گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي ان موقعي تي ايڇ. او آفيسر (يو اين ڊي پي) ضلعي گهوٽڪي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي متعلق ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي ڊي او ڪوآرڊينيشن اين جي اوز جي نمائندن کي چيو ته هو پنهنجا ريسورس شيئر ڪن ۽ ضلعي حڪومت سان رابطي ۾ اچي جن جن شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن متعلق تفصيل فراهم ڪن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ سندن صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ته جيئن ماڻهن جي وقتائتي مدد ٿي سگهي. انهن کي هدايت ڏيندي چيو ته پنهنجا ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪري ضلعي حڪومت گهوٽڪي حوالي ڪن ۽ جيڪا اين جي اوز جنهن به شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ لازمي آهي ته اها ضلعي حڪومت کان اين او سي وٺي ۽ ضلعي حڪومت سان رابطي ۾ رهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 28 جون

    گهوٽڪي ۾ محقق شوڪت خواجائي جي وفات تي هڪ تعزتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

    ڊسٽرڪٽ اطلاعات آفيسر گهوٽڪي سيد آصف علي شاهه ۽ ان جي عملي پاران سنڌ جي نامور اديب ۽ محقق شوڪت خواجائي جي وفات تي هڪ تعزتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ مرحوم جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ دعا گهري وئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئرن کي صبر جي توفيق عطا ڪري.

    وڌيڪ پڙھو
  • 28 جون

    نادرا جون ٽيمون اڄ کان 9 جولاءِ تائين گھوٽڪي ۾ ڪارڊ ٺاھڻ شروع ڪنديون

    گهوٽڪي: نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر جي جنرل مئنيجر پڌرو ڪيو آهي ته ماڻهن کي سندن گهرن ويجهو قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي سلسلي ۾ موبائل وينس اڄ کان 09 جولاءِ 2011 تائين گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي اوٻاوڙو جي يونين ڪائونسل رائونتي ۾ نادرا جون ٽيمون ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد فراهم ڪنديون جڏهن ته علائقي جي ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته هو نادرا جي ٽيمن سان رابطو ڪن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 جون

    15 جولاءِ تائين ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي ماڻهو افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ آبادگار پنهنجا فصل ڪن: ڄام سيف الله خان ڌاريجو

    سنڌ جي صوبائي وزير آبپاشي ڄام سيف الله خان ڌاريجو سنڌ جي عوام کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته هنن گذريل ٻوڏ ۾ جوان مردي سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي فصلن کي ٻيهر آباد ڪري ملڪيت جي معيشت کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ربيح جي فصل بمپر ڪراپ ٿي جنهن سان ملڪ ۽ عوام ۾ خوشحالي آهي ۽ حڪومت ڪڻڪ ٻاهر موڪليندي. ان سان گڏو گڏ حڪومت آبادگارن کي خوشحال ڪرڻ لاءِ سڌا اگهه مقرر ڪيا. انهن خيالن جو اظهار صوبائي وزير سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته 15 جولاءِ تائين ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي ماڻهو افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ آبادگار پنهنجا فصل ڪن جڏهن ته بندن جو ڪم بهتر ٿي رهيو آهي پهرين پرائٽي ۾ حساس بندن جو ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته درياءَ اندر زمينداري بند ختم ڪيا ويندا ڇو ته انهن جي ڪري درياءَ جي بندن تي دٻاءَ وڌي رهيو آهي ماڻهن جي جان و مال کي بچائڻ لاءِ حڪومت تمام غير قانوني بندن کي ختم ڪندي چاهي اهي ڪنهن جا به هجن. گذريل ٻوڏ ۾ جيڪا تباهي آئي ان جو رسڪ ٻيهر نه ٿو کڻي سگهجي

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    ماڇڪو بند تي مرمت جو ڪم تيز رفتاري سان هلي رهيو آهي: ڊي سي او گهوٽڪي

    ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي گهوٽڪي ضلعي جي ميڊيا سان گڏ ضلعي جي مختلف بندن جنهن ۾ ماڇڪو بند، رونتي بند، قادرپور لوپ بند، شينڪ بند، گيمڙو بند ۽ ايل ايم بند جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي او ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڇڪو بند جي ڊيگهه 10 ڪلوميٽر آهي جنهن مان 7 ڪلوميٽر بند پنجاب صوبي جي حد ۾ اچي ٿو جڏهن ته باقي 3 ڪلوميٽر بند ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي جنهن تي مرمت جو ڪم تيز رفتاري سان هلي رهيو آهي ان بند کي موجوده صورتحال کان 3 فوٽ مٿي ڪيو پيو وڃي ۽ 20 فوٽ ويڪرو بڻايو ويندو جڏهن ته هي بند ٻي پرائٽي ۾ آهي جنهن جو ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو باقي پنجاب واري 7 ڪلوميٽر بند تي ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي ان سلسلي ۾ اسان جا جيڪي آبزرويشن آهن اهي چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن اماڻيا ويندا

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 جون

    ايم پي سردار احمد علي خان پتافي ۽ ڊي سي او شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي رت جي ڪيمپ جو دورو ڪيو

    يم پي اي سردار احمد علي خان پتافي ۽ ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي ضلعي گهوٽڪي جي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ميرپور ماٿيلو سميت ڏهرڪي، گهوٽڪي، خانڳڙه ۽ اوٻاوڙو جي تعلقه اسپتالن ۾ لڳايل رت جي ڪئمپن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي سردار احمد علي کان پتافي ڳالهائيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي موقعي تي اُن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر سنڌ ۾ رت جي عطيي جون ڪئمپون لڳايون ويون آهن ته جيئن عطيي طور مليل رت مان غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ٿي سگهي هن چيو ته ڪئمپن ۾ رضاڪارن ۽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجو رت ڏئي شهيد محترم کي ثواب پهچايو آهي جن جو اجر انهن کي ضرور ملندو

    وڌيڪ پڙھو
  • 20 جون

    شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي گهوٽڪي ۾ رت جمع ڪرڻ لاءِ مھم ھلائي ويندي: ڊي سي او

    ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي ضلعي ۾ بلڊ ڊونيشن ڪئمپس جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ اي ڊي او صحت سميت صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اي ڊي صحت ڊي سي او کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي ضلعي گهوٽڪي ۾ رت جمع ڪرڻ لاءِ 21 جون کان 23 جون تائين 3 ڏينهن مهم هلائي ويندي ان سلسلي ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر سميت گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو جي تعلقي اسپتالن ۾ مرد ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. جتي صحت کاتي جو عملو موجود هوندو ۽ رت ڏيندڙ شخص جون هيپاٽائيٽس ۽ ايڊز سميت مختلف ٽيسٽون ورتيون وينديون

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جون

    ڊي سي او گهوٽڪي پوليو مھم جو ٻارن کي پوليو جا قطر پياري پوليو مھم جو آغاز ڪري ڇڏيو

    ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ پوليو خلاف مهم جو 5 سالن کان گهٽ عمر واري ٻارن کي پوليو جا قطرا پياري افتتاح ڪيو جڏهن ته هيءَ مهم 13 جون کان 15 جون تائي جاري رهندي. ان موقعي تي ڊي سي او صحت جي عملدارن ۽ ويڪسينيٽرس کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو رهجي ويل ٻار ۽ انڪاري ٻارن تي خاص ڌيا ڏين ته جيئن هن مهم ۾ ڪو به ٻار رهجي نه وڃي ۽ فنگر مارڪنگ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پوليو جي ڪوريج هر حالت ۾ 99 سيڪڙو کان گهٽ نه ٿيڻ گهرجي . هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي گهٽتائي جي ڪري جاڳرتا جي سخت ضرورت آهي ان سلسلي ۾ روينيو ۽ پوليس جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پوليو متعلق ماڻهن کي آگاه ڪن انڪار ڪندڙ والدين مذهبي ۽ علائقي جي معزز ماڻهن معرفت قائل بڻائين ته هو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارين

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 جون

    امونيا گيس جي هنگامي خارج ٿيڻ کان بچاءَ جي طريقڪار تي هڪ رهرسل جي ڪرائي وئي

    گهوٽڪي: امونيا گيس جي هنگامي خارج ٿيڻ کان بچاءَ جي طريقڪار تي هڪ رهرسل جي ڪارروائي ايف ايف سي انتظاميه ميرپور ماٿيلو پاران 7 جون کان 10 جون جي وچ ۾ ڪنهن به وقت ڪئي ويندي. جنهن ۾ ايف ايف سي جا رهائشي ۽ پلانٽ ايريا تي ڪم ڪندڙ سمورو اسٽاف شريڪ هوندو. ان رهرسل لاءِ هنگامي سائرن وڄايو ويندو جيڪو 30 سيڪنڊن جو هوندو ۽ 10 سيڪندن جي وقفي سان 8 ڀيرا وڄندو جڏهن ته رهرسل ختم ٿيڻ وقت 90 سيڪنڊ مسلسل سائرن وڄندو. ايف ايف سي جي ڀرپاسي رهندڙن، تعلقي ميرپور ماٿيلو ۽ ڏهرڪي جي رهائشين کي اطلاع ڏنو ٿو وڃي ته هو پريشان نه ٿين

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 جون

    پهرين لائين جي بندن جي مرمت جو ڪم جون جي آخري هفتي ۾ مڪمل ٿي ويندو: تي ڊائريڪٽر سيڊا

    جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڊا ڊي سي او کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين لائين جي بندن جي مرمت جو ڪم جون جي آخري هفتي ۾ مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته ٻئين لائين جو ڪم جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ مڪمل ٿي ويندو. ان موقعي تي ڊي سي او ايريگيشن ۽ سيڊا جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي بندن جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪن ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ۽ سستي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن ڊي پي او کي چيو ته هو بندن تي ڪم ڪندڙ عملدارن ۽ مزدرون لاءِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي ته جيئن هو آساني سان ڪم ڪري سگهن.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button