دادو
-
مئی- 2011 -15 مئی
ايم اين وي ڊرين تي سست رفتاري تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آر بي او ڊي کان سخت پڇاڻو.مقرر وقت ۾ مرمتي ڪم مڪمل نه ڪيو ويو ته عملدارن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا.چيف سيڪريٽري سنڌ
دادو .چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالسبحان ميمڻ گذريل ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل حمل ريگيوليٽر ،ايف پي بند،سپريو بند۽ ايم اين وي ڊرين تي هلندڙ مرمتي ڪم جو معائنو ڪيو .ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي خالد حيدر ميمڻ،ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي،چيف انجنيئر رائٽ بينڪ ريجن لاڙڪاڻو محمد هارون ميمڻ ،سپرينٽڊنٽ انجنيئر عبدالرحمان نظاماڻي ،ايگزيڪيوٽوانجنيئر آبپاشي دادو حبيب الله ڪابورو،پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آربي او ڊي رياض مغل پڻ موجود هئا.چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالسبحان ميمڻ عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته مرمتي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي.جڏهن ته معيار تي ڌيان ڏنو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته 30 مئي تائين مرمتي ڪم مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ مون سون ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهجي.هن چيو ته بندن جي مرمتي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪئي وئي ته عملدارن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا. چيف سيڪريٽري سنڌ ايم اين وي ڊرين جي مرمتي ڪم ۾ سست رفتاري تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آربي اوڊي کان سخت پڇاڻو ڪندي هدايت ڪئي ايم اين وي ڊرين جي ڪري دادو ضلعي ۾ وڏي تباهي آئي جڏهن ته مرمتي ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي.مرمتي ڪم تيز ڪيو وڃي.چيف سيڪريٽري سنڌ کي بريفنگ ڏيندي آبپاشي انجنيئر دادو حبيب الله…
وڌيڪ پڙھو -
14 مئی
عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ نياڻين جي تعليم تي ڀرپور توجه ڏني پئي وڃي.–سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق جو آرمي پبلڪ اسڪول جي تقريب کي خطاب
دادو:.سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق آرمي پبلڪ اسڪول دادو جي سالياني گرانٽ 10 لک مان وڌائي 50لک ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي ڏنل منشور تي عمل ڪندي سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم جي فروغ تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي نياڻين جي تعليم شهيد راڻي جو خواب هيو ته جيئن عورتن کي با اختيار بڻائي سگهجي ۽ ڪنهن کي به سندن حق غصب ڪرڻ جي همت نه ٿي سگهي.سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج دادو جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ خواندگي جي شرح صرف بلوچستان کان بهتر آهي جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختون خواه تمام گهڻو اڳتي آهن.هن چيو ته اسان جي ضلعي ۾ خواندگي جي شرح تمام هيٺين سطح تي آهي .خاص طور نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکيو ويوآهي.موجوده حڪومت نياڻين جي تعليم بابت والدين ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ آڪسفيم جي سهڪار سان خصوصي مهم هلائي پئي وڃي .سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 93 واري دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ معياري تعليم جي فراهمي لاءِ نوشهرو فيروز ۽ دادو سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ شاندار اسڪول قائم ڪيا ويا…
وڌيڪ پڙھو -
13 مئی
دادو ضلعي جي 2 لک 30 هزار ماڻهن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ مئي کان ڊسمبر 2011 تائين خصوصي مهم هلائي پئي وڃي – ڊي سي او دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي
دادو:ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ضلعي جي عوام کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ نادرا جي تعاون سان مئي کان ڊسمبر 2011 تائين خصوصي مهم هلائي پئي وڃي ته جيئن ضلعي جي 18 سالن جي هر فرد کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري سگهجي. ڊي سي او دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري خصوصي مهم بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ دادو ضلعي ۾ سڀ کان گهٽ قومي شناختي ڪارڊ جاري ٿيا آهن هن چيو ته شناختي ڪارڊ اڄ جي زندگي جو لازمي حصو آهي
وڌيڪ پڙھو -
12 مئی
ضلع ايڊمنسٽريٽر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي يارهين ۽ ٻارهين جي سالياني امتحان دوران قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو
دادو: ايڊمنسٽريٽر ضلع حڪومت دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي ساليني امتحان 2011 جي سلسلي ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي ضلعي دادو ۾ قائم سمورن امتحاني مرڪزن ۾ امتحاني وقت دوران 16کان28مئي تائين غير واسطيدار ماڻهن جي داخلا ۽ لکيل مواد جي فراهمي سميت سمورين فوٽو اسٽيٽ مشينن جي هلائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي ته جيئن امتحان دوران استعمال ۾ ايندڙ غير واجب طريقن کي روڪي سگهجي ۽ امتحان جي شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن آفيسر ڊاڪٽر نياز علي عباسي ھيپاٽائيٽس سينٽر جي تعمير جي ڪم جو جائزو وٺي رھيو آھي
دادو: ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن آفيسر ڊاڪٽر نياز علي عباسي ھيپاٽائيٽس سينٽر جي تعمير جي ڪم جو جائزو وٺي رھيو آھي۔
وڌيڪ پڙھو -
6 مئی
پنجن سالن کان گهٽ عمر وارو ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي، ڊاڪٽر نياز علي عباسي
دادو: ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته گلن جھڙن ٻارڙن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ صحت ،تعليم،لوڪل گورنمينت سميت غير سرڪاري تنظيمن ۽ والدين کي سنجيدگي سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن پنجن سالن کان گهٽ عمر وارو ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2011 -10 اپریل
ڊڪٽيٽر جي دور ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو: پير مظهر الحق
دادو: سينيئر وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ته هائر ايجوڪيشن صوبائي سبجيڪٽ آهي ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي ڪرسي وڃڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي ڏهن سالن کان ڊڪٽيٽر جي هنج ۾ ويٺل مافيا پارليامينٽ جي فيصلي کي چئيلنج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، سينيئر وزير تعليم گرلز ڊگري ڪاليج داو جي ساليانا تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ماضي ۾ يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن يونيورسٽين کي فنڊس مهيا ڪندي هئي جڏهن ته ڊڪٽيٽر جي دور ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، هن چيو ته سنڌ کي صرف 891 اسڪالرشپس ڏنيون ويون، سينيئر وزير تعليم وڌيڪ چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي يونيورسٽين جي وائس چانسلرن هائر ايجوڪيشن کي صوبن حوالي ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته چارئي صوبا هائر ايجوڪيشن کي سنڀالڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته صوبائي سطح تي هائر ايجوڪيشن ڪميشنون قائم ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ جلد آئيني ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر رضا رباني جي سربراهي ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ اتفاقِ راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. هڪ…
وڌيڪ پڙھو