ڪالم

  • مئی- 2012 -
    23 مئی

    مھاجر صوبو جو ڊرامو ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ جا ڪير ذميوار؟.

    22 مئي تي سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي عاشقن "محبت سنڌ" ريلي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ، ڪراچي سٽي الائينس جي اڳواڻ سردار عذير جان بلوچ، ظفر بلوچ ۽ بلوچستان قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ پرامن ريلي لياريءَ کان ڪڍي وئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 23 مئی

    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

    ڪراچيءَ ۾ 22 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر دهشت گردن رت جي هولي کيڏي، ڌرتي جي آواز کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. پر سنڌ جي دلير فرزندن، نياڻين پنهنجي سيني تي گوليون کائي، ڌرتيءَ کي پنهنجي رت جو ريج ڏئي، وڏي حوصلي همت سان چيو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    جھموريت بهترين انتقام،اصول،منزل ڪڏهن ٿيندي؟

    ساغر علي ڀٽو جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ٻاهرين غلامي،ٻاهرين ڍڪٽيشن وٺڻ بند ڪري ملڪي معاملا پنهنجي ملڪي ماڻهن جي صلاح،مشوري،عقل فراست ۽ دورنديشي سان حل ڪري هلايا وڃن.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ٻين ملڪن کان پنڻ ۽ قرض وٺڻ بند ڪري ڏاهپ،غيرت،مُڙسي سان پنهنجا ملڪي وسيلا ڪتب آڻي پنهنجي ملڪ کي خوشحال ۽ خودڪفيل بڻايون.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ملڪي ۽ غير ملڪي طاقتن جي سازشن جو خاتمو ڪيون جن پنهنجي ناجائز غير قانوني،ظلم ۽ ڦرلٽ تي ٻڌل بي انصافي واري نظام کي آڻڻ،ٻين تي مڙهڻ ۽ مقامي ملڪن ۽ طاقتن کي پنهنجي مڪاري واري ڄار ۾ ڦاسائي،بي بس ڪرڻ،تباه ڪرڻ ۽ ان عمل کي جاري ساري رکڻ لاءِ قومي اتحاد جهڙا ملڪ دشمن اتحاد ٺهرايا.اهڙي طرح ملڪ جي معيشت کي جڏو ۽ ڪمزور ڪيو ۽ ملڪ جي محسنن کي ڦاهي چاڙهايوويو.جھموريت بهترين انتقام تڏهن ٿيندي جڏهن ان جا سسٽم قانون اهڙا ته مربوط،ڪامل ۽ اثر وارا بڻايون جو وري ڪڏهن ذالفقار علي ڀٽي جهڙو اڳواڻ ڦاسيءَ تي نه چڙهي سگھي ۽ نه ڪنهن وزير اعظم کي ڪير گولي لڳائي ۽ قتل ڪري سگهي. ۽ نه وري ملڪ جي قائد کي گاڏي خراب ٿيڻ جي بهاني ڪئي ڪلاڪ دير ڪرائي کيس ڪيترو وقت سيريس (نازڪ) ٿيڻ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    بشير خان قريشي جو وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو سانحو

    سنڌ جي وحدت ۽ جياپي لاءِ رتوديرو جي ھڪ عام نوجوان طور جڏھن ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان اھي نعرا بلند ٿيا سنڌ جو شان بشير خان، سنڌ جو ابو جھاد بشير خان ۽ پوءِ انھيءَ نوجوان مسلسل سنڌ سان اھڙو تھ پيار ۽ عشق ڪيو جو سندس ڪچھرين، رھاڻين ۾ لکين، ڪروڙين ماڻھو ان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    بشير خان قريشي جو وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو سانحو

    سنڌ جي وحدت ۽ جياپي لاءِ رتوديرو جي ھڪ عام نوجوان طور جڏھن ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان اھي نعرا بلند ٿيا سنڌ جو شان بشير خان، سنڌ جو ابو جھاد بشير خان ۽ پوءِ انھيءَ نوجوان مسلسل سنڌ سان اھڙو تھ پيار ۽ عشق ڪيو جو سندس ڪچھرين، رھاڻين ۾ لکين، ڪروڙين ماڻھو ان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    نوان صوبا …. قوم متحد، ملڪ مضبوط

    تاريخ ۾ اھڙا تمام گھٽ خوش نصيب ھوندا آھن جيڪي ڪنھن بھ ملڪ يا قوم جي سڃاڻپ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اھڙا ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ رھندڙ دنيا تائين سندن نالو ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن ڏيئو ھوندو آھي. پاڪستان کي وجود ۾ ايندي 46 سال ٿي ويا آھن پر اڄ بھ باني پاڪستان جو نالو ھر ٻار، پوڙھي، جوان ۽ بزرگ کي ياد آھي ۽ اھو سلسلو ھميشھ قائم رھندو. اھڙي طرح مقامي طور تي جيڪو بھ شخص پنھنجي علائقي، قوم يا مذھب جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي ٿو اھو بھ عوام جي نظرن ۾ وڏي اھميت رکي ٿو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 مئی

    حڪمرانن جي نااهليءَ جي سزا، عوام ڪيستائين ڀوڳيندو؟

    سنڌ جي حڪمرانن جي نااهليءَ سبب اڄ لياري ٻري رهي آهي. سنڌ جا هيءُ قديم رهواسي روز لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن جنهن ڪري هو جنهن پارٽيءَ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ به نه ڪيٻائيندا هئا اڄ مجبور ٿي لياري واسي پ پ ڇڏي رهيا آهن. پر اسان جي سنڌ جي حڪمرانن کي ڪابه سمجهه نه ٿي اچي، نه وري وٽن ڪا اهليت آهي جو اهي لياري جو مسئلو حل ڪري سگهن يا حل ان ڪري نه ٿا ڪرڻ چاهين جو کين لساني تنظيم کي ناراض ناهي ڪرڻو. سنڌ جو اهو الميو آهي ته سنڌ کي جيڪي سنڌي حڪمران ملن ٿا انهن ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهليت ناهي، جنهن ڪري جمهوريت جي دعوي ڪرڻ باوجود به حڪمران لياريءَ سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن کي بندوق جي زور تي حل ڪرڻ چاهين ٿا، کانئن اها ڳالهه وسري وئي آهي ڀُٽي به بندوق جي زور تي بلوچن کي ماٺ ڪرائن جي ڪوشش ڪئي جنهن ڪري اڄ به بلوچ ڀُٽي خاندان کان سخت نفرت ڪن ٿا ۽ اهو ڏوهه اڄ تائين پ پ ڌوئي ته نه سگهي آهي، پر ان ڏوهه ۾ وري به اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي هالت هوندي به لياري جي بلوچن پ پ…

    وڌيڪ پڙھو
  • جنوری- 2012 -
    16 جنوری

    سائين جي ايم سيد جي پيغام جي پڪار ڪڏهن گونجندي.

    دنيا جي اندر ماڻهو پنهنجي ڪردار جي وسيلي نه صرف ڄاتو،سڃاتو ۽ ياد رکيو وڃي ٿو پر اهو ڪردار ئي آهي جنهن جي ڪري ٻيا ماڻهو ان کي رهندڙ دنيا تائين خراج تحسين پيش ڪن ٿا نه رڳو ايترو پر ان جي ڪردار تي پاڻ به عمل ڪرڻ جا مشورا ڏين ٿا سنڌ جي سچي عاشق سائين جي ايم سيد جو ڪردار به انهن ماڻهن مان هڪ آهي جنهن جي کري طبيعت۽ چٽي ڪردار تي ماڻهو روشني وجهڻ سان گڏ رهنمائي به حاصل ڪن ٿا اهو انڪري سيد کي ياد ڪيو وڃي ٿو جو سائين جي ايم سيد به پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين مستقل مزاجي سان سنڌ ڌرتيءَ لاءِ جدوجهد ڪئي ان جي جدوجهد يا ڪردار بابت ڪافي ڪجهه لکجي چڪو آهي،سندس کري طبيعت ۽ پنهنجي غلطين جي اعتراف ان جي ڪردار کي اڃان به واضع ڪري ڇڏيو آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس سخت ترين مخالف به دنگ رهجي سندس مثال ڏيڻ تي مجبور ٿيندا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جنوری

    سي اين جي سلينڊر جي ڌماڪن ۾ ضايع ٿيندڙ انساني جانين جو ذميوار ڪير……؟

    پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون مناسب اگهه کان وڌي وڃڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽرن توڙي عام ماڻهن پاران سفر جي سهولت کي سستو بڻائڻ لاءِ گاڏين ۾ سي اين جي ڪٽون هڻائي آسان سفر ڪرڻ شروع ڪيوئي مس هو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ تي هلندڙ گاڏين بسن، ويگنن، ڪوسٽرن، توڙي هيوي ويهيڪلز ۾ سلينڊرن جو ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيڻ معمول بڻجي چڪو آهي، حڪومت توڙي وس وارن تي فرض هو ته ٽرانسپورٽ جي گاڏيء ۾ ٿيل پهرين ڌماڪي کانپوءِ ئي ترت حفاظتي اپاء وٺڻ ۽ انهن ڌماڪن کي روڪڻ لاءِ ڪاقانونسازي يا ڪي حفاظتي اپاء وٺن ها پر وقت سر ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ جي ڪري ٽرانسپورٽرن پاران گيس تي هلندڙ گاڏين جا سلينڊر تبديل نه ڪرڻ ۽ انهن جي مناسب مرمت نه ڪرڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گاڏين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ هڪ رواج بڻجي ويو آهي. خيرپور سميت سنڌ جي مختلف شهرن توڙي قومي شاهراهن تي هلندڙ گاڏين ۾ گذريل هڪ مهيني دوران چار ڇرڪائيندڙ واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ پهريون واقعو خيرپور ضلعي جي احمدپورواري علائقي منگهنواري وٽ پيش آيوجنهن ۾ خيرپور کان احمدپور ويندڙ مسافر ويگن ۾ منگهنواري وٽ اوچتو گيس جو سلينڊر…

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جنوری

    ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صحت جون اڻپوريون سهولتون ۽ سماجي تنظيمن جو ڪردار

    اڄڪلهه جي دور ۾ صحت معاشري جي هر فرد جو مسئلو بڻيل آهي جيتوڻيڪ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي اولين ذميواري هوندي آهي پر ڪجهه ادارا پنهنجي ذميواري کان غيرجانبداري ڪندي نظراچن ٿا. پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جتي سزا ۽ جزاجو عمل نه هئڻ ڪري هر ماڻهو پنهنجي ذميواري کان پاڻ کي آجوسمجهي ٿو، پاڪستان جي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کان ڪوبه پڇاڳاڇا ڪرڻ وارو نه هئڻ ڪري ادارا ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيا آهن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجون من مانيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان ۽ سنڌ کي ڇڏي جيڪڏهن اسان صرف خيرپور ضلعي جي صحت بابت قائم ڪيل سرڪاري ادارن جي ڳالهه ڪيون ته خيرپور ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ڪنگري، گمبٽ، سوڀوديرو، ٺري ميرواهه، خيرپور، ڪوٽڏجي، فيض گنج ۽ نارو تعلقن جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران قائم ڪيل گورنمنٽ ڊسپينسريون، بنيادي صحت مرڪز، رورل هيلٿ سينٽر، ميٽرنٽي هومز توڙي تعلقه اسپتالن جي حالت ڪنهن ڪٻاڙخاني کان گهٽ نه آهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اهي ادارا صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهي ادارا پاڻ بيمار نظر اچي رهيا آهن. جيڪي ادارا پاڻ بيمار…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button