باڊھ
-
اپریل- 2013 -5 اپریل
اڳوڻو ڪائونسلر وزير حسين ڦلپوٽو 70 ورهين جي ڄماري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
باڊهه: باڊهه شهر جي سياسي ۽ سماجي شخصيت اڳوڻو ڪائونسلر ۽ ڦلپوٽا برادري جو چڱو مڙس وزير حسين ڦلپوٽو ڪجهه وقت کان وٺي فالج ۽ دل جي بيمارين ۾ مبتلا رهڻ بعد 70 ورهين جي ڄماري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
وڌيڪ پڙھو -
5 اپریل
باڊهه: بوائز هاءِ اسڪول جو استاد غلام رضا سرگاڻي لاڏاڻو ڪري ويو
باڊهه ويجهو ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ بوائز هاءِ اسڪول جو استاد غلام رضا سرگاڻي ڪجهه وقت ڪاري ڪامڻ جي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ ڪالهه 40 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریل
ملڪ جو عوام پ پ پارٽي کان بيزار ٿي چڪو آهي، امداد چولياڻي
پي ايس 41 جي اميدوار ۽ نواز ليگ اڳواڻ امداد چولياڻي باڊهه ۾ صحافي ڀائرن عبدالخالق مغيري ۽ منصور مغيري سان سندن والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني جهڙا تحفا ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریل
باڊھ: ٽي وي ڪيمرا مين جو مامو لاڏاڻو ڪري ويو
باڊهه ۾ هڪ نجي ٽي وي جي ڪئمرامين الهيار عرف مهراڻ چانڊيو جو مامو گلاب خان چانڊيو ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریل
جيئي سنڌ متحده محاذ تي پابندي خلاف احتجاجي مظاھرو
جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۽ جي ايس او (آزاد) تي هنيل پابندي خلاف باڊهه ۾ جسمم پاران شهر جي درگاهه شريف چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن اڪبر ڍڪڻ، غفور ساريو، اسلم گوپانگ ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي رياست دنيا ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسند طور سڃاڻپ رکي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریل
اليڪشن جا اميدوار پگهر هاڻن، پيري اگهاڙين، ڳوٺاڻن کي ٻٽا ڀاڪر پائين ٿا
هر موسم جو پنهنجو مزو هوندو آهي پر اليڪشن جي آمد به بهار جي مند جيان آهي چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي ايترا ته اميدوار ظاهر ٿي پيا آهن، جيئن وسڪاري کان پوءِ ٿر ۾ کنڀيون ،وڏيرڪيون لينڊ ڪروزرس ۽ پيجارو گاڏيون اڳ جيڪي وي آءِ پي روڊن تي بنا بريڪ گھمندي نظر اينديون هيون
وڌيڪ پڙھو -
2 اپریل
باڊهه:بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
باڊهه ڀرسان ڳوٺ ٻنڍي ۾ بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن باڊهه شهر پهچي ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دوست محمد، اصغر ساريو، امتياز علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي بند پيل آهي
وڌيڪ پڙھو -
1 اپریل
بشير خان قرشي جو ويجهو ساٿي قومي ڪارڪن نظير احمد سومرو لاڏاڻو ڪري ويو
باڊهه جي ڳوٺ سيهڙ وليج جو رهواسي قومي تحريڪ واري جدوجهد ۾ هر وقت سرگرم رهندڙ ۽ بشير خان قرشي جو ويجهو ساٿي قومي ڪارڪن نظير احمد سومرو ڪجهه وقت بيمار کان ڪاري ڪامڻ جي بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد 42 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -31 مارچ
بروھي ڀائرن پاران چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ حصو وٺڻ جو اعلان
لاڙڪاڻي ضلعي جي اين اي 205، پي ايس 35 ۽ پي ايس 41 تي آزاد اميدوارن جي حثيت سان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سوين گاڏين جي جلوس ۾ لاڙڪاڻي وڃي نامزدگي فارم جمع ڪرايا
وڌيڪ پڙھو -
26 مارچ
باڊھ 10 سالن جي نينگر جي ڄنگهه مٿان ٽرڪ جو ٽائر چڙهي ويو
باڊهه ۾ غازي چوڪ وٽ پيارو خان ساريو پاڙي جي رهواسي نينگر 10 سالا رياض حسين سومر جي ڄنگهه مٿان ٽرڪ جو ٽائر چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي باڊهه هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻو حادثاتي شعبي ڏانهن نيو ويو.
وڌيڪ پڙھو