باڊھ
-
اپریل- 2013 -30 اپریل
باڊھ: سنڌ جو عوام چونڊن ۾ ڪوڙا نعرا هڻندڙن کي ووٽ هر گز نه ڪندو، بروھي ڀائر
پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سيهڙ، يارو لاکير، ويهڙ، سامٽيا، وڳڻ، لالو رائنڪ، نصيرآباد، باڊهه، وڏي وهڻي، ننڍي وهڻي، نئون ڳوٺ، ٻاٻوري، بٺ شاخ، سائين داد جوڻيجو، ۽ ٻين ڳوٺن جو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ته پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
29 اپریلاليڪشن 2013
پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آھن، ڊاڪٽر صفدر عباسي
ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ بينظير ڀٽو پارٽي کي زندهه رکيو شهيد راڻي جي وڇوڙي بعد پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار اين اي 205 جي آزاد اميدوار اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ رٽائرڊ ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر غلام سرور چنه پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
27 اپریل
پ پ پ سنڌ جي وحدانيت جي خلاف فيصلا ڪيا،سيد نور محمد شاهه
ڏوڪري ۽ نصيرآباد تعلقن تي مشتمل صوبائي تڪ پي ايس 41 تي چونڊ وڙهندڙ آزاد اميدوار سيد نور محمد شاهه پنهنجون چونڊ سرگرميون تيز ڪري تڪ جي ڪيترن ئي ڳوٺن توڙي شهر جا طوفاني دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻي ڪري عوام کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته سندس طوفاني دورن دوران علائقن جي مختلف برادرين ۽ چڱن مڙسن پاران سندس حمايت ڪري کيس ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
24 اپریل
پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو، ن ليگ اميدوار
پي ايس 41 تي مسلم ليگ (ن) جي نامزد اميدوار امداد چولياڻي چيو آهي ته پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو، بدامني چوٽ چڙهيل هئي ۽ عوام کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو هن ڪالهه باڊهه ۾ اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ پارٽي جي قائم ڪئمپ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ جي حڪمرانن عوام کان ووٽ وٺي عوام سان ئي ويساهه گهاتي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
24 اپریل
موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي ناھي رھي، ڊاڪٽر صفدر عباسي
اين اي 205 جي آزاد اميدوار ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ ڪانڌڙا برادري جي اڳواڻ الهه رکيو ڪانڌڙو پاران سندس مان ۾ ڏنل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي نه رهي آهي، موجوده پ پ زرداري واري پ پ پارٽي آهي، جنهن وٽ غريب عوام لاءِ ڪو به پروگرام ڪونهي
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
باڊھ: ڪنڀر برادري جو ڪٺ، مشروط ووٽ ڏيڻ جو اعلان
باڊهه ويجهو ڳوٺ ٻلهڙجي ۾ آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران برادري جي ماڻهن جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ شاهنواز ڪنڀر، علي گوهر ڪنڀر، رجب ڪنڀر، نظر محمد ڪنڀر، علي اصغر ۽ ٻين چڱن مڙسن شرڪت ڪئي، ڪٺ کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪنڀر اتحاد برادري جو ڪٺ وڏو ووٽ بئنڪ آهي
وڌيڪ پڙھو -
21 اپریل
باڊهه، سن واقعي جي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران نندا
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سن واقعي خلاف اسد گوپانگ، وفا صالح راڄپر، نور خان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وو هي اوٻاش اميدوار ملڪ اسد سڪندر جي غنڊن فائرنگ ڪري ايس يو پي جي حامين کي سخت زخمي ڪيو آه
وڌيڪ پڙھو -
21 اپریل
باڊھ ٻڏي ويل ٻارڙن جا لاش ملي ويا
شهر جي پٺاڻ محله جي رهواسين پورهيت منظور علي چنو ۽ رجب علي چنا جا معصوم ٻارڙا 6 سالن جو شاهنواز ۽ 5 سالن معراج چنو پاڙي جي ٻارڙن سان گڏجي باڊهه شهر وچان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ لاءِ ويا جيڪي وهنجندي گهري پاڻي ۾ هليا ويا ۽ ٻڏي فوت ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
20 اپریل
سراج دراني پاران صحافي کي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاھرو
باڊهه ۾ ڳڙهي ياسين جي صوبائي تڪ تي پ پ اميدوار آغا سراج دراني ۽ سندس ڀاءُ آغا مسيح مهراڻ ٽي وي جي رپورٽر امداد ککراڻي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف صحافين ۽ قومپرست تنظيمن پاران مهراڻ چانڊيو، خادم سومرو، مجيد جهتيال، نظام ڪولاچي، فقير فياض ڪانڌڙو، وحيد ڳاهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،
وڌيڪ پڙھو -
16 اپریل
باڊهه شهر ۽ ان جي آسپاس شهرن توڙي ڳوٺن ۾زلزلي جا جهٽڪا
باڊهه شهر ۽ ان جي آسپاس شهرن توڙي ڳوٺن ۾ 2 لڳي 45 مٽن تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته زلزلي سبب شهري توڙي دڪاندار روڊن تي نڪري آيا.
وڌيڪ پڙھو