گمبٽ
-
جولائی- 2020 -4 جولائیگمبٽ
گمبٽ: پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ٿي گزري
گمبٽ پريس ڪلب جي سال 2020:21 جون ساليانيون چونڊون اليڪشن ڪاميٽي سينئر صحافي ميان زبير پيرزادو ، سينئر صحافي صفدر سهتو ۽ روشن ملڪ جي نگرانيء ۾ ٿي گذريون ، جنهن ۾ غازي پينل جا سمورا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا .
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2013 -17 مئیاليڪشن 2013
اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ
اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ، درخواست ڏيندڙ پي پي اميدوار ووٽن جي ڳڻپ دوران ڳڻپ جي عمل جو بائڪاٽ ڪري هليو ويو. سيڪيورٽي جا انتظامات انتهاهي سخت ڪيا ويا. رينجرس ۽ پوليس پاران آر او آفيس جا سڀ رستا سيل ڪيا ويا.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -22 اپریل
حڪمران پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا، اسماعيل شاهه راشدي
فنڪشنل مسلم ليگ جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾ عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ حُڪمرانن پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا
وڌيڪ پڙھو -
22 اپریلاليڪشن 2013
اڳوڻي حڪمرانن ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا، سيد اسماعيل شاهه راشدي
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا. هن اهڙو اظهار گمبٽ تعلقي يونين ڪائونسل ٻيلهاڙو جي ڳوٺ الهڏتو ڀنڊ ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -25 مارچ
هنڱورجا: ايندڙ اليڪشن ۾ پراڻن چهرن سان گڏ نوان چهرا به ميدان ۾
خيرپور ضلعي جي 3 قومي اسيمبلي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي هن ڀيري پراڻن چهرن سان گڏ نون چهرن به چونڊ وڙهڻ لاءِ سندرا ڇڪي ورتا
وڌيڪ پڙھو -
اگست- 2011 -24 اگست
ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي
: سماجي تنظيم سيو دي لائيف ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران گمبٽ تعلقي جي ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن علائقي واسين کي مفت طبي چڪاس ۽ مفت طبي مشورا ڏنا ويا جڏهن ته ڪئمپ ۾ مريضن کي سماجي تنظيم پاران مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. مفت طبي ڪئپم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي تنظيم جي ايگزيڪيٽوِ ڊائريڪٽر غلام حسين جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ توڙي صوبي اندر سماجي تنظيمون انسان ذات جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري رهيون آهن جنهن ۾ سيو دي لائيف پڻ علائقي واسين جي لاءِ تعليم توڙي صحت جي شعبن ۾ ڏينهن رات خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته سيو دي لائيف تنظيم جو مقصد علائقي واسين جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ کين زندگي جون بنيادي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي.
وڌيڪ پڙھو -
20 اگست
ڪانائي ڍنڍ ويجهو فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي
گمبٽ جي هڪ سماجي تنظيم سيو دي لائيف (سِلو) پاران ڪانائي ڍنڍ ويجهو فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر علائقي واسين جو مفت چڪاس ۽ مفت طبي مشورا ڏنا ويندا جڏهن ته کين سماجي تنظيم پاران مفت دوائون پڻ مهيا ڪيون وينديون.
وڌيڪ پڙھو