ڪالم
-
جولائی- 2014 -19 جولائی
سنڌ جي تعليم جي بدتر صورتحال
سنڌ ۾ تعيلم جي بدتر صورتحال جي ڳالھ ته هرڪو ئي پيو ڪري پر ان جي بهتري لاءِ ڪو به عملي طرح ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇو ته فقط تنقيد براءِ تنقيد اسان سنڌين جي فطرت آهي. هر سال سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ 11اربن کان به وڌيڪ رقم رکي ٿي پر بجاءِ بهتري جي ڏينهون ڏينهن تعليم جي صورتحال بدتر ٿيندي پئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
17 جولائی
ماهيگير مسئلن جي ڄار ۾
دنيا جي ٻين ڪمن ۽ مزدوري مان ماهيگيري هڪ سخت محنت طلب ڪم آهي، ماهيگير سخت سردي، گرمي، بارش جهڙيون حالتون هجن پر هو سمنڊ ۾ تيز لهرن سان مقابلو ڪري ٻچن لاءِ روزي جي ڳولا ڪن ٿا. ڪجهه ماهيگير روزاني ۽ ڪجهه هفتيوار هجي يا وري طوفان ۽ جيڪڏهن وڏا هوڙا آهن ته پندرهن ڏينهن کان هڪ مهيني لاءِ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ وڃن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت
غزا فلسطين جي اتر ۾ واقع هڪ متنازع علائقو آهي. غزا جو بارڊر هڪ طرف کان مصر سان ملي ٿو ۽ ٻئي طرف کان اسرائيل سان.غزا تي فلسطين جي هڪ ويڙهاڪ گروپ حماس جي حڪومت آهي. ۽ 2012ع ۾ گڏيل قومن غزا کي فلسطين جو حصو قرار ڏنو. غزا ۾ مسلمانن جي آبادي ۾ سني فرقي جي ماڻهن جي اڪثريت آهي.
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
"زندگي هڪ مسافري آهي”
سنڌ جي سريلي سرزمين تي ڪيئي نامور شخصيتون آهن جن پنهنجي فني صلاحيتن سان پنهنجي ڌرتي جو نانءُ مٿانهون ڪيو آهي. انهن شخصيتن مان مرحوم استاد پنهل خان مستوئي به هڪ آهي. استاد پنهل خان مستوئي هڪ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ پنهنجي سچائي سان سنڌ جي خدمت ڪيائين.
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
مسئلن جي ور چڙهيل سنڌي سماج ۽ تبديلي جو خواب
هتي سڀ ڪجھ ساڳيو ئي رهندو، ڪجھ به ته تبديل نه ٿيندو، ڪيترن ئي سالن کان ڪجھ به ته ناهي بدليو فقط حڪومتون اچن ۽ وڃن ٿيون پر مسئلا اتي جو اتي. شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سبب ڪيترائي جنازا کڄندا ٿا رهن، ڳوٺن ۾ معصوم ٻار اغوائن ۽ ڏاڍاين جا شڪار ٿيندا ٿا رهن
وڌيڪ پڙھو -
11 جولائی
عمران خان جو 14 آگسٽ وارو اعلان ۽ نواز حڪومت….
اسان جي ملڪ ۾ وڏو هنگامو برپا آهي اسان جي سياسي ليڊر اهو چاهن ٿا ته هتان جي عوام کي جيئڻ ئي نه گهرجي، اهڙي ڪيفيت ۾ وري ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ٿا ڇڏين. ماڻهو ڪن به ڇا! کين لٽيو ۽ ڦريو ٿو وڃي، مايوسيءَ جو اٿاهه سمنڊ اسان جي سامهون آهي.
وڌيڪ پڙھو -
10 جولائی
اديب وفا صالح راڄپر جي سار لڌي وڃي!!!!
موهن جي دڙي جي ڪُک مان جنم وٺ وٺندڙ سنڌ جي اديب، شاعر، نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪار وفا صالح راڄپر جيڪو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بيماري جي بستري تي پيل آهي پر وفا صالح راڄپر جي سار نه پئي لڌي وڃي، وفا صالح راڄپر هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ۽ اديب آهي پر افسوس جو ثقافت کاتي پاران وفا جي سار نه لڌي وئي آهي، وفا هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، هو انتهائي غريب، مسڪين آهي
وڌيڪ پڙھو -
6 جولائی
رمضان شريف جو مقدس مهينو ۽ عوام مٿان مهانگائي جو ميزائل…..
ڪنهن دور جي ڳالھ آهي ته رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ وڏو احترام ڪيو ويندو هيو ۽ هر شيءَ ۾ سستائي ڪئي ويندي هئي غريبن مسڪينن جو وڏو خيال رکيو ويندو هيو، جنهن جي گهر ۾ کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو هيو ته ان جي سرندي وارا مدد ڪندا هئا ۽ رستي تان گذرندڙ بکايل جي بک ۽ اڃايل جي اُڃ ختم ڪئي ويندي هئي
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2014 -10 جون
شهيد راڻي بهادري جو اعلى مثال هئي…
سنڌ جي مردم خيز مٽي اهڙين عظيم، اڏول ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي. اهڙن عظيم ڪردارن جي ڪري 5000 سالن واري تاريخ، تهذيب، تمدن جي وارثن ڌرتي ڌڻين جو سدائين ڳاٽ اونچو رهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
عظيم صوفي بزرگ جو ميلو انتظاميا جي لاپرواهي
ميلا سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا رنگ اسان پنهنجي عظيم بزرگن، اوليائن ۽ غوثن وغيره جي ياد ۾ ملهائيندا آهيون. اهي ميلا بهار وانگر هر سال ايندا رهندا آهن ۽ هر سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آهن.
وڌيڪ پڙھو