باڊھ
-
مارچ- 2013 -15 مارچ
ذوالفقار آباد رٿا ختم کي ختم ڪيو وڃي، جيئي سنڌ قومي تحريڪ
جيئي سنڌ قومي تحريڪ پاران سنڌ دشمن ذوالفقار آباد رٿا خلاف منٺار جوڳي، نويد ڪماريو ۽ اختيار ابڙو جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال کان احتجاجي جلوس ڪڍي حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
15 مارچ
سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف جسقم پاران مظاھرو
سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف جسقم پاران اسحاق مشوري، رفيق ميراڻي ۽ ساجد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
14 مارچ
باڊهه: سوناري کان لکين رپين جي ماليت جو سون ڦر
باڊهه جي گودڙا گلي (ريشم گلي) ۾ واقع سجاد جويو جي سون جي دڪان مان نامعلوم هٿياربند ڦورو لکين رپين جي ماليت جو سون ڦر ڪري ويا، ڏينهن ڏٺي جو 3 نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڦورو سجاد جويو جي سون جي دڪان تي چڙهائي آيا
وڌيڪ پڙھو -
14 مارچ
باڊهه: هندو پنچائت پاران شمشان گهاٽ( مساڻ) تي قبضي جي ڪوشش خلاف مظاھرو
باڊهه ۾ هندن جي شمشان گهاٽ( مساڻ) تي بااثرن پاران قبضو ڪرڻ جي ڪوشش خلاف باڊهه ۾ هندو پنچائت پاران اقليتي برادري جي ماڻهن پنچائت جي صدر ڪنعيا لعل، پرسرام ڏوڏائي، منور لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنت موهن داس درٻار کان شهر جي حيدر چوڪ تائين احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو وي
وڌيڪ پڙھو -
13 مارچ
حڪومت مشرف جي پاليسين کي ختم ڪرڻ بجاءِ جاري رکيو،شفقت حسين انڙ
پ پ حڪومت پنجن سالا حڪومتي دور ۾ پاڪستان کي ايترو نقصان پهچايو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، سنڌ مفاد پرست ۽ ڌرتي دشمن وڏيرن کي ضلعا ۽ تعلقا ورهائي ڏنا ويا، جن اتي پنهنجي اسٽيٽ قائم ڪري ورتي، دهشتگردي جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن
وڌيڪ پڙھو -
11 مارچ
باڊهه:صفائي واري عملي پاران 3 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف بک هڙتال
باڊهه ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پاران 3 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون هال اڳيان ڪوڙل ملاح، خادم بروهي، رستم ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ملازمن چيو ته گذريل 3 مهينن کان وٺي پگهارون ناهن ڏنيون ويو، جنهن ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن
وڌيڪ پڙھو -
11 مارچ
باڊهه: قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس هٿان پنهنجي امڙ اڳيان بيدردي سان قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او باڊهه امير بخش پٺاڻ ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف قومپرست تنظيمن پاران ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
11 مارچ
باڊهه:علم جي هٿيار سان بهتر معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو، حاڪم چانڊيو
باڊهه جي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ چانڊيا برادري جي چڱي مڙس رئيس حاڪم چانڊيو کي برادري جي چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن سرائي محمد وارث سرگاڻي، فدا حسين سيهڙ، گلاب خان ڪولاچي، اسلام الدين جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
11 مارچ
باڊهه ويجهو راڌڻ موٽر سائيڪل ۽ گڏهه گاڏي جي وچ ۾ ٽڪر
باڊهه ويجهو راڌڻ روڊ تي گهانگرڪي ٻيلي وٽ موٽر سائيڪل ۽ گڏهه گاڏي جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ باڊهه واسي موٽر سائيڪل سوار 20 سالا نوجوان وحيد موريو سخت زخمي ٿتي پيو، جنهن کي باڊهه هيلٿ سينٽر ۾ آڻڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
10 مارچ
باڊهه: نامعلوم هٿياربند ڦورن طرفان ڳوٺاڻي کان ڦر
باڊهه: باڊهه ڀرسان سيوهاڻي-باڊهه روڊ تي جادم شاخ وٽ نامعلوم هٿياربند ڦورو باڊهه جي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن جي رهواسي رانجهن سرگاڻي کي يرغمال بڻائي کائنس موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو