کالم

  • جولائی- 2011 -
    4 جولائی

    عوامي حڪومت ۽ صوبائي خودمختياري

    موجودھھ عوامي حڪومت 2013ع ۾ پنھنجو آئيني مدو پورو ڪري جڏھن عوام جي عدالت ۾ ويندي تھ پاڪستان جي تاريخ ۾ ھڪ ٻئي شاندار باب جو اضافو ٿي چڪو ھوندو، ڇوتھ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري جي ئي قيادت ۾ ھيءَ ٻي عوامي جمھوري حڪومت ھوندي جنھن پنھنجو آئيني مدو پورو ڪيو ھوندو، ملڪي تاريخ شاھد آھي تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي صدر آصف علي زرداري تائين جو ڪٺن سفر پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن وڏي حوصلي، لگن ۽ بھادري سان طئي ڪيو ۽ ڪڏھن بھ ڪنھن آمر جو سھارو وٺڻ جي بدران ھميشھ عوامي جدوجھد تي يقين رکيو. ملڪي تاريخ شاھد آھي تھ عوام بھ ڪڏھن پاڪستان پيپلزپارٽي جو ساٿ نھ ڇڏيو، انھيءَ جي ڪري تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پ پ پ جي منشور ۾ عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو ھو. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوام جو رشتو جيستائين پاڪستان آھي قائم رھندو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button