ڪالم
-
جولائی- 2011 -13 جولائی
کاڌي خوراڪ جي کوٽ۽ اسان جو سماج
کاڌي خوراڪ جي کوٽ دنيا جووڏو مسئلو ٿي ويو آهي ،جنهن ۾ سمورو سنسار ان دلدل ۾ ڦاسندو وڃي پيو . خوراڪ جي کوٽ کي مدنظير رکندي ڀارت،وٽنام ۽ مصر ۾ چانورن جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن سان بنگالدش ،افغانستان ،۾ وڌيڪ صورتحال خراب ٿيندي. دنيا جا سڌريل ملڪ ان دلدل مان نڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن. پر هن ڪائنات ۾ غريب ملڪ بک ،بيروزگاري،منگائي جي ڄار ۾ جھڪڙجي رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ پاڪستان بـ شامل آهي . هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 22 ملن ٽن ڪنڪ ساليانو استعمال ڪا ضرورت آهي جڏهن تـ اسان جي ملڪ ۾ صرف 30 مٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي لڳ ڀڳ پيداوار لهي ٿي ،جيڪا ضرورت کان تمام گھٽ آهي . ورلڊ بنئڪ جي رپورٽ مطابق گذريل 3 سالن ۾ غذائي کوٽ منگائي جي ڪري 10ڪروڙ ماڻهون متاثر ٿيا آهن.خوراڪ ۽ زراعات وارين تنطيمن جي رپورٽ مطابق آفريڪا جي 36 ملڪن مان 21 ملڪن کي خوراڪ جي کوٽجي ڪري پنهنجي تحفظ جو مسئلو ٿي ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
12 جولائی
سنڌي هجڻ جي سزا
پاڪستان جا خالق ۽ ان کي اڏيندڙ، ڏکڻ ايشيا کي پهريون قائد ڏيندڙ، پهريون گورنر جنرل، اسيمبلي مان پاڪستان جي حمايت ۾ ٽهراءُ منظور ڪرائيندڙ ، ڪلمي گو،پر،نسلن ڌارين کي پناه تي حب وطن ۽ حب اسلام جي پوري پوري پاسداري ڪندي دل جا دروازا کولي ڌرتيءِ تي پناه ڏيندڙ، منيئ صدئ کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود، هر دوءُر جي آمر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ جمهوريت لاءِ جان گهوري، جمهوري پاسداري جي محافظ ، اڄ بـ ملڪ جي ”اصلي تي وڊا“ جي عتاب جو نشانو بڻجندڙ يا بڻيل، اسلام ۽ پاڪستان جي نام نهاد نعري ۽ نالي جي آڙ ۾ ”اڻ ڪئي گذارڻ جي سزا“ ڀوگيندڙ سنڌ ۽ سنڌي پنهنجي صوبي جي واحد ۽ ملڪ جي واحد وفاق ۽ جمهوريت پرست پارٽي کي (پاڻ مٿان لڳل هر الزام، هر ڌاريپ جي احساس کي پوئتي ڦٽي ڪندي فراخدئي ۽ سچائي سان) ستون دفعو وفاقيت جو مظاهرو ڪندي محب وطن ۽ سچو پاڪستاني هئڻ جو ثبوت ڏيندي”بلئنڪ چيڪ“ ڏيندڙن جي چونڊيل نمائندن عوامي، جمهوري حڪومت ۾ بـ ڪتاب هيٺ آهن
وڌيڪ پڙھو -
11 جولائی
ڪراچي ۾ رتوڇاڻ
روشنين جي شھر ڪراچي کي يقينن ڪنھن جي نظر لڳي وئي آھي، ھن شھر کي غريبن جي ماءُ سڏيو وڃي ٿو، جتي پوري پاڪستان مان ايندڙ ماڻھو پنھنجو ۽ پنھنجي ٻارن جو پيٽ پالي رھيا آھن. سڀ کان وڌيڪ پختون آبادي ڪراچي ۾ رھيل آھي، ٽرانسپورٽ جو گھڻو ڪاروبار پٺاڻن جي ھٿ ۾ آھي، چانھھ ۽ کائڻ پيئڻ جا گھڻا کوکا بھ پٺاڻن جا آھن، مزدوري، پھريداري، چوڪيداري ۽ صنعت جي تعميراتي ۾ بھ پٺاڻ جو ھڪ تمام وڏو حصو ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن شھر ۾ ھڪ وڏي بلوچ آبادي بھ رھيل آھي، فطري طور تي دلير بلوچ قوم جا ماڻھو ان ساحلي شھر ۾ وڏي تعداد ۾ سامونڊي واپار ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل ڪاروبار ڪندا رھن ٿا. ھن شھر ۾ سنڌين جو ھڪ وڏو تعداد بھ رھي ٿو، پنجابي بھ پنجاب جي مختلف شھرن مان اچي ڪراچي جي معاشرت ۾ رٽجي وسي چڪا آھن. ھن شھر جي اڪثريتي آبادي اردو اسپيڪنگ ماڻھن تي ٻڌل آھي
وڌيڪ پڙھو -
10 جولائیآرٽيڪل
موبائل، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ ڪرائم قسط پھرين
اڄ ڪلھھ جي دور ۾ موبائل ڪميونيڪشن ۽ انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ سان جرم به وڌندا پيا وڃن ۽ انھن جو اڪثر شڪار نوجوان ٿين پيا، ان ڪري مون سوچيو ته ھڪ اھڙو سلسلو شروع ڪيو وڃي جنھن ۾ اھڙن واقعن جي باري ۾ نوجوانن کي ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن اھي پاڻ کي مجرمن کان بچائي سگھن.
وڌيڪ پڙھو -
10 جولائی
واپسي
آمريڪي صدر باراڪ اوباما افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي جنھن تحت ھن مھيني کان افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويندو. ھن سال .1 ھزار آمريڪي فوجي ھليا ويندا جڏھن تھ آئيندھھ سال 52 ھزار آمريڪي فوجي افغانستان جي سرزمين کي ڇڏي ويندا. ٽن سالن جي دوران افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جي تعداد ۾ چٽي خاصي گھٽتائي ڪئي ويندي، آمريڪي فوجين جي افغانستان مان واپسي ھڪ تاريخ جو ورجا/ ھوندو، ان تاريخ ۾ افغانستان ۾ غير ملڪي فوجون ڪڏھن بھ مستقل قيام ناھن ڪري سگھيون ۽ افغان سرزمين کي ھڪ ڏينھن ڇڏي وڃن ٿيون. دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قيادت ڪندڙ ملڪ آمريڪا جي فوجين جي واپسي حقيقت ۾ افغانستان مان پوري نيٽو فوج جي واپسي جو پيش خيمو آھي، ان سان ئي اولھھ ملڪن جي فوجين جي واپسي جو عمل بھ شروع ٿي ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
8 جولائی
گئس جي قيمتن ۾ واڌ
پاڪستان ۾ گئس جي گھرج ۾ لڳاتار واڌ ٿي رھي آھي ان جي نسبت پيداوار تمام گھٽ آھي، گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن جو منھن دنيا جي انھن تمام ملڪن کي آھي جتي توانائي جا قدرتي ذخيرا گھٽ آھن ۽ آبادي ۾ تيزي سان واڌ ٿي رھي آھي. پاڪستان بھ انھن ملڪن ۾ شامل آھي، جتي قدرتي وسيلن جو بي دردي سان استعمال ڪيو ويو، ھر سال لکين گھريلو، صنعتي ۽ تجارتي ڪنيڪشن بنا سوچي سمجھي ۽ بغير رٿابندي جي فراھم ڪرڻ جو نتيجو اڄ سامھون اچي رھيو آھي ۽ پوري قوم ان جا نتيجا ڀُڳتي رھي آھي. گئس جا موجودھھ ذخيرا تيزي سان گھٽبا پيا وڃن جڏھن تھ نوان ذخيرا ڳولڻ جي شرح اُھا ناھي جنھن جي ضرورت آھي. پاڪستان ۾ گئس جون قيمتون اڄ بھ پوري دنيا ۾ سڀ کان گھٽ آھن، دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ گئس سان وھجڻ جو پاڻي گرم ڪرڻ جي عياشي جو تصور نٿو ڪري سگھجي
وڌيڪ پڙھو -
2 جولائی
ڀلا سانا آھي ڇا؟ عزيز ناريجو
سانا جو 27هون ساليانو ڪنوينشن 1 جولاءِ تي سينٽ لوئس، مِزوري، اميريڪا ۾ شروع ٿي ويو آهي. ان موقعي تي سانا جي باري ۾ هي مضمون ڏئي رهيا آهيون جيڪو گذريل سال هيوسٽن، ٽيڪسس ۾ ٿيل سانا جي 26هين ساليانا ڪنوينشن جي سووينيئر ۾ ڇپيو هو وقفي وقفي سان اُتر اميريڪا ۾ رھندڙ دوست خيالن جي ڏي وٺُ ڪندا رھندا آھن ته آخر سانا آھي ڇا؟ ڪڏھن ڪڏھن اھا ڏي وٺُ کان وڌيڪ وٺُ پڪڙ لڳندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ته مورڳو لفظن جي ٺُشم ٺُشا ۾ تبديل ٿي ويندي آھي. جڏھن ته ڳالھ ته سانا جي باءِلاز ۾ پڌري پٽ پئي آھي پر تڏھن به ڪِن دوستن وٽ ِاھا اڃا ڳجھارت ئي بڻيل آھي ڪي دوست چون ته سانا ته رُڳو آھي ڪچھرين لاءِ. ڪي چون ته سانا آھي ئي اُتر اميريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي خذمت لاءِ ته ڪي چون ته نه سانا جو مقصد ته آھي سنڌ جي سنڌين جي مدد ڪرڻ ڪن سڄڻن جو پڪو پھ آھي ته سانا کي سماجي سرگرمين تائين محدود رکجي ته ڪي چون ته سانا سنڌ جي حقن جي حفاظت نه ڪئي ته ان جو وجود ئي بيڪار! ڪي چون ته سانا ساليانو ڪنوينشن ڪري وڌو ته گھڻو ٿيو، وڏو خير کٽيوسون.…
وڌيڪ پڙھو -
1 جولائی
بجيٽ خسارو
آئيندھ مالي سال جي بجيٽ خساري جو ھدف چار سيڪڙو ۽ معاشي ترقي جو ھدف بھ چار سيڪڙو رکيو ويو آھي، خطي جا ٻيا ملڪ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح سان ترقي ڪري رھيا آھن، خاص ڪري ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون معيشتون مستحڪم ٿي رھيون آھن. پاڪستان دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن رياست ھجڻ سبب معاشي بحران ۽ مشڪلات جو شڪار آھي، پاڪستان کي اولھھ ۽ اوڀر سرحدن تي يڪسان ڌيان ڏيڻو پيو پوي جڏھن تھ ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش سان اھڙا ڪي بھ معاملا نھ آھن. پاڪستان افغانستان سان جاگرافيائي طور تي جڙيل آھي، افغانستان تي سوويت يونين جا قبضا ۽ ان کان پوءِ طالبان جي حڪومت وري نيٽو فورسز ۽ آمريڪي فوج جي اچڻ جا براھ راست اثر پاڪستان تي پيا. سوويت جي افغانستان تي قبضي دوران بھ پاڪستان پرائي جنگ جو ھڪ حصو بڻجي ويو ھو، دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بھ پاڪستان فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻجي چڪو آھي.
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2011 -30 جون
لاڙڪاڻو ساھھ سيباڻو، ھجيئي ناڻو تھ گھم لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سائين جا ٻھ تڪيا ھڪ ڳوٺ نائچ، ڳوٺ آچر گوپانگ ۾ آھن، سچل سرمست سائين جو تڪيو لاھوري محلي ۾ واقع آھي ۽ ٻڍل سرڪار جو تڪيو پڻ آھي.
وڌيڪ پڙھو -
30 جون
گئس پائپ لائن منصوبا
پاڪستان ۾ گئس جا موجودھھ ذخيرا تيزي سان گھٽجي رھيا آھن، جيتوڻيڪ گئس جا نوان ذخيرا بھ ڳوليا پيا وڃن پر تيزي سان وڌندڙ آبادي جي تناظر ۾ نوان دريافت ٿيندڙ گئس جا ذخيرا ضرورتن جي ڀيٽ ۾ ڪافي گھٽ آھن. حڪومت ھر سال لکين گھريلو، صنعتي ۽ تجارتي صارفين کي گئس جا نوان ڪنيڪشن ڏئي ٿي، جڏھن تھ ملڪ جي مختلف حصن ۾ گئس چوري جي واقعن ۾ بھ واڌ ٿي رھي آھي، قدرتي گئس الله تعاليٰ جو وافر مقدار ۾ قيمتي تحفو آھي پر ماضي جي حڪومتن ۾ انھن قدرتي ذخيرن جو بي دردي سان استعمال ڪيو ويو. قيمتي گئس کي پاڻي گرم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو، پاڪستان ۾ گئس جون قيمتون پوري دنيا ۾ سڀ کان گھٽ ھيون، قدرتي گئس کي پيٽرول جي جاءِ تي استعمال ڪرڻ واري پاليسي بھ صحيح ثابت نھ ٿي، سي اين جي فيول متعارف ڪرائڻ سبب پوري ملڪ ۾ کُمڀين وانگر سي اين جي اسٽيشنون ڦُٽي پيون ۽ اھا گئس گاڏين ۾ بطور اينڌن استعمال ٿيڻ سان گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن وڌندو ويو
وڌيڪ پڙھو